ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه چيو آهي ته ريڊيو هڪ مؤثر ذريعو آهي، جيڪو عوام تائين درست معلومات پهچائڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪري ٿو. هن چيو ته پاڪستان پيپلز پارٽي هميشه صحافت جي آزادي تي يقين رکندي آهي ۽ ميڊيا جي سڀني ذريعن کي عوامي ڀلائي لاءِ استعمال ڪرڻ جي حمايت ڪري ٿي. اهو اظهار هن ريڊيو جي عالمي ڏھاڙي جي مناسب سان وزيراعليٰ هائوس مان جاري ڪيل سندس خاص پيغام ۾ ڪيو. هن سال جي ريڊيو جو عالمي ڏينهن جو عنوان ”ريڊيو ۽ موسمياتي تبديلي“ رکيو ويو آهي، موسمياتي تبديلي جي اهميت کي اجاگر ڪندي وڏي وزير چيو ته موسمياتي تبديلي هاڻ هڪ سنگين عالمي چئلينج بڻجي ويو آهي ۽ ان جي اثرن کي گهٽ ڪرڻ لاءِ عوام کي آگاهي فراهم ڪرڻ انتهائي ضروري آهي. هن وڌيڪ چيو ته ريڊيو ذريعي موسمياتي تبديلي بابت ڄاڻ، ان جا سبب ۽ ممڪن حل مؤثر نموني عوام تائين پهچائي سگهجن ٿا. سيد مراد علي شاهه ريڊيو کي ماحولياتي شعور اجاگر ڪرڻ جو طاقتور ذريعو قرار ڏيندي چيو ته ميڊيا، خاص طور تي ريڊيو، ماحول جي تحفظ ۾ اهم ڪردار ادا ڪري سگهي ٿو. هن ريڊيو اسٽيشنز تي زور ڏنو ته اهي ماحولياتي مسئلن کي اجاگر ڪن ۽ عوام کي انهن جي ممڪن حل بابت آگاهي فراهم ڪئي وڃي. وڏي وزير يقين ڏياريو ته سنڌ حڪومت موسمياتي تبديلي بابت شعور بيدار ڪرڻ لاءِ ريڊيو ۽ ٻين ميڊيا ذريعن سان مڪمل سهڪار ڪندي تھ جيئن هڪ محفوظ ۽ پائيدار مستقبل جي راهه هموار ڪري سگهجي.
وڏي وزير سان جاپاني سفير جي ملاقات، ٻه طرفي لاڳاپن ۽ سيڙپڪاريءَ تي ڳالهيون
سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه سان جاپان جي سفير اڪاماتسو شيوچي (AKAMATSU Shiochi) وزيراعليٰ ھائوس ۾ ملاقات ڪئي، جنهن دوران ٻه طرفي لاڳاپن ۽ گڏيل دلچسپي جي معاملن تي تفصيلي ڳالهه ٻولهه ڪئي وئي. وڏي وزير جاپان جي ڪمپنين کي ڪراچي جي ماس ٽرانزٽ رٿائن ۾ سيڙپڪاري جي آڇ ڏيندي چيو تھ سنڌ حڪومت سڄي صوبي ۾ ٽرانسپورٽ جي نظام کي بھتر ڪرڻ لاءِ اپاءَ وٺي رھي آھي تھ جيئن ماڻھن کي بھترين سفري سھولتون فراھم ڪري سگھجن. وڏي وزير چيو تھ سندس حڪومت ويسٽ واٽر ٽريٽمينٽ واري شعبي ۾ پڻ ڪم ڪري رھي آھي تھ جيئن ماحولياتي تحفء ۽ صاف پاڻي جي فراھميءَ کي يقيني بڻائي سگھجي. ھن وڌيڪ چيو تھ جاپان جون ڪمپنيون ڪراچيءَ ۾ ويسٽ واٽر ٽريٽمينٽ وارين رٿائن ۾ شامل ٿين، ڇو ته سنڌ حڪومت فارن ڊائريڪٽ انويسٽمينٽ (ايف آءِ ڊي) ۽ پبلڪ پرائيويٽ پارٽنرشپ (پي پي پي) تحت مختلف ترقياتي رٿائون ھلائي رھي آھي. جاپاني سفير اڪاماتسو شيوچيءَ سنڌ ۾ ٽرانسپورٽ ۽ ويسٽ واٽر ٽريٽمينٽ وارن شعبن ۾ سيڙپڪاري ۾ دلچسپي ظاهر ڪندي چيو ته جاپاني ڪمپنيون سنڌ ۾ سيڙپڪاري جا موقعا ڏسي رهيون آهن ۽ ان سلسلي ۾ تعاون کي وڌيڪ هٿي وٺرائي ويندي. ملاقات ۾ اتفاق ڪيو ويو ته سنڌ ۾ جاپاني سيڙپڪاري جي واڌاري لاءِ سنڌ جي سيڙپڪاري کاتي ۽ جاپاني سفارتخاني وچ ۾ مستقل رابطي کي يقيني بڻايو ويندو، ته جيئن مختلف شعبن ۾ گڏيل رٿائون اڳتي وڌاياوڃن.
وڏي وزير جي صدارت هيٺ اجلاس، ڪراچي ۾ ٽريفڪ مسئلن ۽ روڊ حادثن بابت اھم فيصلا
سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه جي صدارت هيٺ ڪراچي ۾ وڌندڙ ٽريفڪ مسئلن ۽ روڊ حادثن بابت اهم اجلاس وزيراعليٰ هائوس ۾ منعقد ٿيو، جنهن ۾ سينيئر وزير شرجيل انعام ميمڻ، مڪاني ادارن وارو وزير سعيد غني، ايڪسائيز وارو وزير مڪيش ڪمار چاولا، گھرو وزير ضياءُ الحسن لنجار، ميئر ڪراچي مرتضيٰ وهاب، سيڪريٽري توانائي مصدق خان، وڏي وزير جو پرنسپل سيڪريٽري آغا واصف، آءِ جي پوليس غلام نبي ميمڻ، ڪمشنر ڪراچي حسن نقوي، سيڪريٽري ايڪسائيز سليم راجپوت، سيڪريٽري قانون علي احمد بلوچ ۽ سيڪريٽري ٽرانسپورٽ اسد ضامن شرڪت ڪئي. وڏي وزير اجلاس دوران ڪراچي ۾ وڌندڙ روڊ حادثن تي ڳڻتي ظاهر ڪندي ايڪسائيز ۽ بلديات کاتن، ٽريفڪ پوليس ۽ ضلعي پوليس کي آءِ جي پوليس جي ذريعي سخت هدايتون جاري ڪيون. وڏي وزير ۾ گاڏين جي فٽنيس، ٽريفڪ مئنيجمينٽ ۽ روڊ سيفٽي بابت اهم فيصلا ڪيا ويا ته جيئن حادثن کي روڪي سگهجي. ان موقعي تي وڏي وزير سيد مراد علي شاھھ وزير اطلاعات شرجيل ميمڻ کي هدايت ڪئي ته اجلاس ۾ ٿيل فيصلن بابت پريس ڪانفرنس ذريعي عوام کي آگاهه ڪيو وڃي ۽ ٽريفڪ قانونن ۽ روڊ سيفٽي بابت عوامي شعور اجاگر ڪرڻ لاءِ قدم کنيا وڃن.