زمبابوي خلاف سيريز لاءِ 15 رڪني پاڪستاني ٽيم جو اعلان

لاهور(ويب ڊيسڪ)زمبابوي خلاف سيريز لاءِ 15 رڪني پاڪستاني ٽيم جو اعلان ڪيو ويو آهي. زمبابوي جي خلاف سيريز لاءِ 15 رڪني پاڪستاني ٽيم ۾ امام الحق، عابد علي، فخر زمان، بابر اعظم، حارث سهيل، محمد رضوان، افتخار احمد، خوشدل شاهه، فهيم اشرف، عماد وسيم، عثمان قادر، شاهين آفريدي، حارث روف ۽ موسى خان شامل آهن. پريس ڪانفرنس دوران ڪپتان بابر اعظم جو چوڻ هو ته هي ٽيم پهرين هڪ ڏينهن جي راند لاءِ آهي. هن چيو ته ڪپتان جي حيثيت سان پهرين ون ڊي سيريز ۾ ڪاميابي حاصل ڪرڻي پوندي جڏهن ته زمبابوي کي آسان حريف نه ٿا سمجهون.

پهنجو تبصرو موڪليو