اسلام آباد(بيورو رپورٽ) عالمي مالياتي فنڊ (آءِ ايم ايف) پاڪستان جي سالياني ٽيڪس وصولي جي هدف ۾ 64 ارب رپين جي گهٽتائي ڪري ڇڏي آهي.ذريعن جو چوڻ آهي ته آءِ ايم ايف سالياني ٽيڪس وصولي جو هدف 1,297 ارب رپين کان گهٽائي 1,233 ارب رپيا ڪري ڇڏيو آهي. آءِ ايم ايف ٽيڪس وصولي جي هدف ۾ 64 ارب رپيا گهٽتائي ڪري ڇڏي آهي.ذريعن موجب ايف بي آر آءِ ايم ايف کان ٽيڪس وصولي 1233 ارب رپين تائين وڌائڻ جو واعدو ڪيو آهي. ٽيڪس وصولي ۾ گهٽتائي آءِ ايم ايف سان معاهدي کي متاثر ڪري سگهي ٿي.
