ملير(رپورٽ درياخان شر) سپر هاءِ وي تي قائم نيو سبزي منڊي ۾ ٻن ڌرين ۾ جهيڙو ٿي پيو ۽ فائرنگ جي نتيجي ۾ هڪ ڄڻو موقعي تي مارجي ويو ۽ 4 ڄڻا ٻيا زخمي ٿي پيا. ايس ايس پي مليرعرفان بهادر موجب فائرنگ جي واقعي بعد پوليس هڪدم پهتي ۽ ٻن هٿيار بندن کي هٿيارن سميت گرفتار ڪيو ويو آهي. هن ٻڌايو ته زخمين کي اسپتال منتقل ڪيو ويو آهي جن مان ٻن جي سڃاڻپ اسماعيل ۽ اسحاق جي نالي سان ٿي آهي. فائرنگ ۾ ملوث ٻنهي جوابدارن مومن ۽ بسم الله کي هٿيارن سميت گرفتار ڪيو ويو آهي جڏهن ته واقعي واري هنڌان وڌيڪ شاهديون گڏ ڪيون پيون وڃن. ٻئي طرف فائرنگ ۾ مارجي ويل جو لاش عباسي شهيد اسپتال موڪليو ويو آهي جتي سندس سڃاڻپ سيف الرحمان جي نالي سان ٿي آهي.
تازيون خبرون
مشهور خبرون
![](https://www.dailysindhyar.com/wp-content/uploads/2024/06/patti-1-1536x173-1.jpg)