پشاور (ويب ڊيسڪ) آرمي چيف جنرل سيد عاصم منير دهشتگردن جي نيٽورڪ کي ختم ڪرڻ ۽ قومي سلامتيءَ کي نقصان پهچائيندڙ عنصرن جون پاڙان پٽڻ جو عزم ورجايو آهي. پاڪ فوج جي ترجمان اداري آءِ ايس پي آر موجب، آرمي چيف جنرل عاصم منير پشاور ڇانوڻيءَ جو دورو ڪيو جتي ڪور ڪمانڊر پشاور سندس آڌرڀاءُ ڪيو. آءِ ايس پي آر موجب، آرمي چيف کي موجودا سيڪيورٽي صورتحال ۽ خطي ۾ دهشتگردي جي خاتمي لاءِ جاري آپريشنز جي اڳڀرائي تي گڏيل بريفنگ ڏني ويئي، ان موقعي تي خيبرپختونخوا جو وڏو وزير علي امين گنڊاپور ۽ فيلڊ ڪمانڊرز پڻ موجود هئا. آءِ ايس پي آر موجب، آرمي چيف مادرِ وطن جي دفاع لاءِ جوانن جي بيمثال قربانين کي ساراهيو، شهيدن ۽ غازين کي زبردست ڀيٽا پيش ڪئي. آءِ ايس پي آر موجب، آرمي چيف دشمنن، دهشتگردن جي نيٽورڪ کي ختم ڪرڻ ۽ قومي سلامتيءَ کي نقصان پهچائيندڙ غيرقانوني عنصرن جون پاڙون پٽڻ جو عزم ورجايو. آرمي چيف چيو ته جوانن جي قربانيون اسان جي قومي عزم جون بنياد آهن، قربانيون هٿياربند فوج ۽ قانون لاڳو ڪندڙ ادارن جي جذبي ۽ لڳاءُ کي تحريڪ ڏين ٿيون. هن وڌيڪ چيو ته دشمن عنصرن جي ناپاڪ ارادن کي ناڪام بڻائڻ پهرين ترجيح آهي، فوج قانو لاڳو ڪندڙ ادارن سان گڏ امن دشمنن جو پيڇو ڪندي.
سعودي عرب خلاف زهر اوڳاڇيو ويو ان کان وڌيڪ ملڪي دشمني نٿي سگهي
دهشتگردن جو نيٽورڪ ختم ڪرڻ جو عزم، فوج امن دشمنن جو پيڇو ڪندي
اڊيالا جيل ۾ عمران خان جو سيل ٿاڻو قرار، پوليس مقرر
پي ٽي آءِ جو احتجاج، اسلام آباد ايندڙ موٽر وي اڄ کان بند
ٽرانسپورٽ کاتي جون زمينون خالي ڪرائڻ جو فيصلو
سنڌو دريا اسان جو ساهه آهي، ڪينال ڪڍڻ جي اجازت نٿا ڏئي سگهون
هي آخري احتجاج آهي، 24 نومبر واري فيصلي تي عمل ڪنداسين
پي ٽي آءِ احتجاج، عدالتي فيصلي تي پوري طاقت سان عملدرآمد جو اعلان
پنجاب ۾ قلم 144 لاڳو، جلسن، ريلين ۽ ڌرڻن تي بندش
ڪي پي پوليس جي آفيسرن ۽ اهلڪارن لاءِ نوان ظابطا اخلاق جاري
چمبڙ: ڳوٺ ڇتن آريسر ۾ نوجوان ناري آپگهات ڪري ڇڏيو
ڪنڌڪوٽ ۾ کوسا ۽ گولا برادري ۾ تڪرار، هڪ ڄڻو قتل، هڪ زخمي
آءِ نائن ٿاڻي تي ڪيس ۾ علي امين گنڊاپور اشتهاري قرار
لاهور دنيا جي آلوده ترين شهرن ۾ پهرين نمبر تي برقرار
سياري جي موڪل بعد سمورن ٻارن کي ٽرانسپورٽ ڏيڻ جو حڪم
بشريٰ جو بيان عوام کي گمراهه ڪرڻ جي برابرآهي : ارسلان
بشريٰ بي بي جا ناقابل ضمانت وارنٽ جاري، گرفتاري جو حڪم
عمران سان ملاقاتون نه ڪرائڻ تي جيل سپرنٽينڊنٽ جي معافي قبول
عدالتي رپورٽنگ تي پيمرا جي پابندي ڪالعدم قرار
مان ۽ جاويد ڇوڪرين سان دوستين ۾ مقابلو ڪندا هئاسين: سيد نور