راندين کي هٿي وٺرائڻ لاءِ گرائونڊ ضروري آهن، ارباب

ڪلوئي(ن سنڌيار)سنڌ جي وڏي وزير جي راندين بابت خاص معاون ارباب لطف الله چيو آھي ته نوجوانن ۾ مقابلي جو رجحان پيدا ڪرڻ لاء راندين جي ميدان ۾ سڌارا آڻڻ جي ضرورت آھي انهي حوالي سان موجوده سنڌ حڪومت اسپورٽس ڪامپليڪس ۽ گرائونڊ جي بهتري لاء ڪوشش ڪري پئي انهي سان گڏوگڏ راندين جا مقابلا به جاري رکيو اچي اهڙن خيالن جو اظھار هن راندين بابت ايندڙ ميگا ايوينٽ جي متعلقه اهم ميٽنگ جي صدارت ڪندي ڪيو اجلاس ۾ سيڪريٽري اسپورٽس سنڌ امتياز علي تفصيلي بريفنگ ڏني جڏهن ته ميگا ايونٽ ٽيم جي طرفان ملٽي ميڊيا تي ايونٽ جو خاڪو پيش ڪيو ويو معاون خصوصي سيڪريٽري اسپورٽس جي تعريف ڪندي ٻڌايو ته مون کي محکمه جي چارج ملڻ کي اڃان هڪ ٻه هفتو ٿيو آھي مگر منهنجي توقع کان وڌيڪ بهتر ڪارگردگي ۽ ڪم ڪري ڏيکاريو آھي ارباب لطف الله وڌيڪ چيو ته آئون جلد وزير اعلي سنڌ سان ملي ايندڙ اسپورٽس ايونٽ جي باري ۾ آگاه ڪندس ۽ ڪرونا جي صورتحال کي مد نظر رکندي جلد ئي ايس او پي تحت صحتمند سرگرميون شروع ڪنداسين ۽ سنڌ جي نوجوانن ۾ راندين بابت نئون اتساه آڻينداسون ته جيئن اسان جا سنڌي ۽ ٻھراڙين جا نوجوان ڪامپٽيشن سان اڳتي اچن ۽ مختلفن راندين جي عالمي مقابلن ۾ حصو وٺي سنڌ ۽ پاڪستان جو نالو روشن ڪن.

پهنجو تبصرو موڪليو