رفح ۾ 4 اسرائيلي فوجي مارجي ويا، اسرائيل جي تصديق

رفع (ويب ڊيسڪ)اسرائيلي فوج رفح ۾ 4 فوجين جي مارجڻ جي تصديق ڪئي آهي.اسرائيلي ميڊيا موجب دستي بم ڌماڪي ۾ گيواتي برگيڊ جي ڊپٽي ڪمپني ڪمانڊر ۽ هڪ عورت سميت 4 فوجي مارجي ويا.ٻئي طرف حماس ڏکڻ غزه جي رفح علائقي ۾ اسرائيلي فوج تي حملو ڪيو. فلسطيني ميڊيا موجب حماس جي حملن ۾ اسرائيلي فوج کي وڏو جاني نقصان پهتو آهي.ميڊيا رپورٽن موجب اسرائيلي جارحيت جي نتيجي ۾ شهيد ٿيل فلسطينين جو انگ 41 هزار 200 تائين پهچي ويو آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو