سرفراز فارغ، اظهر علي ٽيسٽ ۽ بابر ٽي ٽوئنٽي جا ڪپتان مقرر

لاهور(ويب ڊيسڪ) پاڪستان ڪرڪٽ بورڊ ٽيسٽ ۽ ٽي ٽوئنٽي جي ڪپتاني تان سرفراز کي هٽائي ڇڏيو آهي. پي سي بي جي جاري ڪيل بيان موجب وڪٽ ڪيپر بيٽسمين سرفراز آسٽريليا جي دوري دوران ٽيسٽ سيريز ۾ ڪپتان نه هوندو. ٽيسٽ جو نئون ڪپتان اظهر علي ۽ ٽي ٽوئنٽي جو نئون ڪپتان بابر اعظم هوندو. بورڊ موجب ون ڊي جي ڪپتاني جو فيصلو بعد ۾ ڪيو ويندو. ذريعن جو چوڻ آهي ته اها به سرفراز کي نه ملندي. سريلنڪا جي ناتجريبڪار ٽيم هٿان ٽي ٽوئنٽي ۾ وائيٽ واش ٿيڻ بعد سرفراز جا ستارا گردش ۾ هئا. هن پي سي بي جي فيصلي بابت چيو ته هو قومي ٽيم جي اڳواڻي تي فخر محسوس ڪري ٿو جيڪو فيصلو ٿيو کيس قبول آهي. هن اظهر علي ۽ بابر اعظم جي ڪاميابي لاءِ نيڪ خواهشن جو اظهار ڪيو آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو