رمضان المبارڪ دوران پيپلز بس سروس جي ٽائيم ۾ واڌ جو اعلان

ڪراچي(اسٽاف رپورٽر)سنڌ ٽرانسپورٽ کاتي رمضان المبارڪ دوران پيپلز بس سروس جي ڪلاڪن ۾ واڌ جو اعلان ڪيو آهي.ان حوالي سان سينئر وزير شرجيل ميمڻ چيو ته 15 رمضان کان رات جو 1 وڳي تائين بس سروس هلائي ويندي، جيڪا آر 1، آر 2، آر 3، آر 4، آر 9، آر 10 ۽ اي وي 1 روٽس تي بسن تي لاڳو ٿيندي. هن چيو ته هو رمضان المبارڪ دوران ڪراچي جي شهرين کي درپيش مشڪلاتن کي سمجهي ٿو، ڇاڪاڻ ته ڪراچي جا ماڻهو گهڻو ڪري پبلڪ ٽرانسپورٽ تي ڀاڙين ٿا. بس جي ڪلاڪن کي وڌائڻ جو مقصد شهرين کي وڌيڪ سفري سهولت فراهم ڪرڻ آهي. شرجيل انعام ميمڻ اهو به چيو ته اهو يقيني بڻايو ويندو ته ماڻهو خريداري ڪرڻ کان پوءِ محفوظ طور تي پنهنجن گهرن تائين پهچي سگهن، هن وڌيڪ چيو ته حڪومت عوام کي بهتر ۽ وڌيڪ آسان سفري آپشن فراهم ڪرڻ چاهي ٿي.هن وڌيڪ چيو ته سنڌ حڪومت عوام جي ڀلائي لاءِ هر ممڪن قدم کڻي رهي آهي، ۽ شهري پيپلز بس سروس جي وڌايل ڪلاڪن مان ڀرپور فائدو حاصل ڪن.

پهنجو تبصرو موڪليو