ريتي بجري جو غير قانوني ڪاروبار ڪندڙن خلاف ڪاروائي جو فيصلو

ڪراچي(اسٽاف رپورٽر)سنڌ حڪومت جو ريتي بجري جي غير قانوني ڪاروبار ۾ ملوث ماڻهن خلاف ڪريڪ ڊائون جو فيصلو ڪري ورتو،چيف سيڪريٽري سنڌ آصف حيدر شاهه جي صدارت هيٺ غير قانوني مائيننگ روڪڻ بابت اجلاس ٿيو،ترجمان موجب اجلاس ۾ ڪمشنر ڪراچي، ايڊيشنل آءِ جي ڪراچي، سيڪريٽري مائينز اينڊ منرل، ڊي سي ۽ ايس ايس پي ملير سميت ٻين جي شرڪت ڪئي، چيف سيڪريٽري سنڌ جون ڊي سي ۽ ايس ايس پي ملير کي هدايت ڪندي چيو ته ريتي بجري جي غير قانوني ڪاروبار ۾ ملوث ماڻهن خلاف سخت ڪارروائي ڪئي وڃي، غير قانوني مائيننگ کي روڪڻ لاءِ خاص عدالتون قائم ڪيون وينديون، اجلاس ۾ آگاهي ڏيندي ٻڌايو ويو ته مائينز اينڊ منرلز گورننس ايڪٽ 2021 تحت غير قانوني مائيننگ کي گرفتاري جوڳو ڏوهه قرار ڏنو ويو آھي جنهن تي چيف سيڪريٽري سنڌ چيو ته غير قانوني مائيننگ جي روڪٿام لاءِ مائينز کاتي جي قانون ۾ به تبديليون آنديون وينديون ۽ سيڪريٽري مائينز اينڊ منرل کي ان حوالي سان ڊرافٽ تيار ڪري،نئين قانون تحت ڊپٽي ڪمشنر ۽ پوليس کي مائينز اينڊ منرل کاتي طرفان ڪاروائي لاءِ اختيار ڏنا ويندا، آصف حيدر شاهه چيو ته صوبائي قيمتي قدرتي وسيلن جو تحفظ اسان سڀني جي ذميواري آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو