ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاه سنڌ جي گورنر محمد ڪامران ٽيسوري ۽ پنهنجي ڪابينا سان گڏ يوم پاڪستان جي مناسبت سان ملڪ جي باني کي خراج عقيدت پيش ڪرڻ لاءِ قائداعظم جي مزار تي حاضري ڏني. ميڊيا سان گالهائيندي وڏي وزير 23 مارچ 1940 جي اهميت کي اجاگر ڪيو. وڏي وزير چيو ته اڄ قرارداد جي 85هين سالگره آهي. هن تاريخي موقعي تي پاڪستان جي باني جي خواب مطابق پاڪستان جي تاريخ کي ترقي لاءِ دعا ڪئي ۽ اميد ظاهر ڪئي ته هي ملڪ هڪ اسلامي جمهوري رياست جي حيثيت سان ترقي ڪندو رهندو. مراد علي شاهه پاڪستان جي وجود ۾ اچڻ جي حوالي سان سنڌ جي اهم ڪردار تي روشني وجهندي چيو ته 3 مارچ 1943 تي سنڌ اسمبلي سڀ کا پهرين پاڪستان جي قرارداد جي منظوري ڏني. هن چيو ته آزادي جي هي جدوجهد 14 آگسٽ 1947 تي پنهنجي عروج تي پهتي، جڏهن پاڪستان اسلامي اصولن تي قائم هڪ آزاد ملڪ جي طور تي ظاهر ٿيو. اڄ ملڪ کي پيش ايندڙ چيلنجز جي حوالي سان مراد علي شاهه دهشگردي خلاف قومي اتحاد ۽ اقتصادي ترقي لاءِ گڏيل ڪوششن جي ضرورت تي زور ڏنو. هن سڀني شهرين تي زور ڀريو ته هو ملڪ دشمن طاقتن خلاف هڪ ٿين جيڪي پاڪستان جي استحڪام لاءِ خطرو آهن ۽ قوم کي پيش ايندڙ ڪنهن به خطري خلاف سڀ کي هڪ ٿيڻو پوندو. مراد علي شاهه 1971ع جي المناڪ واقعن جو به ذڪر ڪيو ۽ ٻڌايو ته ڪهڙي ريت اڳوڻي وزيراعظم شهيد ذوالفقار ڀٽو پاڪستان جي ٻيهر تعمير ۽ متحد ڪرڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪيو. هن چيو ته 1977ع ۾ جڏهن هڪ فوجي آمر چونڊيل حڪومت جو تختو اونڌو ڪيو ته جمهوري عمل ۾ خلل پيو ۽ گهڻن ماڻهن ان کي ملڪ جو ڪارو ترين دور قرار ڏنو. هن دهشتگردي جي عروج کي آمر جي دور سان ڳنڍيندي چيو ته آئين جي معطلي جا سنگين نتيجا نڪتا. خيبر پختونّخواهه ۽ بلوچستان ۾ دهشتگردي جي تازن واقعن سميت جعفر ايڪسپريس تي حملي ۽ نوشڪي، قلات ۽ بنون ۾ پيش ايندڙ واقعن تي تبصرو ڪندي مراد علي شاهه قومي سلامتي جي اهميت تي زور ڀريو. هن اهڙي جماعتن تي تنقيد ڪئي جن پهرين قومي سلامتي ڪميٽي جي اجلاسن ۾ شرڪت کي نظرانداز ڪيو ۽ هن ڳالهه جو عزم ڪيو ته دهشتگردي کي گڏيل طور تي منهن ڏيڻ گهرجي. وڏي وزير عوام تي زور ڀريو ته هو پاڪستان جي ڏينهن ملڪ جي خوشحالي لاءِ جدوجهد ڪرڻ لاءِ پنهنجي عزم کي ورجائين. هن تمام سياسي قوتن جي زور ڀريو ته هو هڪ ٿي پاڪستان جي ترقي ۾ پنهنجو حصو وٺن، جهڙي ريت شهيد ذولفقار علي ڀٽو پاڪستان کي ايٽمي طاقت ٺاهڻ ۾ ڪردار ادا ڪيو هو ۽ شهيد محترمه بينظير ڀٽو قومي دفاع لاءِ ميزائل ٽيڪنالوجي کي هٿي وٺرائي. وڏي وزير چيو ته پاڪستان کي غير مستحڪم ڪرڻ ۽ دهشتگردن جي پٺڀرائي ۾ غير ملڪي عنصرملوث آهن ۽ ان خطرن جو مقابلو ڪرڻ لاءِ متحد محاذ جي ضرورت آهي. پاڪستان پيپلزپارٽي جي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري ۽ صدر آصف علي زرداري جي قيادت ۾ سنڌ حڪومت قومي ترقي ۽ قومي سلامتي لاءِ پرعزم آهي. مراد علي شاهه فلسطين ڪشمير ۽ يمن جي ظلم سميت مسلم دنيا کي پيش ايندڙ چيلنجز تي ڳالهه ٻولهه ڪئي. هن لاهور ۾ تاريخي اسلامي سربراهي ڪانفرنس جي ميزباني ڪرڻ واري شهيد ذولفقار علي بهٽو جي قيادت جو حوالو ڏيندي چيو ته اسلام دشمن قوتن جو مقابلو ڪرڻ لاءِ اسلامي قومن جي وچ ۾ اتحاد کي هٿي ڏيڻ لازمي آهي.
