ساجد خان جي تباهه ڪن بولنگ، بنگلاديش ٽيسٽ سيريز ۾ به وائيٽ واش

ڍاڪا(ويب ديسڪ)پاڪستان ٻئي ٽيسٽ ميچ به 9 رنز تان بنگلاديش کان کٽي ورتي. سڄي ٽيم ٻئي اننگ ۾ 205 تي آئوٽ ٿي وئي. ساجد خان جي تباهه ڪن بولنگ سبب بنگلاديش جي ٽيسٽ ٽيم  پهرين اننگ ۾ 87 رنز تي ڍير ٿي وئي هئي.ساجد خان 42 رنز ڏئي 8 وڪيٽون ورتيون ۽ ميزبان ٽيم کي فالو آن تي مجبور ڪري ڇڏيو. برسات ۽ گهٽ روشني سبب متاثر ٿيل ٻن ٽيسٽ ميچز جي سيريز جي آخري ميچ جي آخري ڏينهن بنگلاديش کي 213 رنز ٺاهڻيون هيون پر هو 205 رنز تي آل آئوٽ ٿي وئي. ٻئي اننگ ۾ ساجد خان 4 وڪيٽون ورتيون، شاهين آفريدي ۽ حسن علي ٻه ٻه ۽ ڪپتان بابر اعظم هڪ وڪيٽ ورتي. پاڪستان پهرين اننگ 300 رنز 4 وڪيٽ تي ڊڪليئر ڪئي هئي. ياد رهي ته پاڪستان ميچ جي آخري ڏينهن 13 وڪيٽون وٺي نئون عالمي رڪارڊ قائم ڪيو آهي. پاڪستان ٽيسٽ ٽيم رينڪنگ ۾ دنيا ۾ ٻئي نمبر تي آهي. 2021 کان 2023 تائين فڪيس شيڊول موجب سريلنڪا 2 ميچ کيڏيون ۽ ٻئي کٽيون آهن، ڪاميابي جي شرح 100 سيڪڙو هجڻ ڪري پهرين مبر تي آهي. پاڪستان ٽن ميچز مان ٻه کٽيون هڪ هارائي ۽ 75 سيڪڙو ڪاميابي جي شرح سبب ٻئي نمبر تي آهي، ڀارت ٽئين نمبر تي آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو