زلزلا ڇو ۽ ڪيئن ايندا آهن؟ سائنسي پسمنظر

زمين جو مٿاڇرو مختلف تهن تي مشتمل هوندو آهي، جن کي ٽيڪٽونڪ پليٽون چيو ويندو آهي. اهي پليٽون لڳاتار حرڪت ڪنديون رهن ٿيون، جن مان ڪجهه گڏجي هلن ٿيون ۽ ڪجهه هيٺ ۽ مٿي حرڪت ڪنديون آهن. انهن پليٽن جي حرڪت جي نتيجي ۾ ئي زلزلا ايندا آهن ۽ آتش فشان پهاڙ به ڦاٽندا آهن. ميانمار انهن ملڪن مان هڪ آهي، جتي ٽيڪٽونڪ پليٽون تمام گهڻيون “متحرڪ” هونديون آهن، ۽ هي ملڪ چار پليٽن جي مٿان موجود آهي، جن کي يوروشين پليٽ، انڊين پليٽ، سنڊا پليٽ، ۽ برما مائڪروپليٽ چيو ويندو آهي. هماليه جو جابلو سلسلو انڊين ۽ يوروشين پليٽس جي ٽڪرائجڻ سبب وجود ۾ آيو هو، جڏهن ته 2004 ۾ ايندڙ سونامي برما مائڪروپليٽ جي هيٺان انڊين پليٽ جي حرڪت سبب آيو هو. ايمپيريل ڪاليج لنڊن سان واسطو رکندڙ ڊاڪٽر ريبيڪا بيل چوي ٿي ته پليٽن جي حرڪت ۽ فالٽس (وڏن پٿرن جي وچ ۾ دراڙن) جي ڪري اهي ٽيڪٽونڪ پليٽون “تِرڪن ” ٿيون. ميانمار جي اتر ۽ ڏکڻ وارن علائقن جي وچ ۾ 1200 ڪلوميٽر کان به وڏي هڪ دراڙ موجود آهي، جنهن کي “ساگائنگ فالٽ” چيو ويندو آهي.
شروعاتي طور تي منظرعام تي ايندڙ ڊيٽا موجب، جمعي تي ايندڙ 7.7 جي شدت واري زلزلي جو ڪارڻ به ٻن بلاڪَن جو اوچتو هڪ ٻئي جي طرف “ترڪڻ يا ڦِسلڻ” هو. جڏهن ٽيڪٽونڪ پليٽون هڪ ٻئي جي ويجهو هلن ٿيون ته اهي ڪڏهن ڪڏهن جهنجهٽي وڃن ٿيون، ۽ جڏهن اوچتو آزاد ٿين ٿيون ته زمين ۾ لوڏو پيدا ٿئي ٿو، جيڪو زلزلي جو سبب بڻجي ٿو.
هي زلزلو پري پري تائين ڇو محسوس ڪيو ويو؟
زلزلا زمين جي مٿاڇري کان لڳ ڀڳ 700 ڪلوميٽر اندر تائين جنم وٺي سگهن ٿا. هن زلزلي جي اونهائي رڳو 10 ڪلوميٽر هئي، جنهن سبب زمين تي وڏي شدت سان لوڏو محسوس ڪيو ويو. اهو هڪ سخت زلزلو هو، جنهن جي شدت ريڪٽر اسڪيل تي 7.7 هئي. آمريڪي جيولوجيڪل سروي موجب، هن زلزلي دوران زمين جي اندر هيروشيما تي ڪيرايل ائٽم بم کان به وڌيڪ توانائي پيدا ٿي. ڊاڪٽر ريبيڪا بيل چوي ٿي ته هن زلزلي جي شدت جو اصل سبب زمين جي اندر وڏو فالٽ هو. هوءَ چوي ٿي ته “سڌي نوعيت جي فالٽ جو مطلب اهو آهي ته زلزلا وڏي ايراضيءَ تائين تباهي ڦهلائي سگهن ٿا. جيترو وڏو فالٽ هوندو، اوترو وڏو زلزلو ايندو.” گذريل صديءَ ۾ هن علائقي ۾ ريڪٽر اسڪيل تي 7 يا ان کان وڌيڪ شدت جا ڇهه زلزلا اچي چڪا آهن.
زلزلا زمين جي مٿاڇري تي ڪيئن محسوس ٿين ٿا؟
اهو دارومدار ان علائقي جي مٽيءَ تي هوندو آهي. بئنڪاڪ جي مٽي نرم آهي، ان ڪري زمين جي اندر ٿيندڙ حرڪت پهرين آهستي هلندي آهي، پر پوءِ اوچتو تيزي سان وڌي ٿي.ان جو مطلب اهو آهي ته بئنڪاڪ جي جاگرافيائي محل وقوع سبب اتي زلزلي تمام تيز جھٽڪا پيدا ڪيا هوندا.
بئنڪاڪ ۾ زلزلي سبب صرف هڪ عمارت ڇو ڪري پئي؟
بئنڪاڪ مان ايندڙ وڊيوز ۾ ڏيکاريو ويو ته زلزلي دوران سوئمنگ پولز مان پاڻي ٻاهر اچڻ لڳو، پر ان باوجود به اتي فقط هڪ عمارت ڊهي پئي، جيڪا آڊيٽر جنرل جي زيرِ تعمير آفيس هئي. ايمپيريل ڪاليج لنڊن سان واسطو رکندڙ پروفيسر ڊاڪٽر ڪرسچن ملاگا چوي ٿو ته 2009 کان اڳ بئنڪاڪ ۾ عمارتون ٺاهڻ وقت زلزلي جي خلاف حفاظتي اپائن تي خاص ڌيان نه ڏنو ويندو هو.
ڇا ميانمار ۾ عمارتون زلزلا برداشت ڪري سگهن ٿيون؟
ميانمار جو شهر منڊالي زلزلي جي مرڪز جي تمام ويجهو هو، ۽ اتي بئنڪاڪ جي ڀيٽ ۾ ان جي شدت وڌيڪ محسوس ڪئي وئي .رائل هولووي يونيورسٽي سان تعلق رکندڙ ڊاڪٽر آئن واٽڪنشن چوي ٿو ته ميانمار ۾ زلزلا گهڻا اچن ٿا، پر ان جي باوجود به اتي زلزلا برداشت ڪندڙ عمارتن جي تعمير جا امڪان گهٽ آهن. “غربت، سياسي عدم استحڪام، 2004 ۾ ايندڙ سونامي، ۽ ٻيا حادثا ملڪ جي ڌيان کي زلزلي جي خطري کان هٽائي ڇڏيو آهي.” هو چوي ٿو ته ان جو مطلب اهو آهي ته ميانمار ۾ عمارتن جي تعمير دوران ضابطن جو خيال نه رکيو ويندو آهي، ۽ عمارتون انهن علائقن ۾ ٺهنديون آهن، جتي زلزلي جو تمام گهڻو خطرو هوندو آهي. زلزلا پروف عمارتن جي تعمير تي خرڄ وڌيڪ ايندو آهي ان ڪري ماڻهو خيال نه ڪندا آهن. ميانمار ۾رڳو 10 سيڪڙو عمارتون زلزلا پروف آهن باقي 43 صوبن ۾ اڪثر عمارتون زلزلي جو لوڏو سهڻ جي سگهه نٿيون رکن. زلزلي کان پوءِ آفٽرشاڪس جو خطرو؟
ڊاڪٽر ايملي سو خبردار ڪندي چوي ٿي ته آفٽرشاکس جي نتيجي ۾ به عمارتن کي وڌيڪ نقصان پهچڻ جا امڪان آهن. هن جو چوڻ هو ته “گهڻا آفٽرشاڪس اصل زلزلي کان گهٽ شدت وارا هوندا آهن، ۽ وقت سان گڏوگڏ انهن جي تعداد ۾ گهٽتائي ايندي آهي.” (نوٽ: هي مضمون بي بي سي تي شايع ٿيو جتان سنڌي ۾ ترجمو ڪري پنهنجي پڙهندڙن لاءِ پيش ڪيو ويو).

پهنجو تبصرو موڪليو