سالڪ جو پرڏيهي پاڪستانين جا پاسپورٽ بلاڪ ڪرڻ جو نوٽيس

اسلام آباد(بيورو رپورٽ) وفاقي وزير چوڌري سالڪ اوورسيز پاڪستانين جا پاسپورٽ بلاڪ ٿيڻ جو نوٽيس ورتو.وفاقي وزير چوڌري سالڪ حسين ان حوالي سان گهرو وزارت کي خط لکيو آهي. پاڪستان بزنس فورم فرانس هي مسئلو وفاقي وزير سان اٿاريو هو.چوڌري سالڪ چيو آهي ته هي هڪ تمام حساس معاملو آهي، معاملي جي فوري طور تي جاچ ٿيڻ گهرجي، اوورسيز پاڪستاني اسان جو سرمايو آهن، انهن کي ناانصافي سان تنگ نه ڪيو وڃي.هن چيو آهي ته اوورسيز پاڪستانين سان زيادتي برداشت نه ڪئي ويندي ۽ اوورسيز پاڪستانين لاءِ ايئرپورٽن تي سهولت ڊيسڪ قائم ڪيا ويندا.

پهنجو تبصرو موڪليو