ريڊيو پاڪستان جا رٽائرڊ ملازم ادائيگين کان محروم،ڪراچي ۾ احتجاج

ڪراچي( رپورٽر)ريڊيو پاڪستان جي رٽائرڊ ملازمن نريش ڪمار ۽ ٻين ڪالهه ڪراچي پريس ڪلب ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي چيو ته ريڊيو پاڪستان جي رٽائرڊ ملازمن کي ڪميوٽيشن جي رقم پنجن سالن کان نه ملي آهي، پينشن ۾ ٿيندڙ اضافو به وقت تي نه ٿو ڏنو وڃي ۽ ڪيترن مهينن جا رهيل پئسا به نه ملي سگهيا آهن، ميڊيڪل الائونس به ڪيترن ئي سالن کان نه ملي رهيو آهي،هنن چيو ته رٽائرمنٽ جي مد ۾ ملڻ واري رقم جي آسري سندن اولاد جون شاديون، گهر جي تعمير ۽ ڪيترائي گهر جا ڪم نه ٿي سگهيا آهن. ھنن وڌيڪ چيو ته اسان جو سڀ کان اهم مسئلو ڪميوٽيشن پيمينٽ نه ملڻ آهي، 380 ملازم گذريل پنجن سالن کان ڪميونٽيشن جو انتظار ڪري رهيا آهن، جنهنجي ادائگي جنوري 2020 ۾ ٿيڻي هئي،گذريل سال 24-2023ع جي پينشن ۾ ٿيندڙ واڌ جي مد ۾ 4 مهينن جا بقايا به ادا نه ڪيا ويا آهن ۽ 2024-25 جي بجيٽ ۾ ٿيل واڌ اڃا تائين پينشن ۾ شامل ناهي ڪئي وئي. پريس ڪانفرنس ڪرڻ کانپوءِ ريڊيو پاڪستان جي ريٽائرڊ ملازمن ڪراچي پريس ڪلب آڏو احتجاجي مظاهرو ڪيو. احتجاجي مظاهرو ڪندي ريڊيو پاڪستان جي ملازمن چتاءُ ڏيندي چيو ته جيڪڏهن سندن مسئلا حل نه ڪيا ويا ته هو احتجاج جو دائرو وڌائيندا

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو