سريلنڪا جو پاڪستان کي کٽڻ لاءِ 131 رنسن جو حدف

گال: (ويب ڊيسڪ) گال ٽيسٽ جي چوٿين ڏينهن سريلنڪا جي ٽيم پنهنجي ٻئي اننگز ۾ 279 رنسون ٺاهي آئوٽ ٿي وئي. ميزبان ٽيم پاڪستان کي کٽڻ لاءِ 131 رنسن جو حدف ڏئي ڇڏيو آهي.ٻئي اننگز ۾ سريلنڪا طرفان دهننجيا ڊي سلوا 82 رنسون ٺاهي نمايان رهيو. جڏهن ته نشان مدوشڪا 52 ۽ رميش مينڊس 42 رنسن جي اننگز کيڏي.دنيش چنديمل 28 رنسن جي اننگز کيڏي جڏهن ته ديموٿ ڪرونا رتني 20 ۽ ڪوشال مينڊس 18 رنسون ٺاهي آئوٽ ٿيا.پاڪستان طرفان نعمان علي ۽ ابرار احمد 3-3 وڪيٽون حاصل ڪيون جڏهن ته شاهين آفريدي ۽ سلمان آغا 2-2 رانديگرن کي آئوٽ ڪيو.

پهنجو تبصرو موڪليو