“رواداري مارچ کي روڪڻ لاءِ پوليس جون ڪارروائيون”

غلام حسين جوڻو
ڊاڪٽر شاهنواز ڪنڀر جي قتل خلاف سڄي سنڌ ۾ مظاهرا ڪيا پيا وڃن. احتجاج ٿي رهيا آهن.قاتلن کي گرفتار ڪرڻ لاءِ آواز بلند ڪيو پيو وڃي. سڄي سنڌ جو عوام پرامن جدوجهد ڪري رهيو آهي. اهو مطالبو ڪيو پيو وڃي ته، هن واقعي ۾ جيڪي هٿ ملوث آهن تن کي پڪڙي ڪيفر ڪردار تائين پهچايو وڃي. پر، ان مطالبي ڏانهن ڪوبه ڌيان ڪونه پيو ڏنو وڃي جنهن ڪري عوام مجبورن روڊن ۽ رستن تي نڪري آيو آهي. ڪراچي ۾ گڏ ٿي رواداري مارچ ڪرڻ جو اعلان ڪيو اهو، مارچ 13 آڪٽومبر 2024ع تي ڪيو پئي ويو پرامن احتجاج جو سڏ هو. تنهن هوندي به حڪومت، ڪراچي ۾ 144 قلم لاڳو ڪري ڇڏيو ڪراچي ۾ داخل ٿيندڙ سڀ روڊ رستا بند ڪيا ويا. سخت چوڪسي ۽ چڪاس ڪئي پئي ويئي. ماڻهن کي حراسان ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي پئي ويئي. هر، روڊ تي پوليس جا وڏا اٽالا مقرر ڪيا ويا هئا. جيڪي سنڌ واسين کي رواداري مارچ ۾ شرڪت ڪرڻ کان روڪي رهيا هئا ته جيئن اهي هن مارچ ۾ شرڪت ڪري نه سگھن ۽ واپس موٽي هليا وڃن.پوليس جي رڪاوٽن ۽ رنڊڪن جي باوجود به، سارنگ جويو، ماروي اعواڻ، امر سنڌو، ۽ عائشه ڌاريجو کان سواءِ ٻين ڪيترن ئي اڳواڻن سان گڏ سوين ماڻهو پريس ڪلب آڏو گڏ ٿي رواداري مارچ ۾ پهتا. جڏهن ته سنڌ حڪومت پنهنجي رواج موجب آمريت جو اظهار ڪندي مارچ کي روڪڻ لاءِ 144 قلم نافذ ڪري ڇڏيو. ۽ ڪراچي جي سمورن روڊن تي پوليس جا اٽالا بيهاري ڇڏيا. پوليس کي حڪم ڏنو ويو ته، ڪوبه ماڻهو مذڪوره مارچ ڪرڻ لاءِ نه ڇڏيو ڪنهن کي به ايتري اجازت نه ڏيو. پريس ڪلب تي تمام گھڻي سختي ڪئي ويئي رنڊڪون ۽ رڪاوٽون وڌيون ويون اتي خوف و هراس جو ماحول پيدا ڪيو ويو. ڪرفيو جهڙو منظر هو. ٽن تلوارن تي به سوين پوليس اهلڪار مقرر ڪيا ويا هئا. بهرحال روڊ رستا بند رهيا. تنهن هوندي به سڄي سنڌ مان سوين ماڻهو ڪراچي پهچي ويا ۽ ڄاڻايل مارچ ۾ شريڪ ٿيا. حڪومت جون سموريون رنڊڪون ۽ رڪاوٽون ٽوڙي ڇڏيون انهن ماڻهن مرحوم ڊاڪٽر شاهنواز ڪنڀر جي قاتلن جي گرفتاري لاءِ سنڌ رواداري مارچ ڪيو. پوليس سوين ماڻهن کي گرفتار ڪري ورتو ۽ انهن تي تشدد به ڪيو. خاص ڪري نياڻين تي وحشياڻو تشدد ڪيو ويو. صحافين جي به تذليل ڪئي ويئي. انهن کي مارڪٽ ڪئي ويئي صبح کان شام تائين يعني سڄو ڏينهن گرفتارين جو سلسلو هلندو رهيو. خاص ڪري ٽن تلوارن ۽ پريس ڪلب تي پهچندڙ مظاهرين کي گرفتار ڪري ٿاڻن تي قيد ڪيو ويو پوليس انهن سان بدتعميزي وارو سلوڪ ڪري پنهنجي بهادري ۽ سورهيائپ ڏيکاري تنهن هوندي به سنڌ جي سماجي ڪارڪنن ۽ ساڃاهه وندن جي طرفان رواداري تحريڪ جي سڏ کي ڀرپور موٽ ڏني ويئي ۽ سوين ماڻهن گڏجي پنهنجو آواز بلند ڪيو ۽ رواداري مارچ کي ڀرپور موٽ ڏيئي ڪامياب ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي اخباري رپورٽن موجب ان موقعي تي سنڌ حڪومت جي خلاف سخت نعريبازي به ڪئي ويئي رپورٽ موجب ڊاڪٽر شاهنواز جي قتل ڪيس ۾ نامزد ڊي آءِ جي جاويد جسڪاڻي، ايس ايس پي، ايس ايڇ او، سي آءِ اي انچارجن ۽ مولانا عمر سرهندي جي گرفتاري لاءِ رواداري تحريڪ شروع ٿي آهي. اهي به اطلاع آهن ته، ٺٽي، ڄامشوري ۽ حيدرآباد جي باءِ پاس روڊن تي به پوليس جا وڏا اٽالا بيهارا ويا هئا. جيڪي ايندڙ ويندڙ مسافرن کي تنگ ڪري رهيا هئا. چڪاس جي آڙ ۾ انهن جي تذليل ڪندا رهيا ۽ متعدد گرفتاريون به ڪيون ويون. اهوئي سبب آهي جو ماڻهن ۾ خوف و هراس ڇائنجي ويو. تنهن هوندي به ماڻهو ڪراچي پهچي ويا ۽ ڄاڻايل مارچ ۾ شرڪت ڪئي. پوليس انهن مٿان حملو ڪري ڏنو. لٺبازي کان ڪم ورتو ويو ۽ ڳوڙها آڻيندڙ گئس جو استعمال ڪيو ويو. ان ڪري مظاهرين ۽ پوليس درميان چڪريون ٿي پيون. ياد رهي ته احتجاجي مارچ جي اڳواڻي سنڌو نواز گھانگھرو، جامي چانڊيو، سارنگ جويو ۽ ٻيا ڪري رهيا هئا. پوليس انهن تي به تشدد ڪندي رهي. سنڌو نواز گھانگھرو، جامي چانڊيو، بخشل ٿلهو، عاليه بخشل، ڪامريڊ زهرا خان، رخسانه هاليپوٽو سميت ڪيترن ئي ماڻهن کي گرفتار ڪري ورتو. جڏهن ته راڳي سيفي سميجي تي سخت تشدد ڪيو ويو. اهلڪار کيس پڪڙي گھليندا رهيا. جامي چانڊيو جي نياڻي تي به تشدد ڪيو ويو. کيس به پوليس اهلڪار گھليندا رهيا مرڪ منان، پريل مري، علي پلهه، ڊاڪٽر سورٺ، ذوالفقار راهوجو، شوڪت ڪورا.ئي، اسد اقبال بٽ، پنهل ساريو جن کي به گرفتار ڪيو ويو. اها سموري ڪارروائي ڊي آءِ جي ڏکڻ اسد رضا جي موجودگي ۾ ڪئي پئي ويئي ۽ پاڻ صاحب موصوف ڏسندو رهيو. چپ به ڪونه ٿي چوريائين، ڪوريج لاءِ پهتل صحافين کي به ڪونه بخشيو ويو. انهن سان به اڍنگو رويو رکيو ويو ۽ کين تشدد جو نشانو بنايو ويو. انهن کان ڪئميرائون به کسيون ويون. ڪن ڪئميرامين جون ڪئميرائون ڀڃي به ڇڏيون. اهي به اطلاع مليا آهن ته ڇڪتاڻ وڌندي رهي. ماڻهن جو جوش وڌي رهيو هو. اهڙيون حالتون ڏسي، پوليس اهلڪار آهستي، آهستي پوئتي هٽندا ويا ۽ وڌيڪ بيهي ڪونه سگھيا.جڏهن پوليس ٿورو پوئتي هٽي ته ٻيهر سارنگ جويو، ماروي اعواڻ، امر سنڌو، ڊاڪٽر عائشه ڌاريجو وغيره جي اڳواڻي ۾ پريس ڪلب آڏو ڌرڻو هنيو ويو. سندن چوڻ هو ته اسان ڪنهن به صورت ۾ سنڌ کي انتهاپسندن جي حوالي ٿيڻ نه ڏينداسون. اهو، حق ڪنهن کي به مليل ڪونه آهي ته ڪنهن شخص کي قتل ڪري، ان جي لاش کي ساڙيو وڃي. جيڪڏهن ڪنهن تي الزام آهي ته اهو ثابت ڪرڻ لاءِ عدالت ۾ پيش ڪيو وڃي. عدالت جيڪو فيصلو ڏيئي ان تي عمل ڪيو وڃي. قانون هٿ ۾ کڻڻ جي ڪنهن کي به اجازت ڪونه آهي هنن وڌيڪ چيو ته، سنڌ ۾ هاڻ سنڌ حڪومت پاڻ ئي انتهاپسندن جي پٺڀرائي ڪري رهي آهي. پرامن احتجاج ڪندڙن کي ته روڪيو وڃي ٿو. پر، انتهاپسندن کي ڪير به ڪونه ٿو روڪي جنهن ڪري سندن من وڌندو پيو وڃي. سنڌ حڪومت ۾ آمريت جو روح اچي ويو آهي. هن وقت ڊاڪٽر شاهنواز جا قاتل آزاد آهن. انهن کي سنڌ حڪومت تحفظ ڏيئي رهي آهي. اهي به اطلاع آهن ته پوليس جي هٿان جيڪي ماڻهو گرفتار ڪيا ويا هئا سي چند ڪلاڪن کان پوءِ آزاد ڪيا ويا. ڊاڪٽر سنڌو سورٺ ۽ سندس ڀيڻ ميرا جوڻو مارڇ کان اڳ ۾ گرفتار ڪيا ويا هئا سي به آزاد ٿي ويا آهن.ڱٻئي طرف ڊاڪٽر قادر مگسي چيو آهي ته، پيپلز پارٽي آمريت جي روايتن تي هلي رهي آهي. نياڻين تي جهڙي ريت تشدد ٿيو ائين مارشلائن ۾ به مشڪل سان ٿيندو آهي. سنڌ يونائيٽيڊ پارٽي جي مرڪزي اڳواڻ ۽ صدر سيد زين شاهه ان واقعي تي رد عمل ڏيندي چيو ته، سنڌ کي مڪمل طور تي پوليس اسٽيٽ بڻايو ويو آهي. پرامن احتجاج تي پوليس جي غنڊه گردي شرمناڪ عمل آهي. سنڌ ۾ جمهوريت جي بدران آمريت جو دور آهي. پوليس گردي جي مذمت ڪريون ٿا. پرامن رواداري مارچ ۾ شريڪ ٿيندڙ تي پوليس جي لٺبازي، شيلنگ ۽ گرفتارين جي سخت لفظن ۾ مذمت ڪندي ان کي حڪومتي ظلم قرار ڏنو آهي ان کان سواءِ صنعان خان قريشي، نواز خان زنئور، سسئي پليجو، قوصين قريشي ۽ ٻين هن واقعي جي مذمت ڪئي آهي ۽ سنڌ حڪومت تي تنقيد ڪئي اٿن. سنڌ جي با شعور عوام پڻ مذمت ڪئي آهي. ۽ پ پ پ جي ٻٽي معيار کي تنقيد جو نشانو بنايو آهي. هڪ طرف ڪراچي ۾ 144 قلم لاڳو ڪيو ويو ۽ ٻئي طرف شرميلا فاروقي جي ريلي کي پوليس سيڪيورٽي ڏني ويئي. حالانڪه قانون سڀني لاءِ هڪ جهڙو آهي. پر، سنڌ حڪومت وٽ ائين ڪونه ٿو نظر اچي. وفاقي حڪومت ۾ پاڪستان تحريڪ انصاف جي ريلين ۽ جلسن سان اهڙو حشر ڪري رهي آهي جهڙو سنڌ حڪومت رواداري مارچ سان ڪيو آهي. وفاقي توڙي سنڌ حڪومت هڪ ٻئي جي نقش قدم تي هلي رهيون آهن. دعوا اها ڪئي پيئي وڃي ته جمهوري حڪومت آهي جمهوريت ۾ ته ائين ڪونه ڪيو ويندو آهي هر ماڻهو کي احتجاج ڪرڻ جو آئيني حق مليل آهي. جيڪو هاڻ کسيو پيو وڃي. ڪنهن کي به اجازت ڪونه ٿي ڏني وڃي. ته هو پنهنجي حقن لاءِ آواز اٿاري وفاقي توڙي صوبائي حڪومتون جمهوريت جي آڙ ۾ آمريت ڪري رهيون آهن.
مون کي ياد ٿو اچي ته ڪراچي ۾ جڏهن به ڪو احتجاج ٿيندو آهي ته، ان مٿان قانون نافض ڪندڙ ادارن جي اهلڪارن جي ذريعي تشدد ڪرايو ويندو آهي سنڌ حڪومت سدائين ائين چوندي رهي آهي ته تشدد واري ڪارروائين مين پوليس جي غلطي آهي اسان اهڙو حڪم ڪونه ڏنو آهي سنڌ ۾ مذڪوره واقعو پهريون دفعو ڪونه ٿيو آهي اڳ ۾ به ائين ٿيندو رهيو آهي جيڪڏهن ماضي جي اهڙن واقعن تي ويهي لکان ته ڪيترا ئي پنا لکجي ويندا اهڙن واقعن سان اسان جي تاريخ ڀريل نظر اچي ٿي. هي واقعو به انهن جو ورجاءَ آهي. جيڪڏهن سنڌ حڪومت پاڻ کي جمهوريت پسند چئي ٿي ته پوءِ کيس آمريت واريون ڪارروائيون بند ڪرڻيون پونديون. جمهوري حڪومت ۾ جمهوري قدرن تي به عمل ڪرڻ وقت جي تقاضا ۽ ضرورت آهي وفاق توڙي صوبائي حڪومتن کي ملڪ جي عوام جي آواز ۽ راءِ جو احترام ڪرڻ گھرجي هن وقت سنڌ جي عوام جو هڪ ئي مطالبو آهي ته ڊاڪٽر شاهنواز ڪنڀر جي قاتلن کي گرفتار ڪيو وڃي. سنڌ حڪومت، عوام جي مطالبي کي نظر ۾ رکندي قاتلن کي ڪابه رعايت ۽ ڇوٽ نه ڏيئي. انهن کي قانون جي ڪٽهڙي ۾ آندو وڃي. تڏهن هي عوامي تاءُ گھٽ ٿي سگھندو. هن وقت هن جدوجهد ۾ سماجي ڪارڪن، اديب، ساڃاهه وند ۽ قومپرست ڌرين سان گڏو گڏ هر طبقهء فڪر جا ماڻهو شامل آهن جنهن ڪري سندن راءِ جو احترام ڪيو وڃي ۽ کين نظرانداز نه ڪيو وڃي.

پهنجو تبصرو موڪليو