رات جي وڳڙي ۾ ٿيندڙ فيصلا !

غلام حسين لغاري
اسانجي هن وطن ۾ ڪنهن جي حڪومت ڊاهڻي هوندي آهي ته به رات جي وڳڙي ۾ ڊاٿي ويندي آهي۔عدالتون به پنهنجي مرضي تي اچن ته رات جي وڳڙي ۾ عدالتن جا در کلي وڃن ۽ پسند جا فيصلا ٻڌايا وڃن۔وري جيڪڏهن ڪو قانون ٺاهڻو ۽ ڊاهڻو آهي ته به پارليامينٽ جا اجلاس رات جي وڳڙي ۾ ڪوٺايا وڃن۔قوم کي حڪمرانن ۽ ججن جو اهو فلسفو هن وقت تائين سمجه ۾ اچي ناهي سگهيو پر سمجهي هرڪو ٿو۔وڏي ڳالهه اها آهي ته پارليمينٽ مان رات جي وڳڙي ۾ پاس ڪرايل 26 ترميم تي صحيحون ڪرڻ لاء به ايوان صدر جو دروازو فجر مهل کلي ٿو  ۽ صدر مملڪت 26 هين آئيني ترميم واري بل تي صحيحون ڪري ٿو ۽ عجلت ۾ پرٽنگ پريس جا دروازا کلن ٿا گزيٽ به شايع ٿئي ٿي۔خبر ناهي ته ايڏي وڏي جلدي جو مقصد ڪهڙو هوندو آهي جو هر ڪم عجلت ۾ ۽ رات جي وڳڙي ۾ ڪيو ويندو آهي۔بهرحال اهو سڀ ڪجهه ايئن ئي ٿيڻو هو جو حڪومت جي مجبوري به هئي ته ضرورت به هئي ۽ اهو سڀ ڪجهه ڪنهنجو رستو روڪڻ لاء 25 آڪٽوبر کان اڳ ڪرڻو هو جيڪو پايه تڪميل تي پهتو۔26 آئيني ترميم لاء مسودي کي آخري وقت تائين ظاهر نه ڪيو ويو ۽ خفيه رکيو ويو خبر ناهي ته حڪومت ڪهڙي خوف ۾ مبتلا هئي۔جيڪي مسودو سامهون آندو ويو يا پارلياماني ڪاميٽي کان منظور ڪرايو ويو يا وري مخالف ڌر ۽ مولانا فضل الرحمان آڏو رکيو ويو جن تي اڌ مهينو  بحث هلندو رهيو اهو هڪڙو هو  جڏهن ته پارليامينٽ ۾ مختلف مسودو سامهون آيو جيڪو حڪومت جو تيار ڪيل هيو سواء ان ترميم جي ته آئيني عدالت بدران آئيني بئنچ جو ذڪر هو جيڪا ٺهڻ وڃي رهي جيڪا به شايد رات جي وڳڙي ۾ ٺهي وڃي۔وڏي ڳالهه اها ته حڪومت پنهنجي ٻه ڀاڱي ٽي اڪثريت ظاهر ڪري ڏيکاري اها الڳ ڳالهه آهي ته باپ ۽ پي ٽي آء جي ڪجهه ميمبرن ۽ سينيٽرن جي جن کي اغوا ڪرايو ويو يا پئسا ڏئي سندن وفاداريون تبديل ڪرايون ويون هيون۔باپ جو سربراهه ايوان جي در تي پنهنجي گم ٿيل ميمبرن جي ڳولا ڪندو رهيو پر اهي ڪنهن ٻئي در مان داخل ٿيا۔وفاداريون تبديل ڪرڻ يا ميمبر خريد ڪرڻ هر حڪومت جو اهو شيوو رهيو آهي جنهن کي دهرائڻ يا بحث ڪرڻ وقت جو زيان آهي البته ن ليگ جي وفاقي وزير خواجا آصف جي ايوان اندر ۽ ٻاهر اها وضاحت هئي ته پي ٽي آء جن ميمبرن جي دعوي ڪري رهي آهي ۽ ترميم جي حق ۾ ووٽ وڌو آهي اهي آزاد ميمبر آهن پر پي ٽي آء انهن کي پنهنجو ميمبر تسليم ڪيو۔بهرحال ڏسجي ته مخالف ڌر سان رات جي وڳڙي ۾ زيادتي ۽ ويساهه گهاتي ضرور ٿي آهي ۽ مولانا به حڪومتي بئنچن جي طرف هليو ويو ۽ اٿي بيهي ووٽ ترميم جي حق ۾ ووٽ ڪيو۔اجلاس کان اڳ اهي ڳالهيون پئي هليون ته مولانا اجلاس ۾ سرپرائيز ڏيندو ۽ هن ڏني جنهن جو اهو به سبب آهي جو پي ٽي آء مولانا کي کتو جواب ڏنو ته اهي ووٽنگ جو بائڪاٽ ڪندا جنهن تي مولانا اڪيلائپ کان بچڻ لاء پي ٽي آء ۽ حڪومت کي سرپرائيز ڏنو جنهن سرپرائيز جي بلاول ڀٽو ايوان ۾  خطاب ڪندي مولانا جي اقدامات ۽ فيصلن کي ساراهيو ۽ سندس قد وڌايو۔ مولانا ۽ حڪومت جي سرپرائيز  جا مستقبل ۾ سياست تي ڪهڙا منفي اثر پئدا ٿي سگهن ٿا ۽ ڪنهن کي ڪڏهن ڪنڊا ٿي لڳن ٿا وقت جو انتظار رهندو البته في الحال ته متوقع چيف جسٽس منصور علي شاهه جو رستو رڪجي چڪو آهي جنهن لاء وڪيل ۽ پي ٽي آء بضد هئا ته ۽ کيس پنهنجو چيف جسٽس سڏي رهيا هيا۔ممڪن آهي ته شام تائين 26 ترميم تحت ججن جي مقرري واري جڊيشل ڪميشن ٺهي وڃي ۽ رات جي وڳڙي ۾ نئين چيف جسٽس جي مقرري جو به نوٽيفڪيشن سامهون اچي وڃي جو اسپيڪر جڊيشل ڪميشن جي ميمبرن کي نوٽيفائي ڪرڻ لاء نالا گهري ورتا آهن جنهن جي نوٽيفڪيشن هن ڪالم جي ڇپجڻ کان اڳ رات جي وڳڙي ۾ جاري ٿي وڃي۔نئين چيف جسٽس لاء يحي آفريدي يا جسٽس امين الدين جا نالا متوقع آهن جيڪڏهن يحي آفريدي انڪار ٿو ڪري ته امين الدين پڪو چيف جسٽس ٿي سگهي ٿو۔بهرحال 26 آئيني ترميم عدليه ۾ هڪ وڏو انقلاب آڻيندي۔جيئن ئي آئيني بئنچ جڙندي ته پهريون ڪيس مخصوص سيٽن وارو ان ۾ لڳندو۔نئين ترميم تحت هر هاء ڪورٽ ۾ به آئيني بئنچون الڳ الڳ جڙنديون جتي مقامي سطح جا آئيني ڪيس ٻڌا ويندا۔ملڪ جي وڪيلن هن ترميم جي سخت مخالفت ڪري ڇڏي آهي۔بلوچستان سان لاڳاپيل علي احمد ڪرد ته نظام خلاف بغاوت جو اعلان ڪري ڇڏيو آهي جڏهن ته وڪيلن ۾ به سخت تاء آهي خدا نه ڪري جيڪڏهن اهي هڪ ڀيرو اٿن ٿا يا سينئر جج مستعفي ٿين ٿا ته حڪومت کي وٺڻ بدران ڏيڻا پئجي ويندا ۽ ڪٿي ايئن نه ٿئي ته ٻيهر عدالتون رات جي وڳڙي ۾ کلڻ شروع ٿي وڃن۔پي ٽي آء کي پنهنجي طاقت آهي ۽ اها به نئين سر سياسي گوڙ ڪري سگهي ٿي جو انجو قائد مسلسل قيد ۾ آهي ۽ حڪومت جا رويا به غير آئيني غير قانوني ۽ منفي لڳن ٿا جن کان بچڻ لاء وٽن ٻيو ڪو به وسيلو ناهي۔26 آئيني ترميم منظور ڪرڻ جي حق ۾  قومي اسيمبلي اندر 225 ووٽ پيا جيڪا حڪومت کي هڪ قسم جي غيبي مدد حاصل رهي ۽ اها غيبي مدد ڪهڙي ھئي هرڪو ڄاڻي ٿو۔جي يو آء جي سربراهه مولانا فضل الرحمان جيڪو اهو چوندو رهيو ته هي اسيمبلي جعلي آهي تنهن به وقت اچڻ تي حڪومت جي غيبي مدد ڪئي جيڪڏهن هو پي ٽي آء جو ساٿ ڏئي اهڙي ترميم جي مخالفت ڪري ها يا ووٽ نه ڏئي ها ته شايد ئي ترميم منظور ٿي سگهي ها۔اهڙي طرح باپ جو سربراهه سردار اختر مينگل ۽ پي ٽي آء پنهنجي پنهنجي ميمبرن کي قابو ڪن ها ۽ احتجاجن وارو رستو ترڪ نه ڪن ها تڏهن به ترميم منظور نه ٿي سگهي ها۔بهرحال مولانا صاحب جنهن اجلاس کان اڳ اهو بيان ڏنو هو ته ڪاري ٿهيلي ۾ ڪارو نانگ هو جنهنجا ڏند ڀڃي ڇڏيا اٿئون ساڳيو ڪارو نانگ پارليامينٽ تائين به پهچي ويو جنهن جو ذڪر پ پ پ جي چيئرمن بلاول ڀٽو قومي اسيمبلي جي اجلاس ۾ هن ريت ڪيو ۽ ڪاري نانگ جي وضاحت ڪندي انکي اڳوڻي چيف جسٽس چوڌري افتخار احمد سان مشاهبت ڪئي۔چوڌري افتخار احمد هڪ آمر جو ئي ڏنگيل  هيو ۽  اهو چيف جسٽس هو جنهن جي بحالي ۾ بلاول ڀٽو جي والده محترمه شهيد محترمه بينظير جو هٿ هو ۽ چيو هو ته افتخار سندس چيف جسٽس آهي ۔جسٽس افتخار احمد چوڌري جو ڏوه صرف اهو آهي ته هن انوقت جي صدر آصف علي زرداري جا سئيز اسڪينڊل وارا ڪيس کوليا جنهن جي نتيجي ۾ وقت جو  وزيراعظم سيد يوسف رضا گيلاني کي نااهل ٿيڻو پيو ۽ عهدي تان هٽرائي ڇڏيو هو۔درحقيقت ۾ ن ليگ جي سربراهه ميان محمد نواز شريف وقت کان اڳ وزيراعظم بنجڻ لاء سئيز ڪيس جي آڙ ۾ پ پ پ حڪومت خلاف سياسي هلچل شروع ڪئي هئي جڏهن ته هو مفاهمت واري ٺاهه جي ڀڃڪڙي ڪري چڪو هو ۔ڏٺو وڃي ته عدالتون ۽ جج هر وقت استعمال ٿيندا رهيا آهن يا کين استعمال ڪيو ويو ۽ 26 ترميم کانپوء به ٿيندا جو سندن مقرري سياسي سمجهي ويندي ۽ ڪو به ميرٽ باقي نه رهندو ۽ عدليه خوف ۾ رهندي۔جيڪڏهن 26 ترميم بعد سينئر جج يا جونيئر جج استعفا ڏين ٿا ۽ وڪيل به اٿي بيهن ٿا ته اهو وڏو سانحو ٿيندو ۽ ملڪ قانوني آئيني ۽ معاشي مشڪلاتن جو شڪار ٿيندو۔ پي ٽي آء جي سياست به سمجهه ۾ نٿي اچي کائنن ڪو پڇا ڪري ته جڏهن قومي ۽ عوامي سياست ڪن ٿا ته هر ڳالهه تي اسيمبلين اجلاسن جو بائڪاٽ ڪرڻ ۽ استعفائون ڏيڻ جي ڪهڙي تڪ آهي۔ايوان ۾ رهي ڪري حڪومت کي منهن ڏئي سگهجي ٿو ته پوء غير ضروري فيصلا ڇا جا? ۔رات بائڪاٽ ڪرڻ جو ڪهڙو جواز هو ترميم نه پئي وڻين ته انجي مخالفت ۾ ووٽ ڏين ها ۽ حڪومت سان اکيون اکين ۾ ملائي مقابلو ڪن ها جيڪو جمهوريت جو حسن چئجي۔ماضي ۾ به هنن وڏي غلطي ڪئي جو اسيمبلين تان استعفائون ڏئي حڪومت کي ميدان خالي ڪري ڏئي ويا جنهن بعد ترميمن مٿان ترميمون ۽ قانونن مٿان قانون ٺهندا رهيا انهي حد تائين جو عدالتن جا فيصلا به نه مڃيا ويا ۽ هن وقت به مڃيا ناهن ويا خاص ڪري اليڪشن ڪميشن جو اڻ ڌريو رويو به سامهون آهي جنهن کي حڪومتي پٺڀرائي رهي آهي۔ پي ٽي آء جي عدم برداشت فيصلن ۽ اقدامات سبب اها سياسي ميدان ۾ اڪيلي رهجي وئي جيئن ھاڻ رهي آهي۔پي ٽي آء جي چيئرمن بئريسٽر گوهر خان ايوان ۾ چيو ته جڏهن سينيٽ ۽ قومي اسيمبلي اڻ ممڪل آهي ته هي آئيني ترميم غير قانوني آهي ۽ چئلنج جوڳي آهي اها نٿا مڃون۔اهي چئوٻول آهن ته جج استعفائون ڏيندا  ڀلي کڻي جج استعفائون ڏين سندن جاء تي نوان جج ايندا جو حڪومت جو پلڙو هاڻ مضبوط ٿي چڪو آهي ۽ کيس غيبي مدد حاصل آهي جيستائين اها ختم نٿي ٿئي تيستائين پي ٽي آء کي ڪجهه به هڙ حاصل نه ٿيندو جنهن لاء کيس حڪمت عملي بدلائڻي پوندي۔حڪومت کي ته في الحال ڪاميابي ملي آهي ڏسجي ته ڪيستائين ٿي ڳاچ اوچو ڪري گهمي وقت تبديل ٿيندو آهي ۽ ساڳي ترميم سندن ڳچي ۾ به پئجي سگهي ٿي۔حڪومت کي به پي ٽي آء يا انجي قائد مان ايترو ڊپ نه ڪرڻ گهرجي جيترو هو محسوس ڪن ٿا۔جيڪڏهن جمهوريت جو کين اونو آهي ته پي ٽي آء سربراهه کي جيل مان ٻاهر ڪڍن نه ته هو مضبوط کان مضبوط ٿيندو ويندو جنهن جو حڪومت سوچي به نه سگهندي۔ڪيئن به ۽ ڪهڙي طريقي به 26 آئيني ترميم ٿي آهي ان تي عمل ٿيڻ گهرجي پر عجلت ۾۔صدر مملڪت ترميم تي صحيح ڪري ڇڏي آهي جيڪا ڪالهه کان عمل ۾ اچي چڪي آهي پر عمل ڪنهن عجلت ۽ رات جي وڳڙي کان ذاتي پسند کان هٽي ڪري ڪجي جيئن ملڪ ۾ ميرٽ تي ڪو به ڌٻو لڳي نه سگهي۔عدالتن ۾ جيڪڏهن جونئير جج آندا ويا ته عدالتن جو معيار ڪري سگهجي ٿو۔ججن جي هڪ عدالت کان ٻي عدالت بدلي کي به سياست جو شڪار بنائڻ کان گريز ڪرڻ گهرجي جنهن جا انصاف متاثر ٿئي۔انصاف ۽ جمهوريت جي اها تقاضا آهي ته سياسي قيدين کي هاڻ آزاد ڪرڻ گهرجي جنهن لاء جي يو آء سربراهه مولانا فضل الرحمان به ايوان اندر مطالبو ڪري ڇڏيو آهي جنهن 26 ترميم جي حمايت ۾ ووٽ ڪيو آهي حڪومت کي سرپرائيز ڏني آهي حڪومت به سياسي قيدين جا ڪيس ختم ڪري قوم کي سرپرائيز ڏئي ته جيئن ملڪ ۾ امن امان پئدا ٿئي ۽ معاشي انقلاب ممڪن ٿي سگهي۔ضرورت ان ڳالهه جي آهي ته هاڻ رات جي وڳڙن ۾ سياسي فيصلا بند ٿيڻ گهرجن ملڪ ۽ قوم کي ذاتي مفادن خاطر داء تي لڳائڻ واري
روايت ختم ڪجي۔

پهنجو تبصرو موڪليو