رياست جي وجود جو ماضي ۽ حال

طفيل مگسي
رياست ڪنهن خودمختيار علائقي جي سڀ کان وڏي طاقت يا اختيار رکڻ واري تنظيم آھي.جيڪا علائقي جي آبادي تي مختلف سوچن ۽ نظرياتي وسيلي کان پنهنجن حڪمن جي پابند بڻائي ٿي.رياست ازل کان موجود ناهي ۽ نه ئي آسمان کان نازل ٿي آھي.بلڪ اها انسانن جو ئي ٺاهيل سماجي ادارو آھي.جنهن جي جوڙجڪ هڪ ئي ڏينهن ڪنهن حڪم سان ناهي ٿي بلڪ جنهن گذريل ڇه هزار سالن ۾ ارتقا جون ڪيتريون ئي منزلون طئي ڪيون آھن.رياست اصل ۾ ان وقت وجود ۾ آئي جڏھن معاشرو طبقن ۾ ورهائجي ويو ۽ دولت جي واڌ جا وسيلا(زمين.زمين جي پيداوار ۽ پيداوار جا اوزار)ڪجه ماڻھن جي ذاتي ملڪيت بڻجي ويا.رياست انسانن جي پهرين با اختيار معاشرتي تنظيم به ناهي.جيتوڻيڪ خاندانن.گهرن.برادرين ۽ قبيلن جا سردار .ڳوٺ جو چڱو مڙس سڀني کان طاقتور شخص هوندو هو.
حاڪميت جو مرڪز به رواج ئي هو.جنهن جي حيثيت بلڪل اخلاقي هئي.مگر تنظيم جي هر فرد کي رواج جي حاڪميت تسليم ڪرڻي پوندي هئي.
مٽلا.رسول الله حضرت محمد مصطفي صلي الله عليه وسلم جي دور ۾ مڪي ۽ مديني ۾ قبيلن وارو نظام قائم هو.مگر رياست نه هئي.مديني ۾ قبيلا الڳ الڳ چوديوارين ۾ رهندا هئا ۽ هر قبيلو اندرين مسئلن جو پاڻ ذميوار هوندو هو.سڄي شھر جي ڪا به با اختيار مرڪزي تنظيم نه هئي.مڪي ۾ به جيڪو مذھبي ۽ واپاري اعتبار کان نهايت خاص شھر هو.قبيلا الڳ الڳ خودمختيار وحدتون هئا.البته قبيلي جي سردارن جي هڪ هلڪي ڦلڪي تنظيم ضرور موجود هئي.جنهن حج ۽ واپار جا فرض پاڻ ۾ ورهائي ڇڏيا هئا.جنگ جي موقعي تي ڪنهن شخص کي لشڪر جو سپه سالار چونڊيو ويندو هو.شھر جي حفاظت جي لاء ڪا باقاعده فوج نه هئي بلڪ شھر جو دفاع هر نوجوان ۽ صحتمند شخص جو فرض هو.انهن پراڻين تنظيمن ۽ رياست جي وچ ۾َ اهو فرق به آھي ته پراڻين تنظيمن جو بنياد رتاون رشتن.مذھبي عقيدن ۽ ٻولي جي هڪجهڙائي تي هو.خاص علائقن سان تعلق شرط نه هو(بدوي قبيلا رڻ پٽن جا رهواسي هئا) جڏھن ته رياست هڪ علائقائي يا جغرافيائي سياسي وحدت آھي.جيڪا رتائن رشتن سان مقرر ناهي ٿيندي بلڪ ان جي حدن ۾ ھڪ کان وڌيڪ خاندان.قبيلن.قومن .مذھبن ۽ ٻولين جي گنجائش هوندي آھي.هڪ اهم فرق اهو به آھي ته ڳوٺن جون پراڻيون ٿنظيمون طبقن ۾َ ورهايل نه هيون.انهيء ۾ نه ڪو حاڪم.هو ۽ نه ئي ڪو محڪوم بلڪ ان جي ڀيٽ ۾َرياست جو نمونو شروعات کان ئي طبقاتي رهيو آھي.ليڪن اها معاشري جي طبقي ۾ ورهائجي وڃڻ سان ئي وجود ۾ آئي ۽ ان جو ئي اهو آھي ته حاڪم طبقي جي بالادستي جو بچاء ڪيو وڃي.مقصد ته رياست چاهي اها ٿيوڪريسي هجي يا مذھبي پنڊتن جي اقتدار و مفاد جو تحفظ ڪندي هئي.ان جو فرض بادشاه ۽ شاهي خاندان جي اقتدار کي قائم رکڻو هو.بورزوا جهموريت سرمائيدار طبقي جي محافظ ۽ مقرر هوندي آھي.جڏھن ته سوشلسٽ رياستون محنت ڪش طبي جي مفادن جو تحفظ ڪنديون آھن.قطعي ڪا وڏي طاقت ناهي جيڪا سوسائٽي تي ۽ مٿي کان ماحول تي ٿڦي وئي هجي بلڪ اها سوسائٽي جي ئي پيداوار آھي.جيڪا معاشري جي ارتقا جي هڪ خاص منزل تي نروار ٿيئي ٿي ۽ ان جو وجود هن ڳاله جو اقرار آھي ته سوسائٽي هاڻي ناقابل حل واري ٽڪراء ۾ منجهي پئي آھي ۽ ان ۾ اهڙيون دشمنيون يا نفرتون پيدا ٿي ويون آھن ته اهي طبقا جن جا اقتصادي مفاد پاڻ ٽڪرائجن ٿا.بي فائدي واري ڇڪتاڻ کان پنهنجو پاڻ کي ۽ سوسائٽي کي ساڙي ڪري خاڪ جي ڍير ۾ بدلائي ڇڏين ٿا.هڪ اهڙي طاقت جي ضرورت پيش اچي ٿي جيڪا ظاهر ۾ سوسائٽي کان مٿاهين هجي ته جيئن ٽڪراء ۾ قائم ٿي سگهي ۽ گڏيل ٽڪراء کي نظم و ضبط جي حدن ۾ رکي سگهجي ۽ اها طاقت جيڪا سوسائٽي جي اندر کان اڀري ٿي.ليڪن پاڻ کي سوسائٽي کان مٿاهون رکي ٿي ۽ سوسائٽي کان مسلسل ويڳاڻي ٿيندي وڃي ٿي اها ئي رياست آھي.
شروعاتي رياستون شھري رياستون هيون.جيڪي سڀ کان پهرين ڌاتن جي زماني ۾َدريائن جي ڪنارن تي قائم ٿيون.ڌاتن جي اوزارن جي رواج پوڻ سان ٻھراڙي جي فاضل پيداوار ۾ واڌ ٿي ۽ پيداوار جي واڌاري جي سبب کان ڌنڌن جي ورهاست ۽ واپار جي شروعات ٿي ۽ منڊين.بازارن ۽ شهرن جو قيام عمل ۾ آيو ۽ انهن شھرن جو ڪو نه ڪو مرڪز عبادت گاه هوندي هئي.جنهن رياست جي جوڙجڪ ۾ وڏو اهم ڪردار ادا ڪيو آھي.دريائي پاڻي جو بندوبست.علائقائي جنگين ۽ غلامي جي رواج به رياست جي جوڙجڪ ۾ وڏي خاص مدد ڪئي.رياستون ٿيوڪريسي يعني مذھبي رياستون هيون.چاهي اهي وادي نيل.وادي دجلا.وادي فرات.وادي سنڌ يا وادي گنگا جمناجون هجن.؛

پهنجو تبصرو موڪليو