ڪوئيٽا: (ويب ڊيسڪ)بلوچستان ۾ رياست مخالف پروپيگنڊا ۽ سرگرمين ۾ ملوث سرڪاري ملازمن خلاف ڪارروائي جو فيصلو ڪيو ويو آهي. اهو فيصلو وزيراعليٰ بلوچستان سرفراز بگٽي جي صدارت هيٺ انتظامي آفيسرن جي هڪ اعليٰ سطحي اجلاس ۾ ڪيو ويو. اجلاس ۾ اهو به طئي ڪيو ويو ته رياست مخالف عنصرن کي فورٿ شيڊول ۾ شامل ڪري، انهن جي منفي سرگرمين تي نظر رکي ويندي. اجلاس دوران وزيراعليٰ بلوچستان سرفراز بگٽي چيو ته صوبي جي هر تعليمي اداري ۾ قومي ترانو پڙهيو ويندو ۽ قومي جهنڊو لهرائبو. جيڪي تعليمي ادارن جا سربراهه هنن حڪمن تي عملدرآمد نه ڪرائي سگهندا، اهي پنهنجن عهدن تان دستبردار ٿي وڃن. وزيراعليٰ بلوچستان وڌيڪ چيو ته امن امان جي بحالي پهرين ترجيح آهي، ڪا به شاهراهه بند نه ٿيندي. هر ضلعي آفيسر پنهنجي علائقي ۾ رياستي رٽ قائم رکڻ جو ذميوار هوندو. سرفراز بگٽي جو چوڻ هو ته دهشتگردي خلاف جنگ رياست جي هر اداري ۽ هر فرد جي جنگ آهي، جيڪا گڏجي وڙهڻي پوندي. هن وڌيڪ چيو ته پاليسي حڪومت ڏيندي آهي، جڏهن ته ان تي عملدرآمد ڪرائڻ لاءِ ميدان ۾ موجود آفيسرن جي ذميواري هوندي آهي. جيڪڏهن ڪو آفيسر پاليسي تي عملدرآمد نٿو ڪرائي سگهي، ته هو رضاڪاراڻي طور تي پنهنجي عهدي تان استعيفيٰ ڏئي. ڪنهن به سياسي دٻاءُ کان بالاتر ٿي، آئيني ذميوارين کي پورو ڪيو وڃي. وزيراعليٰ بلوچستان واضح ڪيو ته ڪنهن به چيڪ پوسٽ تي ڀُتاخوري برداشت نه ڪئي ويندي. اجلاس ۾ پنهنجا فرض نڀائيندي شهادت ماڻيندڙ جوانن لاءِ فاتحه خواني پڻ ڪئي وئي.
