رحيم يار خان پوليس جي ڪارروائي، 2 مغوي بازياب

رحيم يار خان (ويب ڊيسڪ)رحيم يار خان پوليس ڀونگ کان ويجهو راجن پور جي سرحدي علائقي ۾ ٽارگيٽيڊ آپريشن ڪري 2 مغوين کي بازياب ڪرايو.پوليس ترجمان موجب ڪارروائي دوران ڌاڙيلن سان فائرنگ جو تبادلہ پڻ ٿيو، جنهن ۾ 2 ڌاڙيل زخمي ٿي پيا.پوليس جو چوڻ آهي ته زخمي ٿيل ڌاڙيل پنهنجن ساٿين سميت فرار ٿي ويا.پوليس ترجمان موجب بازياب ٿيلن کي ڪجهه ڏينهن اڳ گڊو جي علائقي ڪشمور روڊ تي سويترا چوڪ وٽان اغوا ڪيو ويو هو.

پهنجو تبصرو موڪليو