رشوت ڪيس ۾ جوابدار جي ضمانت واري درخواست رد

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) سپريم ڪورٽ  رشوت ڪيس ۾ جوابداري جي ضمانت واري درخواست رد ڪري ڇڏي. ڪراچي رجسٽري ۾ تعليم واري اڳوڻي صوبائي وزير پير مظهر الحق جي دور ۾ جعلي ڀرتين واري ڪيس ۾ نائب قاصد جو آرڊر ڏيڻ لاءِ 5 لک رپيا رشوت وٺڻ جي الزام هيٺ جوابدار عزيز ميمڻ جي ضمانت واري درخواست عدالت رد ڪري ڇڏي. عزيز ميمڻ تي نائب قاصد کي نوڪري ڏيڻ لاءِ حاڪم علي کان 5 لک رپيا وٺڻ جو الزام آهي، حاڪم علي کي 2012ع ۾ گلبرگ ٽائون جي اسڪول ۾ نائب قاصد طور ڀرتي جو آرڊر ڏنو ويو، گلبرگ ٽائون جي اسسٽنٽ ڊسٽرڪٽ آفيسر علي اڪبر شيخ طرفان آرڊر جاري ڪيو ويو. حاڪم علي کي بعد ۾ پتو پيو ته آرڊر جعلي آهي. جوابدار عزيز ميمڻ خلاف ٽرائل ڪورٽ ۾ ڪيس ٻڌڻي هيٺ آهي. ڄاڻايل جوابدار جي ضمانت واري درخواست ٽرائل ڪورٽ ۽ هاءِ ڪورٽ رد ڪري چڪيون آهن. عزيز ميمڻ ۽ حاڪم علي ٻئي مورو شهر جا رهواسي آهن.

پهنجو تبصرو موڪليو