رميز راجا ۽ شعيب اختر جي شعيب ملڪ تي تنقيد

ڪراچي (ڊيسڪ رپورٽ) اڳوڻن ڪرڪيٽرن شعيب اختر ۽ رميز راجا  شعيب ملڪ جي ان بيان تي سخت تنقيد ڪئي آهي جنهن ۾ هن چيو آهي ته آسٽريليا سان کيڏي ويندڙ پنج ون ڊي ميچز جي سيريز م ٻئي ابتدائي ميچز هارائڻ سان ڪو فرق نٿو پوي. سابق ڪرڪٽ اسٽارز چيو آهي ته هلندڙ سيريز بو اهم آهي ۽ لڳاتار پاڪستان جي شڪست ڳڻتي جوڳو عمل آهي. عارضي  ڪپتان شعيب ملڪ پنهنجي تازي بيان ۾ وڌيڪ چيو آهي ته اسان جي بالرز پاران مخالف ٽيم خلاف جلد ڪاميابي حاصل نه ڪري مايوس ڪيو. پاڪستان ۽ آسٽريليا ۾ پنج ون ڊي ميچزجي سيريز متحده عرب امارات ۾ هلي رهي آهي، جنهن ۾ آسٽريليا پنجن مان ٻه ميچون کٽي چڪو آهي. شعيب ملڪ سرفراز احمد جي ان بيان جي به حمايت ڪئي آهي جنهن ۾ هن چيو هو ته موجوده سيريز ايندڙ ورلڊ ڪپ جي لا۽ صرف هڪڙي قسم جي تياري آهي. شعيب ملڪ وڌيڪ چيو ته ٻي ميچ جي شروعات ۾ اسان جي بالنگ خراب هلي، ليڪن مجموعي طور تي اسان راند جي آخري بال تائين مقابلو ڪيو. هن وڌيڪ چيو ته اسان پنهنجن گهڻن رانديگرن کي آرام ڪرايو آهي ته جيئن اهي ايندڙ ورلڊڪپ لاءِ مڪمل طور فٽ ٿي ميدان ۾ لهن.  

پهنجو تبصرو موڪليو