رائو جو نالو اي سي ايل مان ڪڍڻ بابت درخواست تي جواب طلب

اسلام آباد(بيورو رپورٽ)سپريم ڪورٽ نقيب الله ڪيس ۾ بري ڪيل اڳوڻي ايس ايس پي رائو انوار جو نالو اي سي ايل مان ڪڍڻ جي درخواست تي گهرو وزارت کي نوٽيس جاري ڪري ڇڏيا آهن.سپريم ڪورٽ ۾ جسٽس اعجاز الاحسن جي سربراهي ۾ 3 رڪني بينچ اڳوڻي ايس ايس پي رائو انوار جو نالو اي سي ايل مان ڪڍڻ واري درخواست تي ٻڌڻي ڪئي.نقيب الله ڪيس ۾ ٽرائل ڪورٽ مان بري ٿيڻ کانپوءِ اڳوڻي ايس ايس پي رائو انوار جو نالو اي سي ايل مان ڪڍڻ لاءِ سپريم ڪورٽ ۾ درخواست داخل ڪئي وئي آهي.ٻڌڻي دوران عدالت چيو ته وڪيل موجب رائو انوار خلاف ڪيس ختم ٿي چڪو آهي ۽ رائو انوار ڪنهن ٻئي ڪيس ۾ گهربل ناهي.درخواست تي تفصيلي ٻڌڻي کانپوءِ عدالت گهرو وزارت سميت ٻين ڌرين کي نوٽيس جاري ڪندي ٻڌڻي اڻڄاتل مدي تائين ملتوي ڪري ڇڏي.واضح رهي ته نقيب الله محسود قتل ڪيس ۾ رائو انوار جو نالو اي سي ايل ۾ شامل ڪيو ويو هو، ٽرائل ڪورٽ ان ڪيس ۾ رائو انوار کي بري ڪري ڇڏيو هو.

پهنجو تبصرو موڪليو