ديشا پٽاڻي جي والد سان25 لکن جو فراڊ، ڪيس داخل

ممبئي (ويب ڊيسڪ)بالي ووڊ اداڪارا ديشا پٽاني جي پيءُ سان25 لک رپيا فراڊ ڪيو ويو.ڀارتي ميڊيا موجب اداڪارا جي پيءُ رٽائرڊ ڊپٽي ايس پي جگديش سنگهه پٽاني کي 5 ماڻهن جي ٽولي 25 لک رپين جو ڌمڪيون ڏنيون.ڀارتي پوليس موجب انهن ماڻهن ادڪارا جي پيءُ کي سرڪاري ڪميشن ۾ اعليٰ عهدو ڏيڻ جو واعدو ڪيو هو.ڀارتي ميڊيا موجب جمعي ڏينهن بريلي ڪوتوالي پوليس اسٽيشن ۾ ايف آءِ آر داخل ڪئي وئي هئي.پوليس موجب جوابدار خلاف ڌمڪيون، ڌمڪيون ۽ ڀتا خوري جو ڪيس داخل ڪيو ويو آهي.داخل ٿيل ڪيس ۾ ٻڌايو ويو آهي ته اداڪارا جي والد کان 5 لک نقد ۽ 20 لک رپيا 3 مختلف بئنڪ اڪائونٽس ۾ منتقل ڪري ورتا ويا.

پهنجو تبصرو موڪليو