عبدالمجيدبروهي
هن وقت وفاقي حڪومت نه ڄاڻ ڪهڙن خيالن ۾ گم آهي هن کان هر شيء وسري وئي آهي هنن جيڪي هارين آبادگارن سان وعدا ڪيا هئا پڻ هي وساري چڪا آھن هنن جي حڪمراني مان عوام وٽ هنن جو گراف ڏينهون ڏينهن ڪرندو پيو وڃي هن وقت تائين مختلف ادارن جا ملازم هنن خلاف روڊن تي نڪري چڪا آهن جيڪي ڪنهن به پارٽي ۽ سياسي اڳواڻ جي پٺڀرائي بنا پنهنجو احتجاج رڪارڊ ڪرائي هنن حڪمرانن مان بيزاري نامو ڏيکاريندا پيا اچن ن ليگ حڪومت پنهنجي منشور ۾ جيڪي واعدا ۽ منشور ۾ جيڪو ڪجھ لکيو هيو انهن مان هي سڀني تان ڦري ويا آهن هنن ملڪ جي هارين ۽ آبادگارن کي خوشحال ڪندا سندن جا قرض معاف ڪندا زمينن تي لڳندڙ ٻيڄاري ۽ يوريا ڀاڻ ۽ ڊي اي پي ڀاڻ تي ۽ زرعي دوائن تي کين سبسڊي ڏيندي هارين ۽ آبادگارن کي سستي اگھ تي زرعي آلات ٽريڪٽر ۽ مشينون ڏياريندا پر اهي سڀ واعدا وفا هن وقت تائين نـ ٿي سگھيا آھن ويتر ئي يوريا ۽ ڊي اي پي ڀاڻ جي اگھن ۾ اضافو ٿيندو پيو وڃي هن وقت ڪڻڪ جي پوکائي جو عمل شروع ٿيڻ وارو آهي جنهن سبب ڪڻڪ جو ٻيڄارو هن وقت تمام مهانگي اگھن تي مارڪيٽ ۾ وڪرو ڪيو پيو وڃي ان کان علاوا يوريا ۽ ڊي اي پي ڀاڻ پڻ مهانگي اگھن تي وڪرو ٿي رهيو آهي هر طرف کان هارين کي لٽيو ۽ ڦريو پيو وڃي ڪنهن کي ڪير به ڪجھ چوڻ لاء تيار نه آهي يوريا ۽ ڊي اي پي ڀاڻ وڪرو ڪندڙن ۽ ڪڻڪ جو ٻيڄارو وڪرو ڪندڙن کي کليل ڇوٽ مليل آهي جنهن سبب اهي پنهنجي من پسند اگھن تي هارين کي لٽي ۽ ڦري رهيا آهن ، هارين سان ظلم ڪيو پيو وڃي هن وقت هر شيء جا اگھ ھڪ ڀيرو ٻيھر وڌڻ شروع ٿيا آهن عام واهپي جي شين جا اگھ وڌي ويا آهن دوائون پڻ مهانگيون ٿينديون پيون وڃن پر انجي ابتڙ غريب ھارين جي فصل جوڀاجورو کين نـ جي برابر ڏنو پيو وڃي
هن وقت سارين جو فصل پڻ پچي تيار ٿي چڪو آهي جنهن سبب هاري ۽ آبادگار اهو مطالبو ڪن ٿا هن وفاقي حڪومت کان ته اهي فوري طور تي سارين جو امدادي اگھ پڻ مقرر ڪن ڇو ته هن وقت مقامي سارين جا ڊيلر ۽ واپاري هارين ۽ آبادگارن کان پنهنجي مرضيء جو ريٽ مقرر ڪري کين لٽي رهيا آهن جنهن سبب هارين کي فائدي بجاء ڪافي نقصان پئجي رهيو آهي هتان جا مقامي واپاري هڪ منظم سازش تحت هڪ هٽي قائم ڪندي پاڻ ۾ اتحاد قائم ڪري هر روز سارين جي اگھ کي گھٽ ڪري رهيا آهن هاري آبادگار ٻڏتر جو شڪار آهن ته آخر هو ڪن ته ڇا ڪن اگر ساريون وڪرو ڪن ٿا ته کين لکين روپين جو نقصان ٿئي ٿو اگر نٿا ڪن ته پوء قرضدار انهن جي درن تي اچي کين گهٽ وڌ ڳالهائي هليا ٿا وڃن انهن سان به منهن ڏئي اگر اهي ساريون وڪرو ڪرڻ بجاء اسٽور ڪري رکن به ٿا ته کين ڪير پڪ ڏياري ته ڪجھ ڏينهن کانپوء اگھن ۾ اضافو ڪيو وڃي ھن وقت جيڪو اگھ ھارين کي ڏنو پيوـوڃي اھو تمام گھٽ آھي هن وقت سارين جو فصل مارڪيٽ م اچي چڪو آهي تمام ضروري آهي ته حڪومت فورن سارين جي امداي اگھ ۾ پڻ اضافو ڪندي سارين جي امدادي سرڪاري اگھ جو اعلان ڪيو وڃي ته ڪافي بهتر ٿيندو ان سان هاري هنن مقامي لالچي منافعي خور واپارين هٿان لٽجڻ کان بچي سگھندا ۽ انهن کي اهي مقامي سارين جاواپاري پوء مجبور ٿي مناسب اگھ سندن کي سارين جو ڏيندا اگر امدادي اگھ مقرر نه ٿيو ته پوء اهي واپاري هر روز هارين کي اهو چوندا ته مٿان کان چانورن جو ريٽ گھٽ ٿيو آهي تنهنجي ڪري هڪ ته اسان هن وقت ساريون خريد نٿا ڪريون پر ڇو ته توهان اسان جا پراڻا گراهڪ آهيو ان جي لاء اسين توهان کان ساريون ته وٺون ٿا پر يار اگھ هيترو توهان کي ڏينداسين ۽ پيسا به هڪ ٻن مهينن کان پوء ڏينداسين ۽ اوهان جي سارين ۾ موسچر به وڌيڪ آهي ان جي لاء في مڻ ته ٻه کان ٽي ڪلو ڪٽوتي پڻ ڪنداسين اهو هاري ويچارو جيڪو ڪنهن مجبوري سبب پنهنجيون ساريون ڪارخاني تي آڻيندو آهي اهو سوچيندو آهي ته هيڏو خفو ڪري ٽريڪٽر جو ڪرايو ڀري مزدوري ڀري ڪانٽي جا پيسا ڀري ساريون ڪارخاني تائين کڻي آيو آهيان هاڻي ڇا ڪيان ڪيئن واپس وڃا ان لاء اهو مجبور هاري ان واپاري وٽ ساريون ڀڳڙن مٺ برابر اگھ تي کيس ڏئي هٿين خالي واپس هليو ويندو آهي هارين جي ڀلائي لاء ٺهندڙ ادارا ۽ اين جي اوز پڻ هن وقت هارين لاء ڪجھ به نه ڪري سگھيا آهن هارين جي ڀلائي لاء ڪم ڪندڙ اهي فلاحي ادارا هن وقت ڪٿي به نظر نٿا اچن هوڏانهن ڪارخانيدارن پاران ٺاهيل رائيس ملرز ايسوسيئيشن وارا سفيد هاٿي طور تي تمام ڪارخانيدارن کي مڪمل سپورٽ ڪري رهيا آهن جنهن سبب اهي واپاري هر روز اگھ ۾ ڦير ڦار ڪري غريب هارين سان ظلم ڪري رهيا آهن وفاقي حڪومت سميت صوبائي حڪومت جو پڻ اهو فرض آهي ته اهي مقامي سطح تي مانيٽرنگ سيل جوڙي اهڙن واپارين مٿان نظر رکن جيڪي موسچر جو بهانو بڻائي هارين کان في مڻ تي ٻه کان ٽي ڪلو ڪٽوتي ڪن ٿا ۽ هر روز اگھن ۾ ڦير ڦار ڪري پاڻ ته پرائي پيسي تي ڪروڙ پتي بڻجي وڃن ٿا پر جن محنت ڪري انهن تائين ساريون پهچايون آهن اهي ويچارا هاري وڌيڪ قرضدار بڻجي وڃن ٿا اهڙن واپارين کي پڻ ڪن مهٽ ڪري کين پابند ڪيو وڃي ته اهي نه ڪٽوتي ڪن ۽ نه ئي پنهنجي مرضي سان اگھن ۾ ڦير ڦار ڪن اگر انهن ڳالهين تي واپاري عمل نه ڪن ته پوء سندن جا لائسنس ڪئنسل ڪري سندن خلاف قانوني ڪاروائي ڪئي وڃي
سارين جي امدادي اگهه ۾ اضافي جو مطالبو
سنڌيار سکر 21 نومبر 2024ع
سنڌيار ڪراچي 21 نومبر 2024ع
راولپنڊي پوليس عمران خان جي نئين ڪيس ۾ گرفتاري ڄاڻائي ڇڏي
عزه ۾ جنگبندي جو ٺهراءُ چوٿون ڀيرو آمريڪا ويٽو ڪري ڇڏيو
چوپائي مال ۽ ماهيگيرن لاءِ انقلابي منصوبن تي ڪم ڪنداسين: ملڪاڻي
وفاقي حڪومت سان اختلافن جي نبيري لاءِ پي پي پاران ڪميٽي قائم
عوام کي پيئڻ جو صاف پاڻي ۽ سستي بجلي فراهم ڪرڻ ترجيح آهي
توشه خانه ٽو ڪيس ۾ عمران خان جي ضمانت منظور
سنڌ پوليس لاءِ جديد هٿيار خريد ڪرڻ جو آرڊر ڏنو آهي: لنجار
ڪئنال اڏڻ واري منصوبي خلاف ايس ٽي پي سڪرنڊ باءِ پاس تي ڌرڻو
بنون چوڪي تي حملو، 12 جوان شهيد، 9 خارجي دهشتگرد مارجي ويا
سلام آهي سنڌ جي ماڻهن کي جن سرڪار کي ڪالاباغ ڊيم ٺاهڻ کان روڪيو
مڇي مارڻ لاءِ ماحول دوست ۽ جديد طريقا اختيار ڪريو، شاهه
پيپلز پارٽي پبلڪ اڪائونٽس ڪميٽي جي سربراهي گهري ورتي
اسلام آباد ۽ رياض کي جاڙا شهر قرار ڏيڻ جي تجويز، سعودي جو اتفاق
ناڪاره جهاز جي ڪراچي کان حيدرآباد منتقلي
بخشاپور ۾ اڻڄاتل هٿياربندن هٿان ڦر دوران مزاحمت تي ڳوٺاڻو قتل
ٿرڙي ۾ هٿياربندن جي فائرنگ، هڪ ڄڻو مارجي ويو، هڪ زخمي
سڳين ۾ منشيات جو وڪرو عام، نوجوان منشيات واپرائڻ سبب فوت