روس جي آمريڪا ۽ اتحادين کي ايٽمي حملن جي ڌمڪي

ماسڪو(ويب ڊيسڪ) روسي صدر ولاديمير پوتن اڱاري تي آمريڪا، مغربي ملڪن ۽ نيٽو کي ايٽمي هٿيار استعمال ڪرڻ جي ڌمڪي ڏني آهي. هن روس ۽ ان جي اتحادي ملڪن جي سلامتي ۽ خودمختياري جي دفاع لاءِ روس جي ’نئين نيوڪليئر ڊاڪٽرائن‘ جي منظوري ڏني آهي ۽ ڪنهن به ملڪ خلاف ايٽمي هٿيار استعمال ڪرڻ لاءِ نئين ريد لائين جو اعلان ڪيو آهي. 2020 ۾ صدر پوتن پاران جاري ڪيل نيوڪليئر ڊاڪٽرائن ۾ پيمانو اهو مقرر ڪيو ويو هو ته روس خلاف ايٽمي هٿيار استعمال ڪرڻ وارن خلاف جوابي ايٽمي حملو ڪيو ويندو. هاڻي ان پيماني کي گهٽ ڪندي نئين منطور ڪيل پاليسي ۾ اعلان ڪيو ويو آهي ته جيڪڏهن آمريڪا يا سندس اتحادين گڏيل طور تي روايتي جنگي هٿيارن سان جنگي جهازن ۽ ميزائيلن سان حملو ڪيو ۽ روس جي فضائي حدن جي خلاف ورزي ڪئي ته ان صورت ۾ به روس پنهنجي ۽ بيلا روس سميت اتحادين جي خودمختاري جي دفاع م ايٽمي هٿيار استعمال ڪندو. سندس اهڙو اعلان ان وقت سامهون آيو آهي جڏهن آمريڪي صدر جو بائيڊن لانگ رينج آمريڪي ميزائيلن سان يوڪرين کي روس اندر حملي جي منظوري ڏني آهي. يوڪرين اڱاري تي آمريڪا پاران ڌنل بيلسٽڪ ميزائيل روس تي فائر ڪيا آهن جنهن سبب نقصان جو اڃا پتو پئجي نه سگهيو آهي. روسي فوج جي ترجمان هڪ آمريڪي ميزائيل فوجي ڪيمپ لڳ ڪرڻ جي تصديق ڪندي چيو آهي ته ان ۾ ڪو جاني نقصان ناهي ٿيو. 19 نومبر اڱاري تي روس ۽ يوڪرين جي جنگ جو 1000 هون ڏينهن آهي. آمريڪا ۽ روس ۾ 1962 بعد پهريون ڀيرو ڇڪتاڻ ان سطح تي پهتي آهي جو روس ايٽمي هٿيارن جي استعمال جي ڌمڪي ڏني آهي ۽ ان لاءِ پيمانو به گهٽائي ڇڏيو آهي. 1962 ۾ ڪيوبا تي آمريڪي حملن وقت روس آمريڪا کي ايٽمي هٿيار استعمال ڪرڻ جي ڌمڪي ڏني هئي. ياد رهي ته پاڪستان ۽ ڀارت سميت دنيا جا 7 اهرا ملڪ آهن جن وٽ اعلانيا ايٽمي هٿيار آهن. جڏهن ته اسرائيل، ايران ۽ اتر ڪوريا پن ايٽمي هٿيار رکن جا دعويدار آهن. دنيا ۾ هن وقت ڪل اٽامڪ وار هيڊز جو 88 سيڪڙو هٿيار آمريڪا ۽ روس وٽ آهن. عام خيال آهي ته روس وٽ آمريڪا کان به وڌيڪ ايٽمي هٿيار آهن. روس ۽ آمريڪا ۾ ڇڪتاڻ ان وقت ايتري وڌي وئي آهي جڏهن صدر بائيڊن جي ڊيموڪريٽڪ پارٽي صدارتي چونڊ هارائي چڪي آهي ۽ ريپبلڪن جو ڊونلڊ ٽرمپ ٻيو ڀيرو وڏي اڪثريت سان ٻنهي ايوانن ۾ اڪثريت حاصل ڪري چڪو آهي ۽ 20 جنوري تي صدر جو عهدو سنڀاليندو. صدر ٽرمپ چونڊ مهم دوران روس ۽ يوڪرين جي جنگ، اسرائيل ۽ حماس جي جنگ سميت دنيا مان جنگيون ختم ڪرائڻ جو اعلان ڪري چڪو آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو