دُڪي ۾ کاڻ تي هٿياربندن جو حملو، 20 مزدور مارجي ويا، 7 زخمي

دڪي (ويب ڊيسڪ)بلوچستان جي علائقي دڪي ۾ مقامي ڪوئلي جي کاڻ تي هٿياربندن جي حملي ۾ کاڻ تي ڪم ڪندڙ 20 مارجي ويا ۽ 7 زخمي ٿي پيا.پوليس موجب اڻڄاتل هٿياربندن رات دير سان چيئرمين حاجي خيرالله جي ڪوئلي جي مائنن تي راڪيٽ گرنيڊن سان حملو ڪيو. ۽ اتي موجود معدنيات تي فائرنگ ڪئي، جنهن ۾ 20 مزدور مارجي ويا ۽ 7 زخمي ٿي پيا.پوليس موجب، حملن ۾ مارجي ويلن جو تعلق پشين، قلعه سيف الله، زوب، مسلم باغ، موسيٰ خيل، ڪچلاڪ ۽ افغانستان سان آهي.دڪي اسپتال جي ميڊيڪل آفيسر ڊاڪٽر جوهر سدوزئي موجب هٿياربندن جي حملي ۾ زخمي ٿيلن کي ڊڪي اسپتال ۾ طبي امداد ڏيڻ بعد ٽيچنگ اسپتال لورالائي منتقل ڪيو ويو آهي.ميڊيڪل آفيسر موجب دڪي ڪوئلي جي مائن ۾ ڌماڪي ۾ 19 ڄڻا مارجي ويا، فوتين جو تعلق قلعه سيف الله، پشين، ژوب ۽ مسلم باغ سان آهي، مارجي ويلن ۾ لورالائي، ڪچلاڪ ۽ موسيٰ خيل جا 3 مزدور به شامل آهن ڪم ڪندڙن جو تعلق افغانستان سان آهي.ڪول مائن جي مالڪ حاجي خيرالله جو چوڻ هو ته هٿياربندن ڪوئلي جي 10 کانن جي مشينري کي به باهه ڏئي ڇڏي آهي، واقعي جو اطلاع ملڻ تي پوليس ۽ ايف سي واقعي واري هنڌ پهچي سرچ آپريشن شروع ڪري ڇڏيو.

پهنجو تبصرو موڪليو