ماسڪو(ويب ڊيسڪ) باڪسنگ ڪيريئر ۾ ناقابل شڪست رهندڙ روسي باڪسر آمريڪا ۾ ‘يو ايس ايف 254 ’ ٽائٽل کٽڻ بعد ريٽائرمينٽ جو اعلان ڪري ڇڏيو آهي. خبيب نورما گيدووف لائٽ ويٽ چيمپئن گيدووف آمريڪي باڪسر جسٽن گائيٿي کي ٻئي رائونڊ ۾ چت ڪري ڇڏيو. جسٽن ٽيون ڀيرو لڳاتار يو ايس ايف ٽائٽل کٽڻ لاءِ ميدان ۾ لٿو ته روسي باڪس کيس مُڪن سان ٻوٿ سڄائي ڇڏيو. گيدووف جو والد عبدالمناف گيدووف جيڪو سندس ڪوچ به هو تازو ڪورونا سبب فوت ٿي ويو هو. جنهن بعد سند پٽ جو هي پهريون عالمي مقابلو هو. هن ڪيريئر ۾ 29 مقابلا کٽي ناقابل شڪست رهيو. هن جو چوڻ آهي ته منهنجو بابا ۽ منهنجو ڪوچ دنيا ۾ ناهي رهيو ته مان ڪيئن وڙهندس. هن چيو ته مون امڙ کي به آگاهه ڪري ڇڏيو هو ته مان ريٽائر ٿي رهيو آهيان. 2018 ۾ هن آمريڪا ۾ هڪ مقابلي ۾ آئرش باڪسر ڪونر مِڪ گريگر کي جڏهن شڪست ڏئي ٽائٽل کٽيو هو ته هارايل باڪسر جي ٽيم پاران سندس خلاف هوٽنگ ڪئي وئي هئي، جنهن تي هن باڪسنگ رِنگ مان ٽپو ڏئي مٿن ٺونشا وساي هئا، جنهن تي ٽورنامنٽ جي انتظاميا کيس بيلٽ ڏيڻ کان انڪار ڪيو هو. جنهن تي هن ٻئي ڏينهن پريس ڪانفرسن ڪري معذرت ڪئي هئي ته مان اهڙي مزاج جو ماڻهو ناهيان، پر مخالفن منهنجي مذهب، والد ۽ ملڪ جي خلاف جملي بازي ڪئي ته ڪاوڙ اچي وئي هئي. جنهن بعد کيس ٽائٽل ڏنو ويو هو.
نو مئي سانحي جي ماسٽر کي به سزا ملندي; عطا تارڙ
نقوي جو عوامي مرڪز ۽ نادرا سينٽر ڊفينس جو دورو
بلاول جي ڪي پي ۾ سيڪيورٽي چيڪ پوسٽ تي حملي جي مذمت
وزيراعظم پي ٽي آءِ سان ڳالهين لاءِ ڪميٽي ٺاهي ڇڏي
مهانگي ۽ سولر استعمال سبب بجلي جي طلب ۾ گهٽتائي
مروت پارن پارٽي کي سول نافرماني واري تحريڪ ملتوي ڪرڻ جي تجويز
پي ٽي آءِ پاران حڪومتي ڳالهين واري ڪميٽي جي قيام جي آجيان
سياسي عدم استحڪام ختم ٿيڻ گهرجي: اياز صادق
حڪومت سنجيده ناهي، سڀاڻي کان سول نافرماني جي تحريڪ شروع ٿيندي
صدر پاران چيڪ پوسٽ تي حملي ۾ شهيد ٿيندڙ جوانن کي خراج عقيدت
ڪميٽي عمران جي آزادي ڳالهين جي ايجنڊا تي ناهي: عقيل ملڪ
علي امين خلاف پنجاب ۾ 56 ڪيس داخل،تفصيل پڌري
ڊفينس مان بزرگ شهرين بازياب، مقابلي ۾ 2 اغواڪار مارجي ويا
رحيم يار خان پوليس جي ڪارروائي، 2 مغوي بازياب
يونان ۾ ٻيڙي حادثي جو مک جوابدار گرفتار
پسند جي شادي جو مطالبو ڪندڙ قيد ڇوڪري بازياب، جوابدار گرفتار
9 مئي جي سزائن سان اميد جاڳي آهي، گورنر سنڌ
ڏکڻ آفريڪا ۾ 5.3 شدت جو زلزلو، پاڪستاني ٽيم جوهانسبرگ ۾ موجود
فراڊ ڪيس ۾ اڳوڻي ڀارتي ڪرڪيٽر جا گرفتاري وارنٽ جاري
جسٽن بيلڊوني تي جنسي هراسان ڪرڻ جو ڪيس داخل