لاهور (ويب ڊيسڪ)ذڪا اشرف انٽرنيشنل ڪرڪيٽ ڪائونسل جي سالياني اجلاس ۾ شرڪت لاءِ سڀاڻي ڏکڻ آفريڪا روانو ٿيندو.ذريعن موجب پي سي بي جي سي او او سلمان نصير به پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ مئنيجمينٽ ڪميٽي جي چيئرمين ذڪا اشرف سان گڏ هوندو.آءِ سي سي جو ساليانو اجلاس 10 کان 13 جولاءِ تائين ڏکڻ آفريڪا جي شهر ڊربن ۾ ٿيندو.ذريعن موجب آءِ سي سي اجلاس ۾ اهم معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي ويندي، جڏهن ته سالياني رپورٽ ۽ مستقبل جي پلان تي به غور ڪيو ويندو.ذريعن جو چوڻ آهي ته آءِ سي سي پاڪستان ۾ ٿيندڙ چيمپيئنز ٽرافي 2025ع بابت ميمبرن کي بريفنگ ڏيندو، جڏهن ته اجلاسن جي موقعي تي پي سي بي جا آفيسر ميمبر ملڪن جي آفيسرن سان به ملاقاتون ڪندا.ذريعن موجب ملاقات دوران اي سي سي جي ميمبرن سان گڏ ايشيا ڪپ جي ميچن سميت ٻين معاملن تي به ڳالهيون ٿينديون.
ملڪ ڪاروبار دوست ناهي رهيو ، بزنس فورم جو ناڻي واري وزير کي خط
سال 2025 ۾ عام موڪلون ۽ اختياري موڪلون 40 ٿينديون،جاري نوٽيفڪيشن
ڪئنال نڪرڻ سان سنڌ بنجر بڻجي ويندي:رياض چانڊيو
ڊجيٽل رائٽس بل آڻينداسين، نوجوان تجويزون ڏين: بلاول ڀٽو
فوجي عدالت جي فيصلي جي مذمت، چئلينج ڪرڻ جو اعلان
حڪومت جو شاگردن کي هڪ لک اليڪٽرڪ بائيڪس ڏيڻ جو اعلان
يورپي يونين فوجي عدالتن جي فيصلن تي ڳڻتي ظاهر ڪري ڇڏي
حڪومت ۽ مخالف ڌر جي ڪميٽين ڳالهيون جاري رکڻ تي اتفاق
190 ملين پائونڊ ريفرنس جو فيصلو 6 جنوري تي ٻڌايو ويندو
پوليو جا ڦڙا نه پياريندڙن کي ڪو به سرٽيفڪيٽ نه ڏيڻ جو فيصلو
ميهڙ ۾ ٻن ڌرين جو پراڻي زميني تڪرار تان فائرنگ، هڪ ڄڻو قتل
ملڪ جي اڪثر علائقن ۾ اڄ موسم ٿڌو رهڻ جو امڪان
ناراض گهر واري مڙس جي مينهن ۽ ڳئون کي زهر ڏئي ماري ڇڏيو
هڪ ڏينهن ۾ ڳالهين جا نتيجا نه ٿا اچي سگهن: شوڪت يوسفزئي
علي امين گنڊاپور کي هٽائڻ جي ڳالهه غلط آهي: عمر ايوب
آءِ فون چوري ٿيڻ بعد ڊيٽا محفوظ ڪيئن رکجي؟ طريقو ڄاڻيو
ملڪ جي فيصلن ڪندڙن سان ئي ڳالهيون ڪامياب ٿينديون: علوي
ڪاروباري هفتي جي مثبت شروعات، 2495 پوائنٽس جي واڌ
درج ٿيل ڪيسن ۾ عمر ايوب کي گرفتار نه ڪرڻ جو حڪم
ڳالهيون اين آر او نه پر پاڪستان لاءِ ٿينديون: طلال چوڌري