سانگهڙ ۾ ٽائر ڦاٽڻ سبب ڪار ڪلٽي، عورت سميت 2 ڄڻا فوت، 8 زخمي

سانگهڙ(ن س) سانگهڙ ڀرسان افسوسناڪ حادثو پيش آيو آهي، 23 چڪ وٽ ڪار جو ٽائر برسٽ ٿيڻ ڪري عورت سميت ٻه ڄڻا فوت جڏهن ته 8 زخمي ٿي پيا جن کي سول اسپتال منتقل ڪيو ويو آهي.رپورٽ موجب ڳوٺ مير محمد انڙ جا رهواسي هڪ ئي گهر جا ٻارڙن سميت 9 ڀاتي سانگهڙ ويجهو 83 چڪ پنهجي مائٽن ڏانهن وڃي رهيا هئا ته سانگهڙ ويجهو 23 چڪ وٽ ڪار جو ٽائر ڦاٽڻ سبب ڪار ڪلٽي ٿي پئي ڪار ۾ سوار هڪ عورت ارباب زادي زال محمد رمضان انڙ ۽ محمد امين فوت ٿي ويا جڏهن ته محمد، عورتون ساران، خديجا، ۽ ٻارڙا زينت، حميره، طاهره،دعا، رمضان، مهربان انڙ شديد زخمي ٿي پيا.زخمين ۽ فوتين کي سول اسپتال سانگھڙ آندو ويو جتي طبي امداد بعد زخمين کي ڳڻتي جوڳي حالت ۾ نوابشاهه اسپتال منتقل ڪيو ويو زخمين ۾ معصوم ٻارڙا به شامل آهن.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو