سخي ڄام ڏاتارجو 753 هون عرس ۽ انتظاميان پاران کنيل قدم

اعجازتيوڻو
حضرت سيد اصغرعلي شاھه المعروف سخي ڄام ڏاتار جو شمار انهن مشهور برزگ هستين درويشن ۾ ٿئي ٿو جن وقت جي يزيدن سان مهاڏو اٽڪائي حق،سچ ۽ دين اسلام جي خاطر پنهنجا سر ڏيڻ کان نه ڪيٻايو آهي سنڌ ڌرتي صوفين ولين، پيرن فقيرن ۽ درويشن جي ڌرتي طور سڃاتي وڃي ٿي هن ڌرتي عظيم هستين کي جنم ڏنو آهي جنهن ۾ حضرت لعل شهباز قلندر،شاھ عبداللطيف ڀٽائي،عبدالله شاھ غازي،سچل سرمست،عبدالرحيم گرهوڙي،سيد اصغر علي شاھ المعروف سخي ڄام ڏاتار سميت ڪيترائي بزرگ شامل آهن سخي ڄام ڏاتار جي درگاھ نوابشاھ کان اتر اوڀر طرف 24 ڪلو ميٽر جي مفاصلي تي ڄام صاحب شهر ۾ آھي .سخي ڄام ڏاتار جي درگاھ محبت ڀائيچاري جي درسگاھ بڻيل آهي پاڻ صابرين بزرگ طور پڻ مشھور آھن ماڻهون کين ڪيترن ئي نالن سان سڏيندا هئا جيئي ڄام ڏاتار،ڄام صاحب وغيره پر اڪثر پاڻ سخي ڄام ڏاتار جي نالي سان مشهور آهن.
نگاہیں ولی میں وہ تاثیر دیکھی
بدلتی ہوئی ہزاروں کی تقدیر دیکھی

سخي ڄام ڏاتار اهو واحد اولياءِ الله آهي جنهن جي شهر ۾ ڪابه ٻه ماڙ جڳھ ناهي خاص درويش نفسياتي بيماري يا چريا هن درگاهه جي قبرستان جي وڻن سان ٻڌا ويندا آهن ۽ هن ولي جي صدقي الله سائين انهن کي شفا ڏي ٿو. سنڌ جي مشهور چوڻي رهي آهي ته ڏاتار جي ڪاتي سڪندي ناهي 24 ڪلاڪ هتي ماڻھون پنھنجون باسون پوريون ٿيڻ تي ڇيلا ۽ ٻيا ڍورن جي خيرات ڪندا رھندا آھن ڪوس ھلندو رھندو آھي ولي جي ايثال ثواب لاءِ خيراتون پڻ ڪيون وينديون آهن.
سخي ڄام ڏاتار جو ٽن ڏينهن وارو ساليانو عرس مبارڪ (ميلو) اوقاف کاتي ۽ ضلع انتظاميان جي نگراني ۾ سرڪاري طور هر سال وانگر ھن سال پڻ (اڄ) 11، 12 ۽ 13 نومبر 2024 تي ڄام صاحب شهر ۾ شروع ٿي رهيو آهي ان سلسلي ۾ انتظام مڪمل ڪيا ويا آهن جڏهن ته درگاھ سخي ڄام ڏاتار کي پڻ رنگين بلبز سان سينگاريو ويو آهي عرس دوران انتظامن جي نگراني ڪرڻ لاءِ اسسٽنٽ ڪمشنر دوڙ جي سربراهي ۾ ميلا مينجمنٽ ڪميٽي پڻ جوڙي وئي آهي جيڪا ٽئي ڏينهن عرس جي انتظامن جي نگراني ڪندي رهندي سخي ڄام ڏاتار جي مزار کي 11 نومبر (سومر )تي صبح جو فجر وقت درگاھ جي فقيرن پاران گلن جون چادرون چاڙهيون وينديون جڏھن ته اڄ عرس جو باقائدا افتتاح ڪمشنر شھيد بينظيرآباد ڊويزن سيد محمد سجاد حيدر،ڊپٽي ڪمشنر شهيد بينظيرآباد شھريار گل ميمڻ درگاھ جو سجاده نشين فقير نويد حسين وسطڙو ۽ ٻيا درگاھ تي گلن جي چادر چاڙهي ڪندا. عرس جي تقريبن لاءِ پوليس پاران سيڪيورٽي جا پڻ سخت انتظام ڪيا ويا آھن درگاھ جي سمورن رستن تي واڪ ٿرو گيٽ لڳايا ويا آهن ٻئي طرف ٽائون انتظاميه پاران روڊ رستن جي صفائي ڪرائي پاڻي جا ڇٽڪار ڪرائڻ کان علاوه عقيدت مندن کي سھولتون فراھم ڪرڻ لاءِ قدم کنيا ويا آھن عرس جي موقعي تي ٽن ڏينهن واري تقريبن جي ٻئي ڏينهن تي درگاھ جي احاطي ۾ پاڪستان عالمي مشائخ ڪائونسل پاران صوفي امن ڪانفرنس پڻ منعقد ڪئي ويندي جنهن ۾ ملڪ جي مختلف درگاهن جا گادي نشين شرڪت ڪندا ۽ برزگن جي ڏنل پيار ۽ محبت جي پيغام کي عام ڪندا جڏهن ته ميلي ۾ مختلف کاتن پاران اسٽال لڳايا ويا آھن صحت کاتي پاران ميڊيڪل ڪيمپون پڻ لڳايون ويون آهن ميلي دوران ڀلين ٻڪرين ڏاندن سميت ٻين جانورن جي نمائش ڪئي ويندي جڏھن ته عرس جا ٽئي ڏينهن ڪوڏي ڪوڏي راند، گهوڙن جي ڊوڙ ۽سنڌ جي ثقافتي راند ملهه جا مقابله به منعقد ٿيندا ميلي جي آخري ڏينهن تي ضلع انتظاميان پاران راڳ رنگ جي محفل ۽ سگهڙ ڪچهري پڻ منعقد ڪرائي ويندي جنهن ۾ سنڌ جا مشهور فنڪار شمن علي ميرالي، فرزانہ بھار ۽ ٻيا فنڪار پنهنجي فن جو مظاهرو ڪندا.

پهنجو تبصرو موڪليو