راولپنڊي (ويب ڊيسڪ) بنگلاديش کي هڪ اننگ ۽ 44 رنز تان پاڪستان راولپنڊي ٽيسٽ ۾ شڪست ڏئي ميچ کٽي ورتي آهي. پهرين ٽيست جي چوٿين ڏينهن تي بنگلاديش کي اننگ جي شڪست کان بچڻ لاءِ 86 رنز گهربل هيون ۽ سندس 4 وڪيٽ باقي هيون پر سڄي ٽيم 168 رنز تي ڍير ٿي وئي. راند شروع ٿي ته 4 رنز جي اضافي بعد بنگلاديش جي ستين وڪٽ ڪري ۽ ڪجهه رنز بعد اٺين وڪيٽ ڪري پئي. جنهن بعد آخري ٻن رانديگرن 12 رنز جو اضافو ڪيو7 ۽ سڄي ٽيم 168 رنز تي ڍير ٿي وئي.
ميچ ۾ 5 وڪيٽون وٺندڙ۽ هيٽرڪ ڪندڙ نسيم شاهه کي مين آف دي ميچ قرار ڏنو ويو. بنگلا ديش پهرين اننگ ۾ 233 رنز ٺاهيون هيون، جڏهن ته پاڪستانپهرين اننگ ۾ 445 رنز ٺاهيون هيون. پاڪستان کي 212 رنز جي برتري حاصل هئي. بنگلاديش جي پوري ٽيم پهرين اننگ جي ليڊ به پنهنجي ٻئي اننگ ۾ پوري نه ڪري سگهي. ڪالهه راند پوري ٿيڻ تائين بنگلاديش 6 وڪيٽن تي 126 رنز اسڪور ڪيون هيون. سيف حسن 13 ۽ تميم اقبال 34 رنز ٺاهي آئوٽ ٿيا هئا. جنهن بعد نسيم شاهه پهرين هيٽرڪ ڪندي، نجم الحسن شنتو، تيج الاسلام ۽ محمود الله کي هڪٻئي پٽيان ٽن بالن تي آئوٽ ڪيو. هو ٽيسٽ ۾ هيٽرڪ ڪندڙدنيا جو نوجوان بالر بڻجي ويو آهي. ٻن ٽيسٽ ميچن جي سيريز جي پهرين ميچ جي پهرين اننگ ۾ پاڪستاني بالرن بنگلاديش کي 233 رنسن تي آل آئوٽ ڪري ڇڏيو هو. ٻئي ڏينهن جي راند دوران پاڪستان 3 وڪيٽن تي 342 رنز ٺاهي 190 رنز جي برتري حاصل ڪئي هئي. شان مسعود ۽ بابر اعظم سينچريز اسڪور ڪيون هيون. ٽئين ڏينهن جي راند جاري آهي. پاڪستاني اوپنر عابد علي بنا ڪا رن ٺاهي 6 بال کيڏڻ بعد ابو جاويد جي بال تي ڪيپر هٿان ڪيچ ٿي ويو هو. شان مسعود 160 بالن تي 100 رنز ٺاهي تيجل اسلام هٿان بولڊ ٿيو هو. ڪپتان اظهر علي 59 بالن تي 34 رنز ٺاهي ابو جاويد جي بال تي ناظم هٿان ڪيچ ٿي ويو هو. بابر اعظم 193 بالن تي 143 رنز ٺاهي ابو جاويد جي بال تي مثن هٿان ڪيچ ٿيو هو، اسد شفيق 129 بالن تي 65 رنز ٺاهي عباد حسين جي بال تي لٽن هٿان ڪيچ آئوٽ ٿيو هو. محمد رضوان 10 رنز تي روبل حسن جي بال تي محمود الله هٿان ڪيچ ٿيو، ياسر شاهه کي روبل ايل بي ڊبليو ڪيو. حارث سهيل 75 رنز، شاهين آفريدي 3، نسيم شاه 2 ۽ عباس هڪ رن ٺاهي. راولپنڊي ڪرڪيٽ اسٽيڊيم ۾ کيڏجندڙ ميچ ۾ پاڪستان جي ڪپتان اظهر علي ٽاس کٽي مهمان ٽيم کي پهرين بيٽنگ جي دعوت ڏني هئي. اظهر علي جي حڪمت عملي کي پاڪستاني بالرن صحيح ثابت ڪيو ۽ بنگلاديش جي پوري ٽيم کي 233 رنسن تي آئوٽ ڪيو. محمد مٿن 63 ۽ نظم الحسين شانتو 44 رنسون ٺاهي نمايان رهيا. پاڪستان طرفان شاهين شاهه آفريدي 4، محمد عباس ۽ حارث سهيل 2، 2 وڪيٽون حاصل ڪيون. جڏهن ته پاڪستاني ٽيم ۾ اظهر علي کان علاوهه شان مسعود، عابد علي، بابر اعظم، حارث سهيل، اسد شفيق، محمد رضوان، ياسر شاهه، محمد عباس، نسيم شآهه ۽ شاهين آفريدي شامل آهن.