زرداري قتل سازش ڪيس، شيخ جي بريت تي فيصلو محفوظ

اسلام آباد(بيورو رپورٽ) صدر آصف علي زرداري کي قتل ڪرڻ جي سازش ڪيس ۾ اڳوڻي گهرو وزير شيخ رشيد احمد جي بريت واري درخواست تي فيصلو محفوظ ڪري ورتو.اسلام آباد جي جڊيشل مئجسٽريٽ ڊسٽرڪٽ اينڊ سيشن ڪورٽ ياسر محمود آصف علي زرداري کي قتل ڪرڻ جي سازش ڪيس ۾ شيخ رشيد جي بريت واري درخواست تي فيصلو محفوظ ڪري ورتو.وڪيل سردار رازق چيو ته شيخ رشيد خلاف داخل ايف آءِ آر ۾ ضابطن تي عمل نه ڪيو ويو، شيخ رشيد تي ذاتي خلاف ڳالهائڻ جو الزام آهي.وڪيلن طرفان شيخ رشيد احمد کي ابپارا ٿاڻي تي داخل ڪيس مان بري ڪرڻ جي درخواست ڪئي وئي، جنهن تي عدالت فيصلو محفوظ ڪري ورتو.

پهنجو تبصرو موڪليو