وفا سانوڻ نوحاڻي
دنيا جي نقشي تي مسلمانن جو ھڪ عظيم ملڪ پاڪستان موجود آهي ، جنهن کي وجود ۾ آڻڻ جي لاءِ پاڪستاني قوم تمام وڏيون قربانيون ڏنيون آهن ، پاڪستان جي لاء پاڪستاني قوم جي بزرگن وڏيون قربانيون ڏئي پنھنجو ملڪ حاصل ڪيو آهي ، جيڪو دنيا جي نقشي ۾اسلامي ملڪ آهي ، جنهن ۾ مختلف قومن جا ماڻهو رهن ٿا ، انھيءَ سمورين قومن جي ماڻهن سان جڙيل ھي ھڪ گلدستو آهي جنهن جو نالو آهي پاڪستان ، اسان جي پياري پاڪستان ۾ سمورن مذهبي فرقن سان واسطو رکندڙ ماڻهو رهن ٿا ، ھر مذهبي فرقي جو ماڻهو پنهنجي فرقي جي نظريي تحت عبادت ڪري ٿو ، ۽ پنھنجون عبادت گاھون جوڙي سگھي ٿو ، نه رڳو ، مسلمانن کي پنهنجي ملڪ ۾ فرقن تحت عبادت ڪرڻ جي آزاديءَ حاصل آهي ، پر سمورن فرقن جي عبادتن ، ۽ عبادتگاهن جو احترام ڪيو وڃي ٿو ، انھيءَ کان علاوه ، غير مذھبن کي به پنهنجي پنهنجي ، نظريي عقيدي مطابق عبادت ڪرڻ عبادتگاهون قائم ڪرڻ جو به حق حاصل آهي ، ۽ پوري آزادي حاصل آهي ، دنيا جي ملڪن ۾نه ڪنهن کي ايتري آزادي حاصل آهي ، ۽ نه ئي ،ايترو ھڪٻئي جي عبادتن عبادتگاهن جو احترام ڪيو وڃي ،جيترو اسان جي عظيم ملڪ پاڪستان ۾ ڪيو وڃي ٿو ، نه رڳو ايترو مذهبي يا غير مذهبي بنياد تي ماڻهن کي آزادي حاصل آهي ، پر ، مڪمل سياسي پارٽين کي به آزادي حاصل آهي ، جيڪي پنهنجي پنهنجي نظريي جي مطابق سياست ڪري رھيون آھن ، پوءِ اھي جماعتون ڀلي ڪھڙو به نظريو رکندڙ ھجن ، ائين پاڪستاني قوم بلڪل ھڪ آزاد قوم بڻجي دنيا جي نقشي تي موجود آهي ، جنهن پاڪستان پنهنجي عظيم رھبرن جي رھنمائي سان پنهنجي دفاع جي لاءِ اھم ڪردار ادا ڪيو آهي ، ۽ پاڪستان جو دفاعي پوزيشن تمام مضبوط مستحڪم آهي ، جيڪا ملڪ دشمنيءَ جي مرض ۾مبتلا قوتن کان برداشت نه ٿي رهي آهي ، پوء اھئي نام نهاد قوتون ، اندروني ھجن ، يا ، پرڏيهي ھجن ، پاڪستاني قوم ھر ، ڏتڙيل قومن جو احترام ڪيو ، انهن کي پنهنجي ڌرتيءَ تي رھڻ جي لاءِ جا۽ ڏني ، پر افسوس سان لکڻو ٿو پوي ته انهن پاڪستاني قوم سان پنهنجائپ وارو ڪردار ادا نه ڪيو ، پر پرڏيهي ايجنٽ وارو ڪردار ادا ڪيو ، پاڪستان جھڙي عظيم اسلامي ملڪ ۾ نفرتون پيدا ڪري ، دھشتگردي کي جنم ڏنو ، جنهن ظالم دھشتگردي ھزارين معصوم پاڪستانين کي پنهنجي وحشت دھشت گردي جي ھٿان شھيد ڪري رهيا آهن ، اسان پوري پاڪستاني قوم کي دھشتگردي جي خلاف جدوجھد ڪرڻ گهرجي ، ۽ ھر دھشتگردي کي ، للڪارڻ گھرجي ، دھشتگردي ، دھشتگردي آهي ، پوءِ اھا ڪھڙي به روپ ۾ھجي ، اھا مذهبي نام نهاد بنياد تي ڪئي وڃي ، قومي بنياد تي ڪئي وڃي ، ذاتيات جي بنياد تي ڪئي وڃي ، پر دھشتگردي ڪھڙي به روپ ۾ھجي اھا دھشتگردي آهي ، پاڪستان جيڪو عظيم اسلامي ملڪ آهي ، جنهن وٽ ائٽمي طاقت موجود آهي ، جنهن وٽ ائٽمي قوت آهي ، جيڪو پنهنجي دشمنن سان اکيون اکين ۾ملائي منھن ٽوڙ جواب ڏيڻ جي سگهه رکي ٿو ، جنهن اسلامي ملڪ وٽ ميزائيل ٽيڪنالاجي جي طاقت موجود آهي ، جنهن سبب پاڙيسري دشمنن جون ننڊون حرام ٿي ويون آهن ، جيڪي پاڪستان سان سڌي ريت مقابلو ڪرڻ جي ھمٿ جرئت نه ٿا ڪري سگهن ، ته پوءِ نام نهاد ايجنسين جي ذريعي ملڪ دشمنيءَ ۾ مبتلا قوتن سان گڏجي پاڪستان کي ڪمزور ڪرڻ جي لاء دھشتگردي ڪرائي رھيا آھن ، جنهن جي نتيجي ۾ پاڪستان ۾ دھشتگردي عروج تي پهچي وئي آهي ، روزاني جي بنياد تي ڪي پي ڪي ، بلوچستان ، قبائلي علائقن ، سميت پاڪستانين جو خون وھايو پيو وڃي ، ڪڏهن سيڪيورٽي فورسز تي حملا ڪري پنهنجي وطن جي عظيم محافظن کي شھيد ڪيو پيو وڃي ، ته ڪڏهن وري مزدوري ڪندڙ مسڪين مزدورن کي ائين بي درديءَ سان شهيد ڪيو پيو وڃي ، ته وري ڪڏهن ، مسافر گاڏين مان مسافرن کي لاھي شناختي ڪارڊ چيڪ ڪري قومي بنيادن تي شھيد ڪيو پيو وڃي ، ته ڪڏهن ريل گاڏين جي پٽڙي کي بمن سان اڏايو پيو وڃي ، مسافرن کي اغوا ڪري ذاتيات قومي ، صوبائي بنيادن تي شھيد ڪيو پيو وڃي ، ته وري ڪڏهن مذهبي فرقن جي بنياد تي مظلوم انسانيت جو رت وهايو پيو وڃي ، آخر ، ڇو ، پاڪستان دنيا ۾ ٿيندڙ دھشتگردي جي خلاف آواز بلند ڪيو آهي ، ۽ دھشتگردي جي خلاف اھم ڪردار ادا ڪيو آهي ، ته پوءِ دنيا پاڪستان ۾ٿيندڙ دھشتگردي تي خاموش ڇو بڻيل آهي ، ڇو دھشتگردن کي مختلف روپ ۽ رنگ ڏئي انهن جي حوصلا افزائي ڪئي پئي وڃي ، اھيو ، ٻٽو معيار دنيا کي ختم ڪرڻو پوندو ، ۽ پاڪستان ۾ ٿيندڙ دھشتگردي تي آواز اٿارڻ گهرجي ، ۽ پاڪستان جي عظيم ڌرتيءَ تي دھشتگردي جي سپورٽ ڪندڙ ملڪن ، ۽ انھن جي ايجنٽن ، کي روڪڻو پوندو ، جيڪڏهن پاڪستان ۾ ٿيندڙ دھشتگردي جي پاڙيسري ملڪن پاران سپورٽ ختم نه ڪئي وئي ، پاڪستان جي اندروني صورتحال ۾ ٿيندڙ مداخلت کي نه روڪيو ويو ، ته پوءِ پاڪستان کي پنهنجي ڌرتيءَ ۽ پنھنجي قوم جي دفاع جو پورو حق حاصل آهي ، جيڪو حق دنيا جي ڪا به طاقت پاڪستاني قوم ، کان کسي نٿي سگهي ، پاڪستان جو وجود پاڪستاني قوم جي سلامتي سان جڙيل آهي ، جنهن کي قائم رکڻ جي لاءِ ھر قرباني ڏيڻ لاءِ تيار آهي ، پوء اھا قرباني رڳو پاڪستاني فوج سيڪيورٽي فورسز جا نوجوان نه پر پوري پاڪستاني قوم ھڪ آواز بڻجي ڏيندي ، ڇا ، ھن پاڪستاني قوم جو خون ايترو سستو ٿي ويو آهي جو دھشتگردي جي ذريعي روزاني وطن دشمن وھائيندا رھندا ، اسان پاڪستاني پنهنجي مظلوم پاڪستاني عوام جي وھندڙ رت تي صرف افسوس جو اظهار ڪري ويھي خاموشيءَ سان ڏسندي ٻئي ٿيندڙ دھشتگردي جو انتظار ڪندا رھندا سين ، ھرگز نه ، وقت اچي ويو آهي ، ته ھاڻي اسان کي پنهنجي ڌرتيءَ ملڪ جي بقاءَ جي جنگ وڙھي عوام جو تحفظ ڪرڻو پوندو ، نه ڪي ملڪ دشمنيءَ جي مرض ۾مبتلا قوتن سان اڃا به خاموش تماشائي بڻجي وقت وڃايون ، پاڪستان جي آئين کي جيڪو به مڃي ٿو ، اگر انھن سان رياست جي طرفان ڪا ، ناانصافي ٿي آهي ، ته انهن جو آئيني فورمن تي ازالو ڪيو وڃي ، يا ڪنهن حڪومت ، وفاقي يا صوبائي پاران ڪا ناانصافي ٿي آهي ، ته اھا ھرگز نه ٿيڻ گهرجي ، ۽ انھن ناانصافين جي خلاف جدوجھد آئيني قانوني طريقي سان ڪرڻ جو ھر پاڪستاني کي حق حاصل آهي ، آئيني فورمن تي آواز اٿارڻ گهرجي ، نه ڪي بندوق جي زور مظلوم انسانيت جو قتل عام ڪري رياست تي حملا ڪري ، جيڪڏهن ڪو انھيءَ کي پنهنجي حقوق جي جدوجھد قرار ڏئي ٿو ، ته اھا پاڪستاني آئين مطابق جدوجهد احتجاج نه پر دھشتگردي آهي ، پوءِ اھا دھشتگردي بلوچستان ۾ھجي ، يا سنڌ ۾ھجي ، يا پنجاب ۾ھجي ، گلگت بلتستان ۾ ھجي يا آزاد ڪشمير ۾، يا کڻي ڪي پي ڪي ۾، ٿيندڙ دھشتگردي ھجي ، ھر دھشتگردي جي ور چڙهيل شھيد پاڪستاني قوم جا سمورا ماڻهو عظيم آهن ، جيڪي شھيد ٿي رھيا آھن ، ۽ دھشتگرد قاتل آهي ، پوءِ ان جو تعلق ڪھڙي به قوم قيبلي سان ھجي ، يا مذهبي فرقن جي بنياد تي ٿيندڙ دھشتگردي ھجي ، يا ، نام نهاد ٺيڪيدار اسلام جي نالي تي دھشتگردي ڪندڙ ھجن ، اھئي سمورا دھشتگردن جا نام نهاد ايجنٽن جا حربا استعمال ٿيندڙ آهن ، جن جي ذريعي دھشتگردي کي رنگ ڏنا ويندا آهن ، پر دھشتگردي جي اصل چھرو دھشتگرد آهي ، جيڪو بلڪل بي نقاب ٽي چڪو آهي ، دھشتگردن سان ڪنهن به قسم جي رعايت ، شھيدن جي خونن سان غداريءَ جي برابر آهي ، جن ھزارين شھيدن ھن ملڪ ۽ قوم جي خاطر پنهنجي جانين جا نذرانا پيش ڪري ملڪ ۽ وطن جو دفاع ڪيو آهي ،، اسان جي پياري پاڪستان جي حڪمرانن ۽ عظيم رياست جي رکوالن کي ھاڻ دھشتگردن جي خلاف اعلان جنگ جو آغاز ڪرڻ گهرجي ، تمام گھڻو ٿي ويو آهي ، ھزارين مظلومن جو بيگناهه رت وهايو ويو آهي ، لکين ماڻهن کي ھنن وحشين جي وحشت جي ور چاڙهيو ويو آهي ، ڪيترائي معصوم ٻارڙا ظالم دھشتگردن جي ھتان يتيم ٿي چڪا آهن ، ڪيتريون مظلوم انسانيت دھشتگردي جي ور چڙهي وئي آھي ، ھاڻ پاڪستان جي عوام کي دھشتگردي جي رحم ڪرم تي ڇڏي نه ٿو سگهجي ، ھاڻ ، رياست کي ، دھشتگردي جي خلاف جنگ جو آغاز ڪرڻ گهرجي ، پوءِ اھا ڪھڙي به روپ ۾ھجي ، اھا دھشتگردي جي خلاف جنگ پوري طاقت سان وڙهڻي پوندي ، پوءِ اھا سرحدن جي اندر وڙھڻي پوي ، يا ، ٻاھر ، وڃي ، دھشتگردي خلاف جنگ وڙهڻ گهرجي ، اسان کي پنھنجو دفاع مضبوط مستحڪم ڪرڻ گهرجي ، افغانستان ، ڀارت ، پاڪستان جي اندر ٿيندڙ دھشتگردي جي سرپرستيءَ ڪري رهيا آهن ، جيڪو ھڪ رياست جي خلاف اعلان جنگ آهي ، جڏهن ته پاڪستاني قوم دھشتگردي جي خلاف جنگ ۾وڏيون قربانيون ڏنيون آهن ، جن کان ڪير به انڪار نه ٿو ڪري سگهي ، افغانستان ، ڀارت جو پاڪستان۾ ٿيندڙ دھشتگردي ۾ ڪردار آهي ، ھوءَ نام نهاد ايجنٽن جي ذريعي پاڪستانين جو قتل عام ڪرائي رھيا آھن ، رياست کي دھشتگردي جي خلاف جنگ وڙهڻ گهرجي ، جيستائين ھڪ به ملڪ دشمن دھشتگرد زندھ ھجي ايستائين پنھنجي دشمنن جي خلاف ويڙه جاري رکڻ گهرجي ،پنھجي عظيم پاڪستاني قوم جي قاتلن کي ڪيفر ڪردار تائين پهچائڻ گھرجي ،ملڪ ۽ ملڪ جي عوام جو تحفظ ڪرڻ وقت جي حاڪمن ۽ رياست جي اھم ذميواري آهي ، ھاڻي ھن پرامن اسلامي رياست ۾ تمام گھڻو مظلوم انسانيت جو رت ريلا ڪري وھي چڪو آهي ، مظلوم عوام جي بيگناهه وھايل خون جو حساب ڪتاب ٿيڻ گهرجي ، انھيءَ جي لاءِ ملڪ جي ھر شھري جي جان و مال جي حفاظت رياست جي ذميواري آهي اھا رياست کي ذميواري اوليت جي بنياد تي ادا ڪرڻ گهرجي ، گذريل ڪيترين ئي سالن کان ھن پرامن رھندڙ ملڪ جو امن ملڪ دشمن قوتن داءُ تي لڳائي ڇڏيو آهي ، جنهن ملڪ جو وجود اسلامي ملڪ طور دنيا جي نقشي تي موجود آهي ، جيڪا سرزمين صوفين درويشن جي ڌرتيءَ آهي ، جنهن ڌرتيءَ تي ھميشه امن محبت ڀائيچاري جو درس ڏنو ويو آهي ، انھيءَ ملڪ جي ڌرتيءَ اتي جي امن جو پيغام ڏيندڙ ن جي لاءِ تنگ ڪئي وئي آهي ، آخر ، ڇو ، اسان جي ملڪ ۾ دشمن جي سازشن ذريعي خون جي ھولي کيڏي ويندي ، آخر ته انھيءَ وحشت دھشت جو ڪڏهن به انت ٿيڻو آهي ، ھاڻي اسان جي حڪومت ، ۽ رياست کي بلڪل اھيو فيصلو ڪرڻو پوندو ، ته ملڪ ۽ دھشتگردي پاڻ ۾ گڏجي ھلي نٿا سگهن ، انسانيت جي روپ ۾مظلوم انسانيت جو قتل عام ڪندڙن وحشين دھشتگردن کي پنهنجي انجام تائين پهچائڻ جو وقت اچي چڪو آهي ، آخر ڪيستائين تائين پاڪستاني قوم پنهنجي شھيدن کي پنهنجي وطن جي جھنڊي جي ڪفن ۾ويڙهي لاشن دفن ڪندي رهندي ، ۽ دھشتگرد ائين ديدہ دليري سان پاڪستان جي مظلومن جي خون سان کيڏڻ جي ڪندا رھندا ، انھيءَ ڪري ھاڻي وقت جي اھم ضرورت آهي ته دھشتگردن جي بندوقن جو جو جواب ، بندوق سان ڏنو وڃي ، شھرين جي جان جي حفاظت رياست جي ذميواري آهي ، اھا ذميواري پوري ڪرڻ جي لاء رياست ۽ حڪمران پنهنجي ذميواري پوري ڪرڻ جي لاء ھر وقت تيار رهي عوام جي حفاظت ڪن ، جيڪڏهن اڃا به ڪنهن مصلحت کان ڪم ورتو ويو ، ته خدا نه ڪري ھي وحشي دھشتگردن جي ھتان قوم ۽ پاڪستان کي تلافي نقصان پھچي سگھي ٿو ، ڇو ته دھشتگردن ھر طرح سان رياستي رٽ کي چئلينج ڪيو ويو آھي ، جيڪي دھشتگردي ذريعي رياست کي چيلينج ڪرڻ جي ڪوشش ڪن ، انھن سان نرميءَ جو فيصلو ئي عقلمندي ڪونهي ، انھن کي انھيءَ ئي انداز سان پيش اچڻ ئي رياست جو وقتائتو قدم ھوندو آھي ، ھاڻي اسان جي پياري پاڪستان جي حڪمرانن ۽ رياست جي ادارن کي ملڪي دفاع جي خاطر ، پنهنجي ملڪ جي عوام جي تحفظ جي خاطر ، ملڪ دشمنن کي منهن ٽوڙ جواب ڏيڻ گھرجي ، انساني زندگين سان کيڏندڙ دھشتگرد ڪنھن بہ رعايت جا حقدار نه آهن ، انھن کي سبق سيکارڻ ئي وقت جي اھم ضرورت آهي ، جيڪڏهن ڀارت ، ۽ افغانستان کي امن جي ٻولي سمجه ۾ن ٿي اچي ته پوءِ انهن کي به انھيءَ انداز سان جواب ڏنو وڃي ، جنهن جا حقدار آهن ، ھر قيمت تي پاڪستان ۽ پاڪستاني قوم جو تحفظ ڪيو وڃي ، ۽ ھزارين دھشتگردن جي ھتان بي گناھ شھيد ڪيل وطن واسين جو بدلو ورتو وڃي ، شھيدن جي خون سان انصاف ڪيو وڃي ، ۽ انھن عظيم شھيدن جي خون تي سوديبازي ڪرڻ جي بجاءِ ، انھن سان رياستي وفا داري جو وچن ورجايو وڃي ، ڪنھن به ظالم وحشي دھشتگردن ۽ انھن جي سھولت ڪارن کي بخش نه ڪيو وڃي ، شھيدن جي خون جي قطري قطري جو حساب ڪتاب ورتو وڃي ، ۽ پاڪستان ۾انتشار پيدا ڪندڙ پاڙيسري دشمنن کي به منھن ٽوڙ جواب ڏنو وڃي ، ملڪ جي بقاءَ عزت عظمت وقار سلامتي جي لاءِ ھر قدم کنيو وڃي ، ائين نه ٿئي جو ايندڙ وقت ۾ پورو ملڪ دھشتگردي جو شڪار ٿي وڃي مظلوم عوام جون خون ملڪ جي گلين گهٽين ۾وھايو وڃي ، ۽ اسان انهن دھشتگردن جي آڏو بيوس بڻجي وڃون ، پاڪستان ۽ پاڪستاني قوم جو وجود ، دھشتگردن جي رحم ڪرم جي نظر ٿي وڃي، انھيءَ کان پھريان دھشتگردن پاران ٿيندڙ دھشتگردي جي ناسور جو خاتمو ضروري آهي ،
