بيجنگ: (ويب ڊيسڪ) چين جي ٽيڪنالاجي ڪمپني(لينووو) 20 منٽن ۾ سج جي روشني سان چارج ٿيندڙ نئين تصوراتي ليپ ٽاپ جو اعلان ڪري ڇڏيو آهي.پرڏيهي خبرون ڏيندڙ اداري موجب شمسي توانائي سان چارج ٿيندڙ ليپ ٽاپ جو اعلان تازو ئي ٿيندڙ موبائل ورلڊ ڪانگريس ۾ ڪيو ويو جيڪو صارفين جي ورڪ فروم هوم جي بجاءِ ورڪ فرام سن جي طرف راغب ڪندو.رپورٽ موجب ڪمپني اڃان تائين شمسي توانائي سان هلندڙ ليپ ٽاپ(يوگا سولر پي سي) جي پروڊڪشن جي حوالي سان ڪجهه ناهي ٻڌايو پر انهي جي ٿنڪ بڪ پلس جي سوچ شروعاتي طور تي 2023 ۾ موبائل ورلڊ ڪانگريس ۾ پيش ڪئي وئي هئي جيڪا هاڻ جون 2025 ۾ 3 هزار 499 ڊالر ۾ دستياب هوندي پر ليپ ٽاپ في الحال صرف هڪ سوچ آهي.ٽيڪنالاجي ويب سائيٽ موجب ليپ ٽاپ 20 منٽن ۾ سج جي روشني سان فوري طور تي چارج ٿيندو جيڪو 1 ڪلاڪ جو وڊيو پلي بيڪ ڏئي سگهي ٿو. الٽرا دين ليپ ٽاپ جي ٿولهه صرف 15 ملي ميٽر هوندي جڏهن ته ليپ ٽاپ جو وزن 1.22 ڪلو(تقريبن 5 آءِ فونز جي برابر) کان به گهٽ ٿي سگهي ٿو. ليپ ٽاپ جي پٺيان ننڍا شمسي پينلز لڳل هوندا جيڪي بيٽري چارج ڪرڻ لاءِ ڪنهن به ذريعي سان روشني جو استعمال ڪري سگهن ٿا پر وڌيڪ شمسي توانائي سان هلندڙ اوزارن جيان سج جي روشني کي استعمال ڪندا.
