زمين کان ٻاهر زندگي جي تلاش ۾ ناسا جو جهاز چنڊ مشن تي روانو

نيويارڪ (ويب ڊيسڪ)آمريڪي خلائي اداري ناسا جو خلائي جهاز مشتري ۽ ان جي چنڊ يوروپا لاءِ روانو ٿي ويو. پرڏيهي خابرو اداري موجب خلائي مشن تقريباً 6 سالن کانپوءِ 2030ع ۾ مشتري پهچندو ۽ يوروپا جي مٿاڇري کان 16 ميل اندر جاچ ڪندو.خلائي جهاز مشتري جي چنڊ جي برفاني ڪرسٽ جي هيٺئين سطح کي جانچيندو ۽ اهو طئي ڪندو ته اتي حالتون واقعي زندگيءَ لاءِ سازگار آهن.پرڏيهي خابرو اداري موجب هن خلائي مشن کي ڌرتيءَ کان ٻاهر زندگي جي ڳولا لاءِ بهترين مهم قرار ڏنو پيو وڃي، جيڪو اتي زندگي کي ڳولڻ بدران زندگي کي سهارو ڏيندڙ حالتن جو تعين ڪندو.

پهنجو تبصرو موڪليو