زائرين جي بس مڪران ۾ حادثي جو شڪار، 10 ڄڻا فوت

مڪران (ويب ڊيسڪ)ايران کان ايندڙ زائرين جي بس مڪران ۾ حادثي جو شڪار ٿي وئي، جنهن جي نتيجي ۾ 10 ڄڻا فوت ۽ 30 کان وڌيڪ زخمي ٿي پيا.مڪران ڪوسٽل هاءِ وي تي بزي ٽاپ وٽ زائرين جي بس کي حادثو پيش آيو، بس بريڪ فٽ ٿيڻ سبب کاهي ۾ ڪري پئي.ريسڪيو ذريعن موجب حادثي ۾ 10 ڄڻا فوت ۽ 30 کان وڌيڪ زخمي ٿي پيا.پوليس جو چوڻ آهي ته ايران کان ايندڙ بس زائرين کي کڻي پنجاب وڃي رهي هئي، زخمين ۽ فوتين کي ويجهي اسپتالن ڏانهن منتقل ڪيو پيو وڃي. پوليس اختيارين جو چوڻ آهي ته مارجي ويلن جو تعلق لاهور ۽ گوجرانوالا سان آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو