زمينن ۽ وسيلن تي قبضا بند ڪريو،ڪينال ڪڍڻ خلاف احتجاج،ريليون

جنگشاهي_ٺٽو (ن س) سنڌو درياهه جي وڪيل قائد انقلاب محترم رسول بخش پليجي کي سرخ سلام، هزارين عورتن ۽ مردن جي آخري آرامگاهه تي حاضري ڇهه نوان ڪئنال رد ڪرائي سنڌ کي حصي جو پاڻي ڏيارڻ تائين جدوجهد جاري رکڻ جو وچن. ڇهه نون ڪئنالن، ارسا ايڪٽ ۾ ترميم ۽ ڪارپوريٽ فارمنگ خلاف عوامي تحريڪ ۽ سنڌياڻي تحريڪ طرفان ڳوٺ منگر خان پليجو ۾ محترم رسول بخش پليجي صاحب جي آخري آرامگاهه کان جنگشاهي شهر تائين هزارين عورتن ۽ مردن جي ريلي ڪئي وئي، وفاق واضح ڪر اعلان، ڪئنال کپئي يا پاڪستان، سنڌوءَ خاطر جهيڙو آ، زمينن تي قبضا بند ڪريو، ڪارپوريٽ فارمنگ منصوبا ختم ڪريو، ايس آءِ ايف سي ختم ڪريو، جمهوريت بحال ڪريو جا زورار نعرا هنيا ويا. ارسا ۾ پاڻيءَ جي ورهاست واري ٽي رخي فارمولي کي آئين ۽ قانون جو قتل قرار ڏنو ويو. مظاهري کي خطاب ڪندي عوامي تحريڪ جي مرڪزي رابطه سيڪريٽري لال جروار، مرڪزي اڳواڻ عبدالقادر رانٽو، رزاق چانڊيو، شاهه محمد چانگ، مٺا خان لاشاري، گهنور خان زئور، بلاول لاشاري، دريا خان زئور، سلمي لاشاري، سائرہ رزاق، زويا پليجو، ثمينا لاشاري ۽ ٻين چيو ته ارسا جي ٽيڪنيڪل ڪميٽي جي اجلاس ۾ چولستان ڪئنال جي اين او سي واپس وٺڻ جو فيصلو نه ڪري ارسا ست ڪروڙ سنڌين جي نسل ڪشي جي سازش تي قائم آهي، ارسا ۾ سنڌ جي نمائندي چولستان ڪئنال جي اين او سي واپس وٺڻ مطالبو به نه ڪيو، پيپلز پارٽي ارسا ۾ سنڌ جي نمائندي کي سنڌ جو ڪيس وڙهڻ کان روڪي ڇڏيو آهي، پيپلز پارٽي ڳجهه ڳوهه ۾ سنڌو درياهه وڪرو ڪري ڇڏيو آهي، صدر زرداري ڊراما ڪرڻ بند ڪري. ارسا ايڪٽ ۾ ترميم ۽ ڇهه نون ڪئنالن جي منظوري واپس وٺڻ جو نوٽيفڪيشن جاري ڪري يا صدارتي سيٽ تان استيفعا ڏئي، پيپلز پارٽي جيڪڏهن ڇهه نوان ڪئنال رد ڪرائي سنڌو درياهه بچائڻ جي اهليت نٿي رکي ته سنڌ حڪومت تان استيفعا ڏئي، حڪومت ڇڏي ڏئي. هنن چيو ته اسين سنڌي قوم کي سلام پيش ڪريون ٿا جنهن 25 مارچ واري پيپلز پارٽي جي ڊامي کي فلاپ ڪري ڇڏيو، بلاول زرداري عوامي غصي ۽ ڪاوڙ کي منهن ڏيڻ بدران منهن لڪائي ڀڄي ويو ۽ ڪنهن به احتجاج ۾ شريڪ نه ٿيو، هنن چيو ته پيپلز پارٽي ڪئنالن خلاف سنڌي قوم جي جدوجهد کي ماٺو ڪرڻ جي سازش ڪئي جنهن کي سنڌ جي عوام رد ڪيو ۽ سنڌ جا ماڻهو هر روز روڊن ۽ رستن تي آهن، اڳواڻن چيو ته اڄ اسين پنهنجي قائد محترم رسول بخش پليجي صاحب سان وچن ورجائڻ آيا آهيون ته سنڌو درياهه بچائڻ لاءِ هن جيڪا جدوجهد ڪئي اسين ان جدوجهد کي جاري رکنداسين، سنڌوءَ جا وهڪرا بحال ڪرائڻ تائين جدوجهد روان دوان رهندي، هنن چيو ته سنڌ ۾ پاڻيءَ جي هٿرادو کوٽ آهي، جڏهن ته قدرتي طور هن وقت پاڻي وڏي مقدار ۾ موجود آهي، گليشيرز تيزيءَ سان ڳري رهيا آهن جنهنڪري سنڌو درياهه ۾ پاڻي به تمام گهڻو اچي ٿو پر پنجاب سنڌ جو سمورو پاڻي چوري ڪري ويو آهي، 1945ع جي پاڻي ٺاهه جي حصي موجب پنجاب 95 سيڪڙو پاڻي وڌيڪ کڻي ٿو جنهنڪري سنڌ 95 سيڪڙو پاڻي کوٽ کي منهن ڏئي رهي آهي. اڳواڻن وڌيڪ چيو ته ارسا جي ميمبرن انگ اکرن جي هيرا ڦيري ڪري اضافي پاڻي هئڻ جو جعلي سرٽيفڪيٽ جاري ڪري پنجاب کي چولستان ڪئنال ڪڍڻ جي منظوري ڏني، ارسا جي ميمبرن جعلي سرٽيفڪيٽ جاري ڪري ملڪ ۾ گهرو ويڙهه ڪرائڻ جي سازش ڪئي، جعلي سرٽيفڪيٽ جاري ڪندڙ ارسا عملدارن خلاف آئين جي آرٽيڪل 6 تحت ڪاروائي ڪئي وڃي. اڳواڻن وڌيڪ چيو ته ارسا نوان فارمولا آڻي سنڌ جو پاڻي پنجاب کي ڏيڻ جو سلسلو بند ڪري، ارسا جيڪڏهن 1991ع واري ٺاهه تي عمل نٿي ڪري سگهي ته 1945ع واري ٺاهه موجب سنڌ کي پاڻي ڏئي، 1945ع واري ٺاهه موجب پنجاب ۽ سنڌ سنڌو درياهه جي پاڻيءَ جا 48 48 سيڪڙو حصيدار آهن. 1991ع واري ٺاهه ۾ پاڻي في سيڪڙو ۾ ورهائڻ بدران ملين ايڪڙ فوٽ ۾ ورهائڻ جو فيصلو ڪيو ويو، پاڻي دريائي نظام ۾ ڪڏهن به ساڳئي مقدار ۾ ناهي هوندو پر پنجاب 91ع واري ٺاهه ۾ اها ٺڳي ڪئي ۽ ٺاهه زوري زبردستي سنڌ مٿان مڙهيو، جيتوڻيڪ سنڌي قوم 91ع واري ٺاهه کي رد ڪيو آهي پر اسين چئون ٿا ته گهٽ ۾ گهٽ ان ٺاهه تي ته عمل ڪريو جيڪو توهان زوري زبردستي اسان مٿان مڙهيو آهي. اڳواڻن چيو ته انڊس ڊيلٽا جو پاڻي بند ڪري پنجاب سرڪار عالمي قانونن جي خلاف ورزي ڪئي آهي، هنن چيو ته ڊيلٽا ۾ پاڻي نه پهچڻ سبب سمنڊ سنڌ جي لکين ايڪڙ سروي زمين ڳيهي ويو آهي، جنهنڪري سنڌي کي اربين ڊالرن جو نقصان ٿيو آهي، ٺٽي، بدين ۽ سجاول جي سامونڊي پٽي جا ماڻهو پاڻي نه ملڻ سبب پنهنجا اباڻا ڪک ڇڏي لڏڻ تي مجبور آهن، صورتحال انتهائي خراب آهي، پاڻيءَ جي کوٽ سبب بک، بدحالي ۾ اضافو ٿيو آهي. اڳواڻن مطالبو ڪيو ته هنگامي بنيادن تي ڪوٽڙي بئراج کان هيٺ گهٽ ۾ گهٽ ساليانو 30 ملين ايڪڙ فوٽ پاڻي ڇوڙ ڪري تمر جا ٻيلا بحال ڪيا وڃن، ماحولياتي تحفظ کي يقيني بڻايو وڃي، ان سان گڏ سمنڊ کي اڳتي وڌڻ کان روڪڻ لاءِ ڌريائي نظام جو 25 سيڪڙو پاڻي سمنڊ ۾ ڇوڙ ڪري سنڌ جي زرخيز زمينن کي بنجر بڻائڻ کان روڪيو وڃي.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو