زاهد خان اي اين پي ڇڏي ن ليگ ۾ سامل

لوئردير: (ويب ڊيسڪ) عوامي نيشنل پارٽي(اي اين پي) جي اڳوڻي مرڪزي اڳواڻ زاهد خان مسلم ليگ(ن) ۾ شموليت اختيار ڪري ورتي آهي.شموليتي تقريب ۾ مسلم ليگ(ن) جي اڳواڻ ۽ وفاقي وزير امير مقام زاهد خان کي پارٽي ۾ شامل ٿيڻ تي ڀليڪار چيو. انهي موقعي تي زاهد خان چيو ته نوازشريف ۽ شهباز شريف جي دعوت تي(ن) ليگ ۾ شامل ٿيو آهيان.امير مقام چيو ته پي ٽي آءِ معيشت کي نقصان پهچائڻ جي لاءِ آءِ ايم ايف کي خط لکيا، ڪي پي حڪومت پي آءِ اي خريد ڪرڻ جي ڳالهه ته ڪري ٿي پر استادن کي حق ڏيڻ کان انڪار ڪري رهي آهي. مسلم ليگ(ن) جي اڳواڻ چيو ته پي ٽي آءِ ٻطرفي ۽ منافقت جي سياست ڪري رهي آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو