ڪراچي(اسٽاف رپورٽر)آرٽس ڪائونسل ڪراچي ۾ عالمي ثقافتي ميلو 38 ڏينهن جاري رهڻ بعد گذريل رات پنهنجي پڄاڻي تي پهتو. دنيا جي 40 ملڪن جي 450 کان وڌيڪ فنڪارن دنيا جي تهذيبن، ۽ ثقافتن کي ڳنڍيندڙ ، موسيقي، ناچ، ٿيٽر ۽ فائن آرٽ جا جوهر ڏيکاريندڙ عالمي ثقافتي ميلي جي آخري ڏينهن نوجوانن ۾ مقبوليت ماڻيندڙ شاعر طيب تحزيب حافي محبت، درد، اڪيلائي جي موضوعن تي مشتمل . نظمن جي هڪ سلسلي ۾ لاڳاپو ۽ هجر، ٻڌندڙن کي داد ڏيڻ تي مجبور ڪري ڇڏيو. ان کان پوءِ لوڪ ڳائڻي اختر چنال روايتي گيتن سان ماحول ۾ تازگي پيدا ڪئي ۽ مشهور گيت دانا پي دانا ڳايو، جڏهن ته مقامي ۽ عالمي فنڪارن کي شيلڊون ڏئي پيار ۽ تعريف جا گل نڇاور ڪيا ويا. ٻئي طرف نوجوانن ۾ مقبول گلوڪار عاصم اظهر جي دلڪش پرفارمنس تي مداح به پرجوش نظر آيا، جڏهن عاصم اظهر اسٽيج تي قدم رکيو ته ميگا ايونٽ جي ڄڻ رونق وڌي وئي. مزاح نگار ۽ مشهور ليکڪ انور مقصود، مختلف ملڪن جي قونصل جنرل، سي سي پي او جاويد عالم اوڍو، چيف سيڪريٽري سنڌ آصف حيدر شاهه سميت اهم شخصيتن جي شرڪت تقريب کي چار چنڊ لڳائي ڇڏيا. YMCA گرائونڊ ۾ حاضرين ۾ وڏو انگ نوجاون ڇوڪرين ۽ ڇوڪرن سرڪت ڪئي. کچا کچ ڀريل اسٽيڊيم ۾ ماڻهن قيمتي لمحن کي پنهنجي موبائيل تي محفوظ ڪري ورتو، عالمي ثقافتي ميلو شاندار آتشبازي سان ختم ٿيو ۽ منتظمين اميد ظاهر ڪئي ته ايندڙ سال ميلي ۾ 100 ملڪن جا فنڪار پنهنجي ثقافت جا رنگ وکيريندا. ياد رهي ته پاڪستان ۾ هي پهريون ڀيرو عالمي ثقافتي ميلو ٿيو آهي جنهن ۾ ايڏي وڏي تعداد ۾ دنيا جي ملڪن ۽ فنڪارن شرڪت ڪئي. 26 سيپٽمبر کان شروع ٿيل هي عالمي ميلو 30 آڪٽوبر تي ختم ٿيڻو هو پر عوام جي ڀرپور پذيرائي سبب 2 نومبر تي رات جو پڄاڻي تي پهتو.
6 ڪينال ڪڍي سنڌ کي سڪائڻ جي سازش ٿي پئي: زين شاهه
ڪئنال قبول ناهن، سنڌو درياه اسان جي ماءُ آهي
في يونٽ تي 26 رپين تائين رليف، سهولت پيڪيج جو اعلان
ميجر جنرل محمد شمريز ڊي جي رينجرز سنڌ جو عهدو سنڀالي ورتو
10 ججن خلاف شڪايتون رد، سنڌ هاءِ ڪورٽ جا سڀ جج آئيني بينچ ۾ شامل
ملڪ ۾ فائيو جي انٽرنيٽ سروس لاءِ قدم کڻي رهيا آهيون: وزيراعظم
9 مئي جي ڀڃ ڊاهه وارن 4 ڪيسن ۾ خان جي ضمانت منظور
26 هين آئيني ترميم خلاف 2 درخواستون سپريم ڪورٽ ۾ داخل
آسٽريليا کي 9 وڪيٽن تان شڪست، رضوان جا 6 ڪيچ، حارث جون 5 وڪيٽون
سنڌ سرڪار ٻوڏ ۾ بي گھر ٿيل ماڻھن جو درد سمجھي ٿي
ٽڪ ٽاڪ تي پابندي بابت صدر ٽرمپ جو فيصلو ڇا هوندو؟
مسافرن کي سفري سهولتون ڏيڻ کانپوءِ هڪ ٻيو وڏو فيصلو
گهوٽڪي ۾ پوليو جو ڪيس ظاهر
وزيراعظم جو ٻن ڏينهن جو سعودي عرب جو دورو
صحت کاتي ۽ خاص ماڻهن جون مقرريون ۽ بدليون
ڀارتي ٽيم چيمپيئنز ٽرافي کيڏڻ لاءِ پاڪستان نه ايندي؟
ميرپور ساڪر واسڻ ناري پنهنجي زندگي جو انت آڻي ڇڏيو
پريالي ويجهو پيرسن پراسرار نموني قتل
احمدپور ويجهو نوجوان کان موٽرسائيڪل ۽ ٻيو سامان ڦر
خانپور مهر ويجهو نوجوان مبينا طور آپگهات ڪري ڇڏيو