رانديگرن سان سنڌ پوليس جون جٺيون، ڪهاڻيون پڌريون

ڪراچي(اسٽاف رپورٽر)پاڪستاني ڪرڪيٽر عامر يامين ۽ صهيب مقصود سنڌ پوليس کان رشوت گهرڻ جي ڪهاڻي سوشل ميڊيا تي شيئر ڪئي.صهيب مقصود 27 نومبر جي رات دير سان اڳوڻي ٽوئيٽر ”ايڪس“ تي لکيو ته ”اسان ڏاڍا خوش قسمت آهيون جو اسان سنڌ ۾ نه پنجاب ۾ رهون ٿا، زندگي ۾ پهريون ڀيرو ڪراچي کان ملتان تائين روڊ ۽ سنڌ جو سفر ڪري رهيو آهيان. پوليس ايتري ڪرپٽ آهي جو هر 50 ڪلوميٽر کان پوءِ توهان کي روڪي ٿي ۽ پئسا گهري ٿي. ڪرڪيٽر لکيو ته “جيڪڏهن توهان ادا نه ڪندا، توهان کي بغير ڪنهن سبب جي پوليس اسٽيشن ڏانهن وٺي وڃڻ جي ڌمڪي ڏني وئي آهي،” صهيب مقصود پنهنجي هڪ ٻي ٽوئيٽ ۾ لکيو ته پئسا ڏيو، پر 50 ڪلوميٽر کانپوءِ توهان کي ٻيهر روڪيو ويندو، اسان کين ٻڌايو ته اسان انٽرنيشنل ڪرڪيٽر آهيون، جيڪي ڪراچي ۾ اسان جي ميچ کانپوءِ ملتان وڃي رهيا آهن، تڏهن به هنن 8000 هزار رپيا ورتي ۽ پوءِ وڃڻ ڏيو.ٻئي طرف عامر يامين پڻ ايڪس تي اهو ئي واقعو بيان ڪيو ۽ ٻڌايو ته ڪيئن کيس سنڌ پوليس سفر دوران تنگ ڪيو.آءِ جي سنڌ رفعت راجا ڪرڪيٽر عامر يامين ۽ صهيب مقصود جي ٽوئيٽس جو نوٽيس ورتو.ترجمان موجب ڊي آءِ جي شهيد بينظير آباد کي فوري طور تي جاچ جو حڪم ڏنو ويو آهي.آءِ جي سنڌ چيو ته واقعي ۾ ملوث اهلڪارن خلاف سخت ڪارروائي ڪئي وڃي.

پهنجو تبصرو موڪليو