ڪراچي (اسٽاف رپورٽر)سنڌ حڪومت پاران زراعت کاتي جي 110 آفيسرن کي گريڊ 17 کان 18 ۾ ترقيون ڏنيون ويون. ان حوالي سان زراعت کاتي جي سيڪريٽري جي صدارت هيٺ هڪ اجلاس منعقد ٿيو، جنهن ۾ گريڊ 17 کان 18 ۾ ترقي حاصل ڪرڻ وارن ۾ سنڌ جي زراعت کاتي جا 104 زرعي آفيسر، 2 پلاننگ آفيسر، 1 ريسرچ اسسٽنٽ ڊائريڪٽر ۽ ٻيا شامل آهن. ان موقعي تي زراعت کاتي جي سيڪريٽري سهيل احمد قريشي آفيسرن کي مبارڪباد ڏني ۽ چيو ته زراعت کاتي جي وزير سردار محمد بخش مهر جي هدايتن تي سنڌ جي زراعت کاتي ڪجهه مهينن ۾ 500 کان وڌيڪ آفيسرن کي ترقي ڏني آهي. آفيسرن جي وقت تي ترقي نه صرف انهن جي حوصلا افزائي ڪري ٿو پر کاتي جي ڪارڪردگي کي به بهتر بڻائي ٿو جڏهن آفيسرن کي وقت تي ترقي ملندي آهي ته اهي وڌيڪ محنت ۽ لگن سان ڪم ڪندا آهن جنهن سان کاتي جي ترقي ۾ مدد ملندي آهي هن وڌيڪ چيو ته خالي پوسٽن کي وقت تي ڀرڻ ضروري آهي ته جيئن ترقياتي عمل ۾ ڪا به رڪاوٽ پيش نه اچي کاتي جي قاعدن ۽ ضابطن تي سختي سان عمل ڪيو وڃي ته جيئن ڪنهن سان به ناانصافي نه ٿئي، زراعت کاتي جا آفيسر هارين لاءِ اهم ذريعا آهن جيڪي انهن جي ترقي ۽ خوشحالي ۾ مدد ڪندا آهن.
عمران خان جو آرمي چيف کي خط، سياست ۾ مداخلت تي نظرثاني ڪريو
ايلون مسڪ پاران يو ايس ايڊ بند ڪرڻ جو اعلان
190 ملين پائونڊ ريفرنس ۾ سزا ٻڌائيندڙ جج جي بدلي
سعودي پاڪستان کي تيل تي دير ادائيگي جي سهولت ڏيندو
زراعت واري کاتي جي 110 آفيسرن کي گريڊ 17 کان 18 ۾ ترقيون
ججن جي بدلي تي راضي ٿيس، ٽرانسفر آئين تحت ٿيو
چين هڪ ٻيو اهم خلائي سنگ ميل حاصل ڪرڻ ۾ ڪامياب
شهيد الله بخش سومرو جي وڏي ڌيءُ رضيه سومرو لاڏاڻو ڪري وئي
شاهه لطيف ۾ پوليس جي ڪارروائي، ڇوٽو ٽولي جا 6 جوابدار گرفتار
چوٽياريون واقعي جي آءِ ٽي جوڙڻ تي جواب عدالت ۾ جمع
زرعي ٽيڪس جو ذميوار ايف بي آر قرار
وڏي وزير پوليو کان بچاءَ جا ڦڙا پياري مهم جو افتتاح ڪري ڇڏيو
صدر سڀاڻي چئن ڏينهن جي دوري تي چين روانو ٿيندو
شهباز ۽ حمزه خلاف رمضان شُگرملز ڪيس ۾ فيصلو محفوظ
اتحاد ۽ اتفاق سان دهشتگردن کي منهن ڏيڻ جي ضرورت آهي :وزيراعظم
پ پ جو مطالبو رد، پارليامينٽ ميمبرن جون تڪراري ترقياتي اسڪيمون بحال
پيڪا ايڪٽ جو مقصد سوشل ميڊيا جي خطرن جو تدارڪ ڪرڻ آهي
سنڌ ۾ پهرين جنوري کان زرعي ٽيڪس لاڳو، 6 لک تائين جي آمدن تي ڇوٽ
ھادي بخش ڀٽ جي ورسي جو پروگرام منعقد،خراج پيش
ڇا صرف جي ايڇ ڪيو ڪيس فوجي عدالت ۾ ٻڌو ويندو؟