ريلوي ۽ ايف جي آئي آر ڪراچي ڊويزن جي سالياني انسپيڪشن مڪمل

ڪراچي(اسٽاف رپورٽر)چيف ايگزيڪيوٽو آفيسر (سي اي او) پاڪستان ريلوي عامر بلوچ ۽ فيڊرل گورنمينٽ انسپيڪٽر آف ريلوي (ايف جي آئي آر) حماد مرزا ڊي ايس ريلوي ڪراچي ناصر خليلي سان گڏ ڪراچي ڊويزن جي سالياني انسپيڪشن مڪمل ڪري ورتي انسپيڪشن جي دوران ريلوي جي مختلف شعبن جهڙوڪ ڪمرشل سول مڪينيڪل ۽ ٽرانسپورٽيشن جي معيار ۽ ڪارڪردگي جو پڻ معائنو ڪيو ويو دوري دوران ڊويزنل سپرنٽينڊنٽ ڪراچي ناصر خليلي اعليٰ عملدارن کي بريفنگ ڏيندي کين ڪراچي ڊويزن جي ڪارڪردگي بابت آگاھ ڪيو اختيارين ڊي ايس ڪراچي پاران ريلوي تنصيبات جي حفاظت ۽ سار سنڀال سميت مسافرن کي بهتر سهولتون فراهم ڪرڻ جي ڪوششن کي ساراهيو ترجمان ريلوي ڪراچي موجب سالياني انسپيڪشن جو بنيادي مقصد ڪراچي ڪينٽ اسٽيشن کان ٽنڊي آدم تائين مختلف ريلوي اسٽيشنن ۽ تنصيبات جو معائنو ڪرڻ ھو ۽ خدمتن جي معيار کي وڌيڪ بهتر بڻائي عوام کي بهترين سفري سهولتون فراهم ڪرڻ آھي جڏهن تہ سالياني انسپيڪشن جو خاص مقصد ريلوي جي انهن آفيسرن ۽ ملازمن جي حوصلا افزائي ڪرڻ هو جن پنهنجي ڪارڪردگي جي ذريعي شاندار خدمتون سرانجام ڏيئي ڪري ريلوي جي بهتري ۾ نمايان ڪردار ادا ڪيو ان موقعي تي ريلوي عملدارن مختلف شعبن ۾ شاندار ڪارڪردگي ڏيکاريندڙ ملازمن کي انعام ڏيندي کين خراج تحسين پيش ڪيو دوري جي دوران چيف آپريٽنگ سپرنٽينڊنٽ مريم گيلاني چيف ڪمرشل مئنيجر سيد علي رضوان رضوي سميت ٻيا اعليٰ عملدار موجود هئا.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو