سارا شريف قتل ڪيس ۾ والدين ڏوهي قرار،عمر قيد جي سزا

لنڊن (ويب ڊيسڪ) برطانوي عدالت 10 ورهين جي سارا شريف جي قتل جي ڏوهه ۾ پيءُ عرفان شريف ۽ ويڳي ماءُ بينش بتول کي عمر قيد جي سزا ڏني. عدالت مقتولا جي چاچي فيصل ملڪ کي پڻ 16 سال قيد جي سزا ٻڌائي.جج موجب عرفان شريف کي گهٽ ۾ گهٽ 40 سال ۽ بينش بتول کي گهٽ ۾ گهٽ 33 سال جيل ۾ گذارڻا پوندا. سزا جو گهٽ ۾ گهٽ وقت ختم ٿيڻ کان پوءِ به آزادي جي گارنٽي ناهي، گهٽ ۾ گهٽ سزا جو وقت ختم ٿيڻ کان پوءِ پيرول فيصلو ٿيندو. گذريل هفتي لنڊن جي عدالت سارا شريف قتل ڪيس جو فيصلو ٻڌائيندي مقتولا جي پيءُ عرفان شريف ۽ ويڳي ماءُ بينش بتول کي ڏوهي قرار ڏنو هو. عدالت ۾ ٻڌڻي دوران عرفان شريف سارا کي آيل زخمين جي ذميواري قبول ڪئي هئي ۽ هن سارا کي ڏنڊن، بيٽ ۽ موبائل فون سان مارڻ جو اعتراف پڻ ڪيو هو. ياد رهي ته 10 ورهين جي سارا شريف جو لاش گذريل سال 10 آگسٽ تي ووڪنگ ۾ گهر کان مليو هو ۽ برطانوي پوليس ٻڌايو هو ته سارا جو پيءُ، چاچو ۽ ويڳي ماءُ لاش ملڻ کان ڪجهه ڪلاڪ پهريان پاڪستان روانا ٿي چڪا هئا، سارا بابت اطلاع پاڪستان مان ان جي پيءُ ايمرجنسي نمبر تي ڏنو هو. برطانيا طرفان جوابدارن جي گرفتاري لاءِ پاڪستان سان رابطو ڪيو ويو هو ۽ هڪ مهيني بعد برطانيا واپس اچڻ تي انهن ٽنهي کي جهاز مان ئي حراست ۾ ورتو ويو هو.

پهنجو تبصرو موڪليو