سائين جي ايم سيد، شهيد الله بخش، سورهيه بادشاه ۽ لڳايل الزام

سهيل ميمڻ
مسجد منزل گاه واقعو ڪيئن ٿيو ؟ ڇو ٿيو ؟ ڪنهن ڪرايو . برٽش سرڪار جي ٽفتيشي ٽريبونل ان واقعي جو ذميوار ڪنهن کي قرار ڏنو . هيٺ سڀ جواب ڏنل آهن
مضمون ڊگهو آهي پر سياسي ڪارڪنن ۽ تاريخ جي شاگردن کي پڙهڻ گهرجي ته جيئن ميڊ ان پيپلز پارٽي دانشورن جو اهو راڳ بند ٿئي ته مسجد منزل گاه واقعو ڪرايو ئي سائين جي ايم سيد هو
مون به ڏينهن اڳ ان تي معاملي تي تفصيل سان لکيو ته سانا جي صدر ڊاڪٽر مقبول هاليپوٽو صاحب پنهجي لکيل ڪتاب ۾ سائين جي ايم سيد کي فادر آف سنڌي نيشن لکيو آهي جنهن ته ايوب شيخ صاحب تقرير ڪندي نه صرف اعتراض ڪيو پر سائين جي ايم سيد تي ڪيترا الزام پڻ لڳايا جن مان ٻه مک الزام هي هئا .
1. سائين جي ايم سيد کي الله بخش سومرو جي قتل ۾ ملوث ڏيکارڻ جي ڪوشش ڪئي اٿس ۽ بيو
2. سائين سنڌ ۾ طالبانائيزيشن جو باني آهي .
جيئن ته معاملو تاريخ جو آهي ۽ اڄوڪا پيٽ پاليو دانشور تاريخ کي مسخ ڪن ٿا ان ڪري سچ سامهون آڻڻ گهرجي .
انهن ڳالهين تي لکڻ کان اڳ مان لطيف جي هيِء سٽ ايوب شيخ ڏانهن منسوب ڪندس ،
هي منهن ڏئي ٻن ، تون وهه کائي نه مئين .
جيستائين ذاتي تعلق جي ڳالهه آهي ته مان اکين ڏٺو شاهد آهيان ته سائين جي ايم سيد ، ايوب شيخ کي ايتري عزت ۽ محبت ڏيندو هو جو شيخ صاحب ۾ ٿورو به ظرف هجي ها سائين جي ايم سيد جهڙي سچي ماڻهون تي تنقيد ڀلي ڪري پر ڪوڙ ۽ بهتان نه هڻي ها جنهن کي وفات ڪئي به 35 سال گذري ويا آهن . هڪ ڳالهه نوٽ رهي ته شيخ صاحب تنقيد ناهي ڪئي ۽ سائينِء تي الزام لڳايا اٿس . جيڪي کيس سچا ثابت ڪرڻا پوندا . کيس ثابت ڪرڻو پوندو ته الله بخش جي قتل ۾ سائين جي ايم سيد جو هٿ هو . ۽ ٻيو ته طالبانائيزيشن جو بنياد سائين وڌو . ايوب شيخ اهي ٻئي الزام ثابت ڪري نه ته معافي وٺي .
پهريون الزام الله بخش سومرو جي شهادت بابت …
سائين جي ايم سيد ۽ شهيد الله بخش سومرو . ۽ سورهيه بادشاه . ان وقت سنڌ جي خوبصورت ۽ بهادر ٽمورتي رهيا آهن .
مان ڪڏهن نه چاهيندس ته سائين جي ايم سيد کي مٿي ڪرڻ لاِء ڪنهن ٻي عظيم ماڻهون کي هيٺ ڪري لکان جيئن ايوب شيخ وارا ڪندا آهن پر تاريخ جو لکيل مواد آهي ته جڏهن سورهيه بادشاه سنڌ جي لاِء وطن يا ڪفن آزادي يا موت جي نعري سان عين ميدان جنگ ۾ هو ته سنڌ اسيمبلي سنڌ ۾ مارشلا لڳائي حرن ( سنڌين ) تي ظلم جا پهاڙ ڪيرايا ۽ سورهيه بادشاه کي شهيد ڪيو . 19 ۽ 20 مارچ 1942 تي سنڌ اسيمبلي اهو بل پاس ڪيو جنهن ۾ سنڌين کي چٿڻ جي منظوري ڏني وئي هئي، سنڌ تي مارشلا لڳايو ويو ۽ سورهيه بادشاه ، هزارين حر سنڌي گوريلن ۽ سندن عورتن ۽ ٻارن تي تشدد قيد ۽ موت جو ميدان سجايو ويو . آزادي جي انهي تحريڪ کي ڪچلڻ وارو پاس ٿيل بل سپريشن آف حر ايڪٽ سنڌ اسيمبليِء ۾, سنڌ جي بدقسمتي ڏسو ته پيش ئي الله بخش سومرو ڪيو هو. ظاهر آ انگريزن جي حڪم تي .( سنڌ اسيمبلي جي 19, 20 مارچ 1942 جي ڪاروائي پڙهي ڏسو . مون وٽ ڪاپي موجود آهي ) ان وقت سائين جي ايم سيد به سنڌ اسيمبلي جو ميمبر هو پراهي ٻئي ڏينهن اجلاس ۾ ئي نه ويو جو اجلاس جي ڪاوائي ان ڪئمرا ( خفيه ) ڊڪليئر ڪئي وئي هئي اسيمبلي رڪارڊ مان ڏسي سگهجي ٿو سائين اجلاس مان ٻئي ڏينهن غير حاضر آ ۽ سنڌ جي تاريخ جي هن بد ترين ، غدار وطن ماڻهن پاران پنهنجي ئي سنڌين خلاف مارشلا بل پاس ڪرڻ واري ڪڌي ڪم جو حصو ٿيڻ کان بچي ويو) اصل ۾ سائين کي ڀڻڪ پئجي وئي هئي ته اسيمبليءَ مان هي سنڌين تي ظلم جو پروانو پاس ڪرڻ پيا وڃن ۽ سائين ان کي گهٽ وقت هجن سبب لابنگ ڪري روڪڻ جي پوزيشن ۾ نه هو جو بل پيش ڪرڻ واروالله بخش سومرو سنڌ جو وزير اعظم، ليڊر آف دي هائوس هو ۽ اسيمبلي ميمبرن جي اڪثريت ان وٽ ئي هئي .جيئن ته اجلاس بند يعني خفيه هو ان ڪري جيڪڏهن سائين رڳو اسيمبلي بلڊنگ ۾ ئي هجي ها ۽ اجلاس اندر سائين حر ايڪٽ خلاف ڪيترو به احتجاج ڪري ها ته به ٻاهر خبر ئي نه پئي ها ته ڪنهن ڪنهن حمايت ڪئي ۽ ڪنهن مخالفت . جيئن اڄ به خبر ناهي ته ان اجلاس ۾ ڪنهن ان بل خلاف ڳالهايو به هو يا نه .. سو سائين به انهيِء الزام تحت اچي وڃي ها . ان ڪري بل پاس ٿيڻ کي روڪي نه سگهيو پر ان ڪڌي تاريخي ڏوهه جو حصو نه ٿيو . بعد م سائين حرن تي ظلم خلاف ۽ سنڌ تان مارشلا هٽرائڻ لاِء مسلسل جدوجهد ڪئي ۽ هندوستان تائين به ڪيترا ڀيرا آواز اٿارڻ لاِء ويو . برٽش لائبريري جو رڪارڊ ان بابت ڀريو پيو آهي .علي محمد راشدي جو انگريزن ڏانهن لکيل ڪيترن خطن مان هڪ خط مون وٽ اهڙو به پيو آهي جنهن ۾ هو انگريزن کي خفيه خبر طور سائين تي چغلي هڻي ( هوندوبه سدائين سائين وٽ هو) لکي ٿو ته سيد پنهنجي سڪرنڊ واري زمين تي انگريز سرڪار کي گهربل 60 حرن ۽ انهن جي خاندان کي لڪايو پناه ڏئي ويٺو آهي ..
اهڙي صورت حال ۾ الله بخش سومرو کي شڪارپور ۾ سکر طرف کان داخل ٿيندڙ رستي ته ڦاٽڪ ويجهو ٽانگي تي ويندي ٻن حملا آورن شهيد ڪيو . جنهن بابت هل اهو ئي آهي ته حرن پلاند ڪيو . 20 مارچ 1943 تي سورهيه بادشاه شهيد ڪيو ويو ۽ ٻن مهينن کان به گهٽ وقت ۾ 14 مئي 1943 تي الله بخش سومرو کي شهيد ڪيو ويو اهي تاريخ جا چٽا ۽ سيٽلڊ معاملا آهن . اتي ايوب شيخ ٻڌائي ته ان معاملي ۾ سائين جي ايم سيد ڪٿي آيو ؟ . ڀلا ايوب شيخ ٿورو به جي اٿس ته پنهجي ضمير کان پڇي تي ڇا سائين جي ايم سيد اهڙو هو جو ڪنهن کي سازشون ڪري مارائي ؟
ايوب شيخ ٻيو الزام سائين جي ايم سيد تي هنيو آهي تہ سنڌ ۾ طالبانائيزيشن جو بنياد وڌو ..
ڪجهه ته ماڻهون شرم ڪري .سائين تي اهڙا الزام ؟
سائين سٺو پرهيزگار عبادت گزار مسلمان هو پر سندس جدوجهد , خيال ۽ سياست سيڪولر هئي . هن پنجابستان جي اسلام جي تشريح کي علم ۽ ڄاڻ سان دنيا جي مذهبن کي پڙهي پروڙي رد ڪيوب۽ , سچي اسلام جي تشريع ڪئي ته حضور ﷺ سائين رحمت المسلمين نه پر رحمت العالمين آهي ۽ اسلام امن محبت ۽ برداشت جو دين آهي . جيئن ڏٺو آ مون جهڙو ڪتاب کان وڌيڪ ڪهڙو ثبوت هجي جيڪو هڪ بلند پائي جو عالم پر پاڪستان جهڙي ملڪ ۾ هڪ بهادر ماڻهون ئي لکي سگهي ٿو . ڊاڪٽر ايوب ان طريقي جو ڪتاب ته ڇڏيو هڪ مضمون ته لکي ڏيکاري . ملان جيئرو ساڙي ڇڏنس . سائين جي سڄي زندگي انهن بنياد پرستن ۽ طالبان ٽائيپ ملن خلاف جدوجد ۾ گذري . 1952 ۾ ويانا آسٽريا ۾ امن ڪانفرنس ۾ ڪيل تقرير ايوب شيخ پڙهي به آهي پو به نه مڙيو ، جنهن م 70 سال اڳ سائين هن ملڪ توڙي دنيا جي جي مالڪن روس ۽ امريڪا کي خبردار ڪيو هو ته هن خطي ۾مذهبي جن پالي ته رهيا آهيو پر اهو جن بوتل مان نڪري توهان جا ئي ٻچا کائيندو ..
ايوب شيخ سائين تي طالبانائيزيشن جو الزام هڻي ، ڳالهه کي 85 سال اڳ جي مسجد منزل گاه واقعي تي سان ڳنڍڻ جي ڪوشش ڪئي آهي . شيخ صاحب جي ذهنيت ته ڏسو . سائين جي مذهبي رواداري جي سڄي زندگيءَ جي جدوجهد تو کي نظر ئي نه آئي . مسجد منزل گاه واقعو بلڪل غلط هو ، سائين مڃو به آهي اهو به تاريخ جو رڪارڊ آهي ته اهو واقعو سائين جي ايم سيد شروع نه ڪيو هو پر هلندڙ تحرڪ ۾ بعد ۾ ان ۾ کيس اچڻو پيو جو مسلم ليگ سنڌ جو مک اڳواڻ هو . منزل گاه جدوجهد مئي 1939 کان شروع ٿي اجلاس . جلوس , ستيا گڙه .. ۽ سائين ان ۾ 5 مهينا پوِء آڪٽوبر 1939 ۾ اچي شامل ٿيو. ۽ هڪ مهيني بعد نومبر ۾ گرفتار ٿيو . 6 مهينن کان تحريڪ هلي پئي . عبدالله هارون . کهڙو , سرهندي پير , علي محمد راشدي ۽ ٻيا سوين ليڊر ان تحريڪ جا اڳواڻ هيا . مخالف پاسي کان هندو ۽ انهن سان گڏ سنڌ جو وزير اعظم الله بخش سومرو هو .. اهي سڀ 6 مهينا آمهون سامهون هيا .. پر پو به ڏوهه سائين جي ايم سيد جو جيڪو پوري تحريڪ ۾ آخر ۾ رڳو 27 ڏينهن شامل رهيو . ڀلا الله بخش سومرو 6 مهينن کان هلندڙ ان باهه کي بحيثيت وزير اعظم جي چو نه سلجهايو/ روڪيو / دبايو , ته جيئن ڳالهه نه وڌي ها ؟ قانوني طور ته اهو سندس ذمو هو .
ايوب شيخ صاحب تاريخ ٻڌاءِ ته سچ ٻڌاءِ ۽ مڪمل ٻڌاءِ، ڪوڙ نه هڻ . مسجد منزل گاه واقعي جي تفتيش .
مسجد منزل گاه واقعي کان پوءِ جاچ لاءِ ٻه ٽربيونل ويهاريون ويون. ويسٽن رپورٽ ۾ ان تي تفصيلي لکيو ويو آهي. پهرئين ٽربيونل کي فيصلو ڪرڻو هو ته اڳرائي ۽ خطا ڪنهن جي هئي. هندن طرفان بئريسٽر شاهاڻيءَ مقدمو لڙيو هو. سرڪار پاران سنڌ هاءِ ڪورٽ جو جج اوسليوان ۽ الله بخش سومري پاران ڪشن داس لولا ۽ مسلم ليگ پاران پير احمد راشدي بيٺو , ڪيس اپريل کان جولائي تائين هليو. 109 شاهد ڪورٽ ۾ آيا هئا. ڪيس هندن هارايو هو ۽ سرڪار ۽ الله بخش سومرو اڳرائي ڪندڙ ڌر ثابت ٿيو. هندن جي دعويٰ جي ابتڙ منزل گاهه مسجد ثابت ٿي وئي. 11جنوري 1941ع ۾ منزل گاهه جي عمارت کي مسلمانن حوالي ڪيو ويو.
اها رپورٽ انگريزن جي ٽريبونل جي هئي نه ڪي سائين جي ايم سيد جي ،
مان وري لکان ٿو ته هن ليک جو مقصد اهو ناهي ته مان مسجد منزل گاه واقعي کي صحيع ٿو سمجهان پر اصل حقيقت سامهون آڻڻ لاءِ انهي وقت جي حالتن کي به ڏسڻو پوندو .
ان دور ۾ هندو شاهوڪار ڪو ايترو شريف نه هو جيترو اڄ وارا اسان جا فيشني سيڪيولر دوست پيش ڪندا آهن . انهن ساهوڪار پوري سنڌ کي وياج جي زنجيرن م جڪڙي رکيو هو رڳو مسلمان ئي نه پر غريب هندو طبقو به ان شاهوڪار طبقي جي ظلم م ايئن ئي هو جيئن اڄ جا عام سنڌي , وڏيري ڪاموري ۽ سردار جي ظلم هيٺ آهن . ٻي ڳاله ته مسجد منزل گاه واقعو 1939 ۾ ٿيو ( الله بخش 4 سال پو شهيد ٿيو ان 4 سالن م سائين جي ايم سيد ۽ سومرو صاحب ڪڏهن سياسي مخالف ته ڪڏهن سياسي ساٿي رهيا . سائين پاڻ استعفي ڏئي پنهجي وزارت به الله بخش کي ڏئي هڪ ڀيرو راضي ڪيو هو جي اڄوڪو دور هجي ها ته ايئن چيو وڃي ته ها الله بخش سومرو وزير جي ڪرسي ملڻ کان پوِء ڪانگريس ۽ مسلم ليگ جي ٺاهه تي راضي ٿيو )
منزل گاه واقعي بعد سنڌ ۾ هندو مسلم فساد شروع ٿي ويا. مسلم ليگ جا ڪيترا اڳواڻ ۽ عام ماڻهو جيلن ۾ پيا. واقعي کان ترت پو هندن ۽ ڪانگريس جي ميمبرن مسلم ليگ سان گڏجي الهه بخش سومرو جي وزارت کي شڪست ڏئي، مسلم ليگ وزارت کي طاقت ۾ آندو. اتي سوال اهو آهي ته جي مسجد منزل گاه واقعي ۾ سائين جي ايم سيد فساد ڪرائي هندن کي مارائڻ ۾ ملوث هو ته واقعي کان ترت پوءَ هندو ميمبرن الله بخش جي حڪومت ڊاهي سائين جي ايم سيد ۽ مسلم ليگ سان گڏ حڪومت ڇو ٺاهي ؟ مٿان وري سائين جو ڪردار ۽ اقتدار جي قرباني ڏسو جو هن وزارت ۾ سائين جي ايم سيد پڻ وزير ٿيڻ باوجود ’مسجد منزل گاهه‘ جي نتيجي ۾ ٿيل هندو مسلم فسادن جي نقصان کي آڏو رکي، سنڌ جي سلامتيءَ لاءِ هندو مسلم اتحاد کي ضروري سمجهيو ۽ ابوالڪلام آزاد ۽ الهه بخش کي ويهاري ، هڪ فارمولو طيءِ ڪيو. سائين جي ايم سيد الهه بخش سومري کي وزارت ۾ اچڻ لاءِ آماده ڪيو ۽ پاڻ استعيفا ڏئي الهه بخش کي پنهنجي جاءِ تي وزير ڪري هندو مسلم تضاد کي ٿڌو ڪرڻ جي ڪوشش ڪيائين .
مسجد منزل گاه واقعو سائين جي ايم سيد شروع نه ڪيو هو . سائين ان ۾ بلڪل آخر ۾ آيو هو . اهو مسلمانن۽ هندن جو جهيڙو هو. مسلمان چيو مسجد آ . هندن چيو تفريح جي جاِء آ . ( مندر به نه تفريح جي جاِء آ ). الله بخش وزير اعظم هو سنڌ جو ۽ ڪانگريس ۽ هندن جي اڪثريت ميمبرن تي سندس حڪومت بيٺل هئي ان ڪري هندن جي پاسي هو ۽ سائين مسلم ليگ جو اڳواڻ هو ان ڪري مسلمانن جي پاسي کان آيو. سائين جي ايم سيد ’جنب گذاريم جن سين‘ ۾ لکيو آهي ته هي کيل سنڌ ۾ مسلم ليگ جو پير ڄمائڻ لاءِ رچايو ويو هو ۽ پير علي احمد راشدي چواڻي ملير ۾ عبدالله هارون ۽ ايوب کهڙي ۽ راشديءَ اها رٿ رٿي هئي. انهي وقت ۾ سکر جي بازار ۾ پير جان محمد سرهندي جي پُٽ تي هندن حمل ڪيو هو، سندس مريد بدلو وٺڻ لاءِ ڀڳت ڪنورام کي ريل گاڏيءَ ۾ چاقوءَ جا وار ڪري رت ۾ لت پت ڪيو هو، علاج نه ٿيڻ ڪري ڪنورام دم ڏنو.
سکر ۾ مغل دور جي ڀڙڀانگ ۽ اُجڙيل عمارت کي مسلمانن مسجد منزل گاهه قرار ڏئي، اها عمارت خالي ڪرائڻ جو مطالبو ڪيو هو. اها عمارت انگريز سرڪار جي ملڪيت سمجهي ويندي هئي. مسلمانن جو چوڻ هو ته معصوم شاهه بکريءَ واري اتي مسجد تعمير ڪرائي هئي. ان عمارت جي ڀر ۾ ساڌ ٻيلو واقع هو جتي 1828 کان هندو مرد توري عورتون پوجا پاٺ لاءِ ويندا هئا . مسلمانن 1938ع ۾ نئون ڀوت بيهاريو ته ان عمارت ۾ مسجد ٺاهڻي اٿن. ان تي هندن جو موقف هو ته اها عمارت اجڙيل پئي هوندي هئي ۽ اتي تفريح گاهه هوندي هئي ۽ هندن کي ستائڻ لاءِ اها مسئلو پيو اٿاريو وڃي. سنڌ جي وڏي وزير الله بخش سومري جنهن کي هندن به ووٽ وڌا هئا جو کيس سيڪيولر سياستدان سمجهندا هئا، هن جي حڪومت سکر ڏانهن ڪميشن موڪلي. اها الله بخش لاءِ به وڏي آزمائش اچي ڪڙڪي هئي. جي الله بخش سومرو اها جاءِ مسلمانن کي ڏيندو ته هندو ناراض ٿيندس، جيڪڏهن هندن کي ڏياريندو ته مسلمان نه بخشيندس.
19 مئي 1939ع تي سيٺ عبدالله هارون چيو ته اها عمارت مسلمانن جي هئي. هن مسلم ليگ منزل گاهه بحالي واري ڪميٽي ٺاهي، جنهن جون پهريون گڏجاڻيون 22، 23 جولائي تي ٿيون. 18 آگسٽ 1939ع تي مسلمانن پاران منزل گاهه ڊي ملهائڻ جو سڏ ڏنو ويو. 3آگسٽ 1939ع پير جان محمد سرهندي مٽياريءَ ۾ گڏجاڻي رکي هئي جنهن ۾ الهه بخش سومري کان گُهر ڪئي وئي ته مسجد منزل گاهه مسلمانن جي آهي اتي مسجد قائم ٿيندي ٻئي صورت ۾ سکر جا مسلمان ستياگرهه تي ويهندا. سکر جي مسلمانن جو وفد ڪراچي پهچي ويو، مسلم ليگ ڪميٽيءَ سان ملي هنن ستياهه گرهه شروع ڪرڻ تي متفق ٿيا. سيپٽمبر 39 تي شيخ واجد علي ۽ آغا غلام نبي خان سوين مسلمانن وٺي شڪارپور مان ڪهي سکر طرف وڌيا، هجوم ڏينهون ڏينهن ويو وڌندو ٻه هزار مسلمان سکر ۾ ڪٺا ٿيا هئا. 14 آڪٽوبر تي گورنر پاران ستياگرهين جي گرفتارين جو حڪم جاري ڪيو. مسجد منزل گاهه کي بحال ڪرائيندڙ ڪاميٽي جو چيئرمين سائين جي ايم سيد هو. سرڪار منزل گاهه تي ڪنٽرول ماڻي ورتو. سنڌ ۾ مذهبي فرقيواريت تيز ٿي وئي جنهن ۾ گهڻو نقصان هندن جو ٿيو ڇو جو اهي اقليت ۾ هئا.19 نومبر تي سائين جي ايم سيد سميت ٻيا به سکر مان گرفتار ٿيا. شڪارپور ۾ پير غلام سرهندي، پير عبدالله عزيز ۽ امروٽي جا ڪارڪن جَهليا ويا. ان حساب سان مسجد منزل گاه واقعو هندن توڙي مسلمانن ٻنهي پاسن کان نفرت جي استعمال سبب ۽ سنڌ سرڪار جيڪا الله بجش سومرو وٽ هئي ان جي لاپرواهي / يا روڪ نه لڳائڻ سبب ٿيو نه ڪي رڳو سائين جي ايم سيد جي ڪري اهو واقعو ٿيو . مسلمانن پاران اهو واقعو شروع ڪندڙ علي محمد راشدي ، ايوب کڙو ،پير جان محمد سرهندي جنهن جي پٽ کي هندن سکر جي بازار ۾ ماريو هو ، شيخ واجد علي، آغا غلام نبي پٺاڻ ، پير عبدالله امروٽي ۽ ٻيا ڪيترا هيا . معاملو شروع به انهن کي ڪيو هو ۽ سائين جي ايم سيد بعد ۾ هلندڙ تحريڪ جي آخر ۾ مسلم ليگ جو ليڊر هجڻ سبب آيو . هڪ ڀيرو وري لکجي ٿو ته اهو واقعو نه ٿيڻ گهرجي ها پر ڏوهه بنهي پاسن جو هو .انگريزن جي تفتيشي ٽريبونل ته واقعي ذميوار ئي هندن کي ۽ الله بخش سومرو کي قرار ڏنو . الله بخش سومرو وزارت ڪانگريس ۽ هندن جي ووٽن تي بيٺل هئي ان ڪري هو هندن جي پاسي هو .

نوٽ: ايوب شيخ جيڪڏهن وضاحت ڪرڻ چاهي ته اها به اسان شيئر ڪرڻ لاءِ تيار آهيون

پهنجو تبصرو موڪليو