راست ادائيگين جي ماليت 20 هزار ارب رپيا ٿي وئي

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر)اسٽيٽ بئنڪ آف پاڪستان سڌي ريت ادائيگين جا تفصيل آگاهه ڪري ڇڏيا.اسٽيٽ بئنڪ جي بيان موجب سڌي ريت ادائيگين جو انگ 20 هزار ارب رپين تائين پهچي ويو آهي.راسٽ ذريعي 972 ڏينهن ۾ 89.2 ملين رپيا ادا ڪيا ويا، روزانو سراسري طور 9.22 ارب رپيا ادا ڪيا ويا.پهرين 1 هزار ارب رپين جي ادائگي راسٽ ذريعي 336 ڏينهن ۾ ڪئي وئي.راسٽ ذريعي گذريل 1000 ارب جي ادائيگيون 16 ڏينهن ۾ ڪيون ويون آهن.اسٽيٽ بئنڪ آف پاڪستان موجب، اسٽيٽ بئنڪ جو مشن ڊجيٽل ادائيگين کي آسان ۽ سڀني جي پهچ ۾ آڻڻ آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو