رزاق جو ڊانسر سان لاڳاپن جو اعتراف، گيم بابت اهم انڪشاف

ڪراچي(ويب ڊيسڪ) پاڪستان جي اڳوڻي آل رائونڊر عبدالرزاق تقريبن 22 سالن کانپوءِ اعتراف ڪيو آهي ته ماضي ۾ سندس لاڳاپا اداڪارا ۽ ڊانسر ديدار سان هئا. اي آر واءِ سان ڳالهائيندي عبدالرزاق ٻڌايو ته 2013۾ ڪرڪيٽ تان رٽائرمينٽ ورتي هئي، 260 کان وڌيڪ ون ڊي ۽ 40 کان وڌيڪ ٽيسٽ ميچز ۾ پاڪستان جي نمائندگي ڪري چڪو آهيان. هن اعتراف ڪيو ته 1999ع ۾ ڪيريئر عروج تي هو، اسٽيج ڊانسر ۽ اداڪارا ديدار سان لاڳاپا هئا ڳالهه شادي تائين پهتي هئي، ديدار شوبز نه ڇڏي، جنهن سبب ساڻس لاڳاپا ختم ڪري ڇڏيا ۽ شادي نه ڪئي. هڪ سوال جي جواب ۾ هن چيو ته کيس ڪيترائي ڀيرا ميچ فڪسنگ جي آڇ ٿي پر مون رد ڪري ڇڏي. مون کين چيو ته وڏي رقم ڏيو ته پوءِ ايمان ٻوڙڻ جو سوچيان. هن ٻڌايو ته يونس خان کي ڪرڪٽ بورڊ چيو توکي ڪپتان ٺاهيون ٿا 7 رانديگرن کي هٽايو هن انڪار ڪيو جنهن بعد شعيب ملڪ کي ڪپتان ڪيو ويو ۽ 5 ڪرڪيٽرن کي ڪڍيو ويو. هن چيو ته مان پنهنجي ڪيريئر جي تباهي جو ذميوار شعيب ملڪ کي قرار نٿو ڏيان.

پهنجو تبصرو موڪليو