اسلام آباد (بيورو رپورٽ)پاڪستان ۽ آءِ ايم ايف وچ ۾ ست ارب ڊالر قرض پروگرام جي ايندڙ قسط لاءِ ڳالهيون جاري آهن. ذريعن موجب، قرض پروگرام جي ايندڙ قسط لاءِ ڳالهين ۾ آءِ ايم ايف، ايف بي آر ۽ بي آءِ ايس پي عملدار شريڪ ٿيندا. ذريعن جو چوڻ آهي ته ايف بي آر 605 ارب رپين جي ٽيڪس شارٽ فال پورو ڪرڻ لاءِ منصوبو آءِ ايم ايف حوالي ڪري ڇڏيو، جنهن ۾ ٻڌايو ويو آهي ته ٽيڪس اوڳاڙي جو شارٽ فال پورو ڪرڻ لاءِ ڪابه مني بجيٽ نه آندي ويندي.ذريعن موجب، شارٽ فال پورو ڪرڻ لاءِ عدالتن ۾ هلندڙ ٽيڪس ڪيسن کي جلد اڪلايو ويندو، حڪومت عدالتن ۾ ٻڌڻي هيٺ ٽيڪس ڪيسن ۾ ڀرپور سهڪار جي خاطري ڪرائي ڇڏي. ذريعن جو چوڻ آهي ته چيف جسٽس به ٽيڪس ڪيسن جي ٻڌڻي جلد ڪرڻ جي درخواست منظور ڪري ورتي، جڏهن ته سپريم ڪورٽ ۾ ايندڙ هفتي سپر ٽيڪس ڪيس جي ٻڌڻي شروع ٿيندي. ذريعن موجب، ايف بي آر کي سپر ٽيڪس ڪيس جي مد ۾ 157 ارب رپيا حاصل ٿيڻ جي اميد آهي، ونڊ فال منافعي ٽيڪس ڪيس حڪومت اڳ ئي کٽي چڪي آهي، ونڊ فال تي ٽيڪس سان حڪومت کي 23 ارب رپيا اوڳاڙي ڪندي. ذريعن موجب، آءِ ايم ايف، بي آءِ ايس پي کان رقم جي ورهاست تي بريفنگ ڪئي، بي آءِ ايس پي سان آءِ ايم ايف وفد ٻيهر ملاقات ڪندو. ذريعن موجب، اڄ سرڪاري آفيسرن جي اثاثن کي ڊڪليئر ڪرڻ جو تيار ڊرافٽ آءِ ايم ايف حوالي ڪيو ويندو. ذريعن جو چوڻ آهي ته آءِ ايم ايف سول سرونٽس ايڪٽ ۾ ترميم ۾ ٻارن جي تعليمي ادارا به ٻڌايا وڃن، ان کانسواءِ گهر جي آمدني جا ذريعا ٻڌايا وڃن، زال مڙس جي اثاثن جي پاور آف اٽارني جي معلومات ڏني وڃي.
