رونالڊو خلاف ماڊل جي داخل ڪرايل جنسي زيادتي جي درخواست رد

واشنگٽن(ويب ڊيسڪ)آمريڪا جي هڪ جج فٽبال سپر اسٽار ڪرسٽيانو رونالڊو خلاف جنسي زيادتي جي درخواست رد ڪري ڇڏي آهي. پرڏيهي خابرو اداري موجب فٽبالر خلاف درخواست نيواڊا جي اڳوڻي ماڊل طرفان داخل ڪئي وئي آهي.اڳوڻي ماڊل ڪيٿرين ميئرگا الزام مڙهيو هو ته رونالڊو 2009ع ۾ لاس ويگاس جي هڪ هوٽل ۾ کيس ريپ ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي هئي.جڏهن ته ڪرسٽيانو رونالڊو خاتون ماڊل پاران لڳايل سمورن الزامن کي رد ڪري ڇڏيو.

پهنجو تبصرو موڪليو